سنڌ

عرفان جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي:رضوان مهر

ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل ڪيس جي سلسلي ۾ شهيد عرفان مهر جي پٽ ۽ ڀائرن پريس ڪانفرنس ڪئي. سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد عرفان مهر جي پٽ ڪاشف مهر ۽ ڀائرن رضوان مهر ۽ عمران مهر پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي بيگناهه ڀاءُ عرفان مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن سندس سالي غلام اڪبر مهر، سنڍو رحيم بخش مهر ۽ واجد جکري کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي. هنن چيو ته مرحوم جي گهر واري جيڪا هن وقت فرار آهي، ان کي به پوليس سان تعاون ڪري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي. رضوان مهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ٽيم تي مڪمل اعتماد آهي اسان ساڻن هر طرح جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ان وقت تائين ساڻن گڏ هونداسين جيسين قاتلن کي منطقي انجام تائين ڪونه ٿا پهچايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button