سنڌ

مٺي ۾ 6 ٻارن جي پي خودڪشي ڪري ڇڏي

مٺي (ن، سنڌ ايڪسپريس) مٺي جي پارواڻي ڪالوني ۾ 6 ٻارن جي پي 36 سالن جي پريتم پٽ ڀڳڙو ميگهواڙ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. گهر جي ڇت جي پکي ۾ نوجوان جو ٽنگيل لاش ڏسي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو، مٺي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب 6 ٻارن جو پي پريتم غربت ۽ بيروزگاري سبب ذھني مريض بڻجڻ بعد ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو. مٺي پوليس موجب نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لا اسپتال آندو آھي، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جي مرضي موجب اتفاقي موت جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button