اسڪول واري زماني ۾ سنڌي نصاب ۾ هڪ سبق اسان مان گهڻن پڙهيو هوندو، جنهن جو عنوان هوندو هو، “انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جو اسڪول.” اهي ٻار جيڪي پيدائشي طور معذور هوندا هئا، انهن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪيو ويندو هو. پر هن وقت ملڪ ۾ جيڪا حڪومت هلي رهي آهي، سا به انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جي حڪومت آهي. جيڪا عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ نٿي ڳالهائي، جيڪا عوام جو داد فرياد نٿي ٻڌي ۽ جيڪا مهانگائي سبب ٿيندڙ ڪلور کي نٿي ڏسي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي پي ٽي آءِ سرڪار عوامي مسئلن لاءِ ڪيتري سنجيده آهي.
شايد پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي اهو اندازو نه هو ته ڪنهن ڏينهن هڪ اهڙو ماڻهو حڪمران طور عوام تي مڙهيو ويندو، جنهن جو مقصد رڳو پنهنجو پاڻ کي وزير اعظم چورائڻ هوندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ٿوري سنجيدگي اختيار ڪن ها ته شايد اهي ٻئي پارٽيون به هاڻوڪا ڏکيا ڏينهن نه ڏسن ها. پر نواز ليگ پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ نه رڳو سياسي سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو بلڪه ان جمهوري نظام کي هلائڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ سان ڪيتريون ئي ونگارون به وهيون. پر جيئن ته پيپلز پارٽي سدائين اقتدار لاءِ “ڪمپني بهادر” ڏانهن واجهائيندي رهندي آهي تنهنڪري هن نواز ليگ تي اعتبار ڪرڻ بدران “ڪمپني بهادر” تي اعتبار ڪيو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ پيپلز پارٽي وس ڪري رهي آهي پر ان کي اها گهربل سهولت ڪانه پئي ملي، جنهن لاءِ اها جمهوريت سان ويساهه گهاتي ڪندي رهي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري اڄ به نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي. جنهن سان نه رڳو پي ٽي آءِ جي فاشسٽ حڪومت کي طاقت ملي رهي آهي پر اها ٻنهي پارٽين جو تماشو به ڏسي رهي آهي. خبرون ته اهي به اچن پيون ته نواز ليگ سان معاملا سيٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويو آهي ۽ نواز شريف جي اشاري جي دير آهي پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ئي حڪومت ڊاهڻي آهي ته سڀاڻي پيپلز پارٽي نواز ليگ جي ايندڙ حڪومت به ڪيرائي سگهي ٿي، اها ته پنهنجا ڪلها پيش ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي آهي. نواز شريف جو اهو موقف بلڪل صحيح آهي ته هي تماشو آخر ڪيستائين هلندو. ڪيستائين غيرجمهوري قوتون سياستدانن کي بليڪ ميل ڪري انهن کي غير آئيني ۽ غيرقانوني طريقي سان سزائون پيون ڏيارينديون. ماضي ۾ به ائين ٿيندو آيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجين غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي ڪجهه وقت لاءِ اقتدار ڏيڻ تي راضي ٿي وينديون آهن ۽ ان کان پوءِ انهن جي حڪومتن خلاف سازشون شروع ٿي وينديون آهن. جڏهن ته حڪومتن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو وسيلو عوام ۽ سياسي پارٽيون هجڻ گهرجن پر هتي ته هر حڪومت ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ڇڏيندي آهي. جنهن جي ڪري نه ته سياسي طور پارٽيون مضبوط ٿي سگهيون ۽ نه ئي اهي اسٽيبلشمينٽ کي شڪست ڏئي سگهيون آهن، جيڪا انهن کي هر دور ۾ استعمال ڪندي رهي آهي.
