سنڌ

ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي جهر جنگ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي:بخشل ٿلهو

چمبڙ ۾ سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي هاري اڳواڻ ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ڳوٺ بلندو ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهي، هاري سيڪريٽري فيض ڪيريو، اي ڊبليو پي ٽنڊوالھيار جي صدر هاشم لغاري، ثمر جتوئي، مقبول لغاري، ناصر لغاري، حافظ محمد يوسف انڙ، عقيل سريوال ۽ شفيع محمد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي انقلابي ليڊر هو، جنهن جهر جنگ ۽ ڳوٺن جا پنڌ ڪري هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، اسان وچن ٿا ورجايون ته ڪامريڊ علي محمد جي رستي تي هلنداسين. هاري پورهيت ۽ مظلوم طبقا گڏجي هڪ ڏينهن ضرور پورهيت راڄ جوڙينداسين. ڪامريڊ فيض ڪيريو چيو ته ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي اهو انقلابي اڳواڻ هو جنهن چاهيو ٿي ته هاري جو ٻار ڄامشورو، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پڙهي، هن هارين کي پنهنجي حقن لاءِ گڏ ڪيو، هو پوري زندگي هاري طبقي لاءِ پتوڙيندو، لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ طبقاتي جدوجهد، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، هاري ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ مختلف ڳوٺن جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button