ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مفاهمت ۽ مزاحمت جي وچ تي بيٺل ن ليگ

اعجاز منگي
پاڪستان مسلم ليگ ن پنهنجا اختلاف جيترا به دٻائي پر اهي ڪٿان نه ڪٿان ايئن نڪري ٿا اچن، جيئن وڍيل وڻ جا انگ مٽيءَ مان اڀري ايندا آهن. مسلم ليگ ن جي سلسلي ۾ هر سياسي ڄاڻو ڄاڻي ٿو ته ان ۾ منڍ کان وٺي ٻه واٽون رهيون آهن. هڪ واٽ مفاهمت جي آهي. ٻي واٽ مزاحمت جي آهي. ن ليگ ۾ اهو اختلاف ايترو ته گهرو آهي جو ان کي خاندان جو خون به لڪائي نه سگهيو آهي. پر هن ملڪ جي مخلوق کي منجهائڻ جي لاءِ ڪڏهن سئوٽ پاڻ ۾ ڳل ڳراٽي پائن ٿا ۽ ڪڏهن ڀائٽي چاچي جي سيني سان لڳي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته “اسان هڪ آهيون” جڏهن ته هو ڪڏهن به هڪ نه رهيا آهن.
ميان نواز شريف ان پارٽيءَ کي پنهجي نالي سان رجسٽرڊ ڪرائي ڄڻ ته وڏن جي ملڪيت مان ان کي ڪٽي ڇڏيو. ميان شهباز شريف سدائين ڪوشش ڪئي ته هو به پارٽيءَ جو حقيقي سربراهه بڻجي پر اهو رتبو هن کي هن مهل تائين حاصل ٿي نه سگهيو آهي. هن وقت به هن کي هر فيصلو وڏي ڀاءَ کان پڇي پوءِ ڪرڻو ٿو پوي. ميان شهباز شريف جي پوري ڪوشش هئي ته ميان نواز شريف کي سياست کان الڳ ڪري آرام ڪرائجي پر هن نه صرف پاڻ کي هن مهل تائين متحرڪ رکيو آهي پر پنهنجي هوندي پنهنجي سياسي پڳ پنهنجي ڌيءَ مريم جي مٿي تي رکي اٿائين. هن مهل پارٽيءَ ۾ واضح طور تي ٻه ڌڙا آهن. هڪ شهباز شريف جي منهن طرف تڪي فيصلو ڪندو آهي ۽ ٻيو مريم نواز کان پڇا ڪندو آهي ته ڪهڙو حڪم آهي؟
مريم نواز جي قيادت تي ابتدائي اختلاف رکڻ وارو شخص چوڌري نثار هو ۽ هن کي ان ڏوهه جي سزا اها ملي جو هو هن مهل تائين پارٽيءَ کان پري آهي. مريم نواز جي قيادت کان شهباز شريف به خوش نه هو پر هن پنهنجي وڏي ڀاءَ کي پنهنجي والد جو درجو ڏئي رکيو آهي. ان ڪري جڏهن به ڪا تڪراري ڳالهه جنم وٺندي آهي ته ميان نواز شريف ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي ننڍي ڀاءَ کي مڃائي وٺندو آهي. مسلم ليگ ن ۾ موجود اختلاف جو پتو پيپلز پارٽي کي به هو. ان ڪري مريم نواز سان ناراض ٿيڻ بعد بلاول شهباز شريف سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پي ڊي ايم ۾ هڪ قسم جو ڏار وجهڻ جو وجهه به کيس نظر ٿي آيو پر ميان نواز شريف پنهنجي ننڍي ڀاءَ کي عين وقت تي قابو ڪري ورتو. هن مهل به ميان شهباز جڏهن به ڪو موقف بيان ڪندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪوئي هن کان زبردستي بيان ڏياري رهيو آهي.
مريم نواز پنهنجي سياسي مستيءَ کي ڪڏهن به قابو نه ڪيو آهي. هن ڀيري جڏهن نيب جي سربراهه جو مدو وڌائڻ جي سلسلي ۾ حڪومت جي حمايت ڪرڻ جو سوال آڏو آيو ته مريم نواز فوري طور تي ان کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن هن کان اهو پڇيو ويو ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن موجوده ملڪي فوج جي سربراهه جي مدي ۾ واڌ تي راضي ٿي چڪي آهي ته پوءِ نيب جي سربراهه تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو؟ ان سوال جي جواب ۾ مريم نواز فوري طور تي اهو جواب ڏنو ته “ايڪسٽينشن جي گناهه ۾ مان شامل نه هئس” جڏهن ته پارليامينٽ ۾ موجود پوري پارٽيءَ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري فيصلي جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو. پر مريم نواز جو اهو موقف ڪيترو نه عجيب آهي، جڏهن هوءَ اهو چوي ٿي ته “ايڪسٽينشن جي ڏوهه ۾ هوءَ شامل نه هئي” ان جو مطلب اهو ٿيو ته مريم نواز پارٽيءَ کان مٿانهين آهي؟ يا هوءَ پارٽيءَ ۾ هوندي به پارٽيءَ جو حصو ناهي؟ جڏهن ته ملڪي ميڊيا ۾ هن جي ان بيان کي مسلم ليگ ن ۾ موجود مزاحمت ۽ مفاهمت جي لاڙي جي طور تي ڏٺو ويو آهي.