پي ٽي آءِ کي ٽين قوت طور متعارف ڪرائڻ کان پوءِ جيڪا خواري اسٽيبلشمينٽ جي حصي ۾ آئي آهي، ان سان اسٽيبلشمينٽ جي ساک کي ته ڇيهو رسيو آهي پر ان کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ناهي ته سندس ڪردار سڄي دنيا ۾ وائکو ٿي ويو آهي ۽ دنيا هاڻ پاڪستان ۾ جمهوري نظام کي هڪ اهڙو هائبرڊ نظام قرار ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ بظاهر ته پارليامينٽ آهي ۽ سينيٽ ۾ به آهي پر انهن کي جي ڪا حيثيت ناهي. جيڪي به فيصلا ٿين پيا اهي ڪو ٻيو ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ هن وقت تائين ملڪ کي معاشي تباهي ته ڏني آهي پر ان سياست جي ڪلچر کي به خراب ڪيو آهي، جنهن جي ڪري عوام ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڏسو سياستدان ڪيترا خراب هوندا آهن، اهي عوامي مسئلن کي حل نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي انهن ۾ ايتري اهليت آهي جو اهي ملڪي معاملا هلائي سگهن. ان ڪري سياست تان ارواح کڻائڻ لاءِ به پي ٽي آءِ جهڙي پارٽيءَ جو جنم ٿيو آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي ته غِير سياسي ماڻهو ويٺا آهن ته ٻئي پاسي اهي ماڻهو آهن، جيڪي پي ٽي آءِ جي پيدوار نه آهن پر انهن تي پي ٽي آءِ جو رنگ ضرور چڙهي ويو آهي. يعني اهي سياست ۾ بدتميزي واري ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي اهو ڪم ئي ڏنو ويو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وارن کي چور چور چئو. اها ڳالهه ايترا ڀيرا ورجايو جو ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن. جنهن جي پويان پي ٽي آءِ پنهنجا گناهه لڪائڻ چاهي ٿي. پر ڇا اهڙي ريت سڀ ڪجهه بهتر ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙي ريت ملڪ لاءِ ڪو سياسي استحڪام پيدا ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته سياست جو ڪم ئي عوامي ۽ ملڪي معاملن کي بهتر ڪرڻ هوندو آهي. سماج ۾ جنم وٺندڙ تبديليءَ جو سڀ کان وڏو محرڪ ئي سياست هوندي آهي.
پي ٽي آءِ جي گذريل ساڍن ٽن سالن جي حڪومت ۾ نه رڳو اسٽيبلشمينٽ ان جو دفاع ڪندي رهي پر پيپلز پارٽي ان جي وڏي سهولتڪار به رهي آهي. پيپلز پارٽي پهرين پي ڊي ايم جهڙي اهم اتحاد کي خراب ڪيو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڏيڍ سر جي الڳ مسيت اڏي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ۾ لڳي پئي آهي ته اها اصولن جي سياست ڪندي پي ڊي ايم کان ڌار ٿي آهي. پر پيپلز پارٽي اهو فيصلو ڪري نه رڳو ملڪي سياست ۾ پنهنجي بدنيتيءَ جو ثبوت ڏنو پر ان سان عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کي به گهڻو وقت ملي ويو ۽ اها اڃا تائين قائم آهي، پيپلز پارٽي جيستائين چاهيندي تيستائين قائم رهندي. ڇاڪاڻ ته ان کي جيستائين ڪو اشارو نه ملندو تيستائين ان جا هٿ ٻڌل هوندا. جيستائين پيپلز پارٽي پنهنجي چٽي موقف تي قائم رهي عوامي طاقت وسيلي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندي ۽ رڳو اسٽيبلشمينٽ کي اشارن تي پئي ڪم ڪار هلائيندي تيستائين اها رڳو سنڌ تائين محدود رهجي ويندي. هن وقت پيپلز پارٽيءَ جو پنجاب ۾ حشر ڪهڙو آهي. ان کي اميدوار ئي نٿا ملن. جڏهن ته نواز ليگ پنهنجو ووٽ بينڪ اتي بحال رکيو آهي ۽ پي ٽي آءِ لاءِ پنجاب ۾ هاڻ ڪا همدردي ڪانهي.
