ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪِي جو وڃي ڪال، اکيون پَسي آئيون…!!

Editorial-Article-Irshad Leghari


هو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان آديسي اَسٿان مٿي ساري رهيو آهي تنهن شام جي نِهار کي، جنهن نِهار ۾ کيس اها محبت سمجهھ ۾ آئي هئي، جنهن محبت ۾ اظهار لاءِ ڪنهن به لفظ جي محتاجي نٿي رهي ۽ ڀلا ڀاڳ چئبا تن جا، جن کي محبوب جي اها مهربان نهار نصيب ٿي.
ها!! هن به ته ڪيئي ڏينهن تنهن نهار جي طلب رکي، راز ۽ رمز جون راهون ڀيٽيون هيون ۽ نيٺ اها شام به اچي لٿي هئي، جنهن شام محبوب ٻاجهھ سان ڏانهنس نهاري، کيس بنا ڪو اکر اچارڻ جي اهو سمجهايو هو ته محبت جو هڪ مقام اهڙو به هوندو آهي، جنهن ۾ لازمي ناهي ته گوڏي گڏ ويهي قصا ڪجن. بس هڪ لمحو به ڪافي هوندو آهي، جنهن ۾ پيار ڪندڙ وجود، اک ڇنڀ ۾ هڪ ٻئي سان سڀ ڪجھه سَلي وٺندا آهن. ۽ اها ئي ته شام هئي، جنهن ۾ کيس اهو به سمجهھ ۾ آيو هو ته “آسا” جيڪا هڪ راڳڻي به آهي، سا اسُر ويل ڇو ڳائبي آهي!؟
۽ پوءِ هن سوچيو ته ڇا هي سندس هڪ حساب سان اظهاريل ۽ ٻئي حساب سان اڻ اظهاريل محبت جي به ڪا اَسُر ويل آهي؟ ڇا تنهن نِهار سان سندس محبت جو اڃا سج اڀرڻو آهي ۽ پوءِ کيس ڪرڻو آهي اهو سارو پنڌ، جيڪو انهن سمورن عُشاقن جي حصي ۾ ايندو رهيو آهي، جن عُشاقن حاصل – لاحاصل ٻنهي کي ايئن نڀايو آهي، جنهن ۾ “مڙيئي مون ڏي” واري معرفت جي مام سمايل رهي آهي هر دور ۾!!
ها “آسا” جيڪو مرشد لطيف جو هڪ سُر به آهي، جنهن ۾ لطيف اکين جا اهي ناز، انداز، آرا ۽ انگل سمجهايا آهن، جن کي سمجهڻ کان سواءِ ڪوبه روپ – درشن مڪمل نٿو ٿي سگهي.
۽ بس پوءِ آسا جي اَسٿان سندو اسرار ويو مٿس مرحليوار عيان ٿيندو ۽ سندس رڳ رڳ ۾ آسا جا آلاپ گونجڻ لڳا. جنهن ۾ پھريون آلاپ هي هو:
ڪِي جو ڪَهين پار، اَکيون پَسي آئيون
ٿيون ديوانيون دِل ۾، اَپَرِ لَڳِينِ آر
تِهان پوءِ قرار، سُتيون ڪين سيد چئي
ان آلاپ کانپوءِ هن سوچيو ته هي ڪهڙو عجب آهي!؟ “ٿيون ديوانيون دِل ۾!!؟” ڇا اکين جي به ڪا دل هوندي آهي؟؟ ۽ پوءِ پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي ورندي ڏنائين ته:
“ها! اکين جي به دِل هوندي آهي.”
۽ هاڻ سندس اکين جي دل محبوبن جي ان مهربان نهار سان ڌڙڪڻ لڳي، جنهن نهار کي جيڪڏھن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي ته وري به مرشد کان ئي معلوم ڪرڻو ٿو پوي ۽ پوءِ سندس اکين جي ڌڙڪندر دل جي ترجماني مرشد هن بيت ۾ ڪري ٿو:
ڪِي جو وڃي ڪالَ، اکيون پَسي آئيون
لالُون ڪيون لطيف چئي، جانب جي جَمالَ
ٿِيا نيڻَ نِهالَ، جِنين دِلبر ديکيو
ان کان پوءِ اهو ٿيو جو سندس اکيون دلبر ديکي ته آئيون، پر ان سان ٿيو اهو جو درشن جي اُڃ منجهن اهڙي ڀڙڪي پئي، جو ٻيو ڪجھه ڏسڻ کان سندس اکيون مڪمل نابري واري بيهي رهيون ۽ هر لمحي اشڪبار رهڻ لڳيون. ايئن جيئن مرشد فرمايو آهي ته:
وَسن ۽ وِهسَن، ڏيهاڙي ڏِسڻ لاءِ
جِيئن جِيئن پِرين پَسن، تِيئن تِيئن نَشا نِينهن جا
يا اڳتي هيئن ته:
وَسن ۽ وِهسَن، ڏيهاڙي ڏِسڻ لاءِ
ڏِسي ڏِسي آئيون، توءِ تلاشون ڪَنِ
ڍاپيو نه ڍاپن، پَسڻ مَنجهان پِريئن جي
بس اهڙي احساس ماڻڻ کانپوءِ کيس خيال آيو ته جيئن ڪڏھن ڀڳوت گيتا ۾ ڪٿي اهو پڙهيو هئائين ته:
گنگا ڀڳوان جي ڪنول چرنن مان ڦُٽي نڪتي آهي، تيئن هن کي به محسوس ٿيو ته سندس نئون جنم پڻ تنهن شام محبوبن جي مهربان نهار مان ئي ٿيو آهي، جنهن جنم کي سجايو ڪرڻ لاءِ وٽس هاڻ هڪڙو ئي آدرش سامھون آهي ته هو پنهنجي ديس ۾ ان سماج جي جُڙت لاءِ جدوجهد ڪري، جنهن سماج ۾ محبتون سينن ۾ مدفون رهجي وڃڻ بدران، هڪ ٻئي سان اظهارجي سگهن. ها اهو