سنڌ

لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي ۾گٽر نالي جي صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي لوهي پل واري علائقي جي رهواسين نيڪال لاءِ ٺهيل نالي جي صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سڪندر علي جتوئي، محمد مٺل چانڊيو، احمد علي خشڪ، نياز بليدي، منور دايو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته يوسي 4 وارڊ 3 نظر پاڙي جي لوهي پل واري علائقي ۾ هڪ سال کان گندي پاڻي جي نيڪال واري نالي جي صفائي ناهي ڪرائي وئي، جنهن ڪري نالي مان گندو پاڻي ٻاهر نڪري گهرن توڙي گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ جمع ٿي ويو آهي، جڏهن ته مسجدن ڏانهن ويندڙ نمازين سميت اسڪول ويندڙ نياڻين کي تڪليف جو منهن ڏسڻُ پوي ٿو. اهڙي شڪايتون لکت ۾ اسان ڊي سي لاڙڪاڻو، ميونسپل انتظاميا بار بار ڪيون پر تنهن باوجود هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ وسوارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي نالي جي صفائي سٿرائي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button