سنڌ

شيخ ڀرڪيو ڀرسان 10 گهرن کي باهه لڳي وئي،الهه تلهه سڙي رک

شيخ ڀرڪيو ويجهو 10 گهرن کي باهه لڳي وئي، الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب شيخ ڀرڪيو ويجهو ڳوٺ کٻڙ خان لغاري جي ڪولهي پاڙي ۾ ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ حڪيمون ڪولهي، ويسريو ڪولهي، وليو ڪولهي، مصري ڪولهي سميت 10 گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ، بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. باهه متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اوچتو باهه گهرن کي وڪوڙي وئي، جنهن ۾ اسان رڳو پنهنجي جان بچائي نڪتاسين. هنن چيو ته هن وقت اسان سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button