پاڪستانسنڌ

صحافي مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائين ٿا:ضيا عباس

ٽنڊوالهيار: صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروس ضيا عباس شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي، عام ماڻهو ٻن وقتن جي ماني جي ڳڀي لا پريشان آهي، اهڙي مشڪل وقت ۾ صحت جون بنيادي سهولتون ڏيڻ هڪ سٺو عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوالهيار جي مرتضى ڏاڏاهي هال ۾ ٽنڊوالهيار يونين آف جرنلسٽ پاران ڪنسيڪشن ليبارٽري ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ آيل صحافين ۽ معززن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته صحافي به اسان جي ملڪ جو چوٿون ٿنڀ آهن، انهن کي به اهي سهولتون ملڻ گهرجن، صحافي هن ملڪ جي مظلوم عوام جو آواز ايوانن ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ تمام بهترين قدم کنيو آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتر ڪم ڪري رهي آهي، جلد ضلعي انتظاميا سان ملي ڪري ٽنڊي الهيار پريس ڪلب جي نئين عمارت جو بنياد وجهنداسين. تقريب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻ جنيد خانزادي خطاب ڪندي چيو ته اسان اڳ به صحافين کي ٽن ٽن لکن جا هيلٿ ڪارڊ ڏنا ته جئين بيمار صحافي پنهنجو علاج بهتر ڪرائي سگهن، هاڻ صحافين کي ريسرچ ليبارٽري جا ڪارڊ ڏئي رهيا آهيون، انهن ڪارڊن تي ليبارٽري ۾ ٿيندڙ ٽيسٽن تي 50 سيڪڙو رعايت هوندي. تقريب ۾ ضيا عباس شاهه، جنيد خانزاده، آفتاب ميمڻ، محمد حسن خان، علي نعيم، عبدالڪريم شيخ ۽ ناصر حسن خان صحافين ۾ ڪنسيڪشن هيلٿ ڪارڊ ورهايا. تقريب ۾ پ پ اڳواڻ آفتاب احمد جوڻيجو، احمد خان ڪولاچي، پرويز سمون، خالد ٿيٻو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button