آصف زرداري اهو ته چئي ٿو ته اسين ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا ۽ ڪي قوتون ان کي ٽوڙڻ چاهين ٿيون. پاڪستان کي بچائڻ لاءِ جنهن سياسي قد ڪاٺ جي ضرورت آهي، اهو گهٽ ۾ گهٽ آصف زرداريءَ جو ڪونهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياسي ذهن ئي ملڪن کي بچائيندا آهن، انهن کي سنئين دڳ تي وٺي ويندا آهن ۽ بهتر حڪمت عملين وسيلي عوام جا ڀرجهلا ٿيندا آهن پر ڇا آصف زرداريءَ کي ايتري آزادي آهي، بلڪه ڪنهن به سياستدان کي هتي ايتري آزادي آهي جو هو پنهنجي مرضي موجب فيصلو ڪري سگهي. نواز شريف سان رڳو ڀارتي صدر نريندر مودي ملڻ آيو هو ۽ هن کيس پنهنجي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ دعوت ڏني هئي ته کيس موديءَ جو يار ۽ غدار قرار ڏنو ويو هو. پر اڄ عمران خان نيازي موديءَ کي ڳالهين لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، تڏهن هو غدار نٿو لکيو وڃي. ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان کي ٽوڙيندڙ قوت ڪو سياستدان نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو سياسي ذهن. بلڪه هن ملڪ لاءِ خطرو اهي قوتون آهن، جيڪي جمهوريت دشمن آهن، جيڪي عوام جي ووٽ جو احترام نٿيون ڪن، جن کي جمهوري راڄ هڪ اک نٿو ڀانئين.
جيڪڏهن عمران خان نيازي وارو ايڊوينچر نه ڪيو وڃي ها ۽ نواز شريف کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سزا نه ڏني وڃي ها ته اڄ حالتون بهتر هجن ها. معاشي حالتون نارمل هجن ها. سياسي ڪلچر جي ههڙي حالت نه هجي ها، جيڪا هن وقت آهي ۽ عوام تي اهي ماڻهو نه مڙهيا وڃن ها، جنهن جي حيثيت هڪ يوسي سيٽ کٽڻ جي به ناهي. پر جيئن ته غير سياسي قوتون سدائين جمهوري قوتن کان ڊنل رهنديون آهن ۽ انهن کي ڪنهن به سياستدان جي عوامي مقبوليت قبول نه هوندي آهي، ان ڪري اهي نه رڳو سياستدانن کي پاسيرو ڪنديون آهن بلڪه انهن کي رستي تان هٽائي ڇڏينديون آهن.
هن وقت ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي هڪ موقعو مليو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کان پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين جو پلاند وٺن. جيڪڏهن انهن هيءَ موقعو به وڃايو ته اڳيان انهن لاءِ اڃا به ڏکيا ڏينهن هوندا. اهو ئي نيب جو ادارو هوندو هوندو جيڪو بنا ثبوتن جي ڪيس به پيو ٺاهيندو، جنهن ۾ سزائون پيا ڀوڳيندا ۽ ملڪي سياست جون واڳون ڪڏهن به انهن جي هٿن ۾ نه اچي سگهنديون. تنهنڪري پيپلز پارٽيءَ لاءِ به هيءَ سٺو موقعو آهي ته اها پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي ۽ کٽي وٺي، ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي هائبرڊ نظام ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪا گنجائش ناهي. هيءَ هڪ سياسي معذورن جي حڪومت آهي، جيڪا عوام کان جيئڻ جو هر وسيلو کسي رهي آهي. پر عمران خان نيازي جڏهن اقتدار ۾ نه هوندو ته هڪ ڏينهن هن کي به حساب ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪوبه عمل بنا نتيجي نه هوندو آهي. اسٽيبلشمينٽ جيڪي تجربا هيستائين ڪيا آهن، انهن سڀني مان بدترين تجربو عمران خان نيازيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو آهي.