پارليامينٽ ۾ موجود ميمبرن جو مزاج هونءَ به الڳ ٿلڳ هوندو آهي. هو سدائين سهڪار جي راءِ سان سهمت هوندا آهن. ان جو سبب اهو هوندو آهي ته ڪروڙ کپائي کٽيل سيٽ وڃائڻ جي لاءِ هو ڪنهن به طرح سان تيار نه هوندا آهن. انهن جي خواهش هوندي آهي ته قومي اسيمبليءَ يا صوبائي اسيمبليءَ يا سينيٽ جا ميمبر ٿي رهن. جڏهن به مسلم ليگ ن جي مزاحمتي قيادت اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته اسيمبلي ميمبرن جا منهن لٿل نظر آيا آهن. جڏهن ته پارٽيءَ جي عهدن تي ڪم ڪندڙ سدائين اهڙي ڪنهن نه ڪنهن ڏچي پيدا ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن. انهن جو خيال هوندو آهي ته هو ڪنهن به طرح سان اسيمبليءَ جي ميمبرن تي پنهنجي گرپ رکن.
پارٽيءَ جي عهديدارن ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل فردن جي وچ ۾ اها ڪشمڪش صرف مسلم ليگ ن جي سڃاڻ ناهي پر پاڪستان جون اڪثر پارٽيون ان لاڙي تي لڙيل نظر اينديون رهيون آهن. هن مهل ته ايم ڪيو ايم جي بنيادي آفيس “نائن زيرو” مٿان تمام وڏو تالو لڳل آهي پر جڏهن نائن زيرو جون رونقون آباد هيون ۽ ڪراچيءَ جون گهٽيون برباد هيون، تڏهن نائن زيرو تي ويٺل وزير سيڪٽر انچارجن ۽ پارٽي ميمبرن کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا. ڇو ته نائن زيرو جي ديوارن تي اهي هدايتون آويزان هونديون هيون ته پارٽيءَ جو اصل سرمايو ڪارڪن آهن. مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ تمام گهڻو فرق آهي. مسلم ليگ ن ۾ ڪارڪن جو تصور اهڙو نه رهيو آهي، جهڙو اسان کي ايم ڪيو ايم ۾ نظر ايندو هو. پر مسلم ليگ ن ۾ عهديدار جي گهٽ لئه نه هوندي آهي. اسيمبلين جا ميمبر چاهيندا آهن ته پارٽي انهن جي هٿن ۾ هجي ته جيئن هو پنهنجي سهولت جي مطابق فيصلا ڪري سگهن. پر پارٽي عهديدارن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته پارٽيءَ جا واڳ ڌڻي اهي هجن ته ڪنهن به وقت پارٽيءَ کي ڪنهن خاص رخ ۾ هلائڻ ۽ نه هلائڻ جو فيصلو ڪري سگهجي.
مسلم ليگ ن ۾ اهو تضاد تمام گهڻو نظر آيو آهي. هن وقت به ملڪي ميڊيا ۾ ان اختلاف جا پڙاڏا گونجي رهيا آهن. جڏهن پارٽيءَ ۾ موجود اختلاف هڪ وقت ميڊيا جي سامهون به ڇلڪي پون ٿا ته پارٽيءَ جي اجلاسن جو منظر ڪهڙو هوندو؟ هن وقت اهو چڻ مشڪل آهي ته مريم نواز پنهنجي ڏنل بيان تي بيهندي يا اهو ڏوهه ميڊيا جي ڳچيءَ ۾ وجهندي ۽ چوندي ته هن جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. پر اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچي آهي ته مريم نواز پارٽيءَ جي اندز مزاحمتي لاڙي جي سڀ کان وڏي علامت بڻجي اڀري ايندي آهي. هن جي پاران ڏنل بيان جون وضاحتون اڇين ڏاڙهين وارن کي ڪرڻيون پونديون آهن. هن مهل به مسلم ليگ ن ۾ اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي.
مسلم ليگ ن ۾ جن وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجهه به ڪونهي اهي سخت گير پاليسيءَ جا حامي آهن ۽ اهي اهڙن بيانن تي خوش ٿيندا آهن، جن سان حڪومت ۽ پارٽيءَ ۾ تضاد تيز ٿئي ته جيئن ڪا وچ واري واٽ نڪري. هن مهل ته اقتداري ڌر کان پوءِ جيڪا ٿوري گهڻي عياشي ۽ ڪجهه نه ڪجهه پروٽوڪول حاصل آهي، اهو مخالف ڌر ۾ ويٺل اسيمبلي ميمبرن کي آهي. هو اهڙو ڪو عمل ٿيندو ڏسڻ نه چاهيندا آهن، جيڪو اسٽيبلشمينٽ کي برو لڳي. پارليامينٽ ۾ ويٺل فرد سدائين اهو موقف پيش ڪندا آهن ته جمهوريت جو بنياد اسان جا ادارا آهن. پارليامينٽ جمهوريت جو سڀ کان اعليٰ ادارو آهي. جيڪو فيصلو به ڪرڻو آهي، اهو پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته پارٽي عهديدار ۽ ڪارڪن ڪوشش ڪندا آهن ته ادارن کان ٻاهر احتجاج ٿئي ته جيئن ميڊيا انهن کي فوڪس ڪري سگهي ۽ هو اسيمبلي ميمبرن کي جتائي سگهن ته پارٽيءَ جو اصل سرمايو اسان آهيون. ان تضاد کي جڏهن به عمل ۾ ڏٺو ويندو آهي ته اهو اقتداري سياست جو هڪ فطري فعل محسوس ٿيندو آهي.
مسلم ليگ ن جو مالڪ ميان نواز شريف ڀلي پاڻ کي نظرياتي اڳواڻ قرار ڏئي پر سڀني کي معلوم آهي ته هن جو نظرياتي رنگ ان مهل ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن هو اقتدار کان الڳ ڪيو ويندو آهي. مريم نواز ميان نواز شريف جي صرف ڌيءَ ناهي پر هن جي سياسي وارث به آهي ۽ هن جي سياست ۾ پنهنجي والد واري جهلڪ نظر ايندي آهي. جڏهن هوءَ ڏسندي آهي ته حڪومت انهن کي ڪجهه به نه ڏئي ڪو مفاد حاصل ڪري رهي آهي ته هوءَ تمام گهڻي سخت پاليسيءَ تي عمل ڪندي نظر ايندي آهي. ملڪي فوج جي موجوده سربراه جي مدي جي واڌ جو فيصلو هڪ الڳو معاملو هو پر جڏهن نيب جي سربراهه جي مدي جي واڌ جو وارو آيو ته مريم نواز جو خون ٽهڪڻ هڪ فطري عمل ٿي ويو. ڇو ته هن کي نيب جي طرفان پنهنجي خاندان خلاف ڪيل سموريون ڪارروايون شدت سان ياد آيون ۽ هوءَ ڪنهن وڏي ڊيل کان سواءِ نيب سربراهه جي مدي جي واڌ واري فيصلي کي تسليم ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن اهڙي انڪار جي صورت ۾ هن جي مٿان آزمائش ڪجهه وڌيڪ به آئي ته هوءَ آسانيءَ سان چئي سگهندي ته هن جي خاندان کان نيب ۽ حڪومت انتقام وٺي رهي آهي. هن مهل مسلم ليگ ن جي پوري ڪوشش آهي ته ڪنهن به طرح سان پارٽيءَ ۾ ظاهر ٿي پيل اختلافن کي لڪايو وڃي ۽ اهڙي واٽ ورتي وڃي، جنهن تي هلندي ڪجهه ڏنو ۽ ڪجهه ورتو ويندو آهي.
مريم نواز مسلم ليگ ن جي نائب صدر آهي پر هوءَ پارٽيءَ جي صدر هوندي به ڪهڙي ريت پاليسي بيان ڏئي رهي آهي ۽ اهي به اهڙا بيان جن جو ڪنهن به فورم تي دفاع ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هجي! ظاهر آهي ته جڏهن پارٽي پنهنجي پيءُ جي هجي ۽ اولاد هجي به لاڏلي ۽ ان لاڏلي اولاد کي پنهنجي اولاد جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو ويو هجي ته پوءِ ان قسم جو ردعمل تمام گهڻو فطري هوندو آهي. مسلم ليگ ن پنهنجن فطري تضادن جو اظهار ڪري رهي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پارٽيءَ اندر ڪير مفاهمت ۽ ڪير مزاحمت جي واٽ وٺي ٿو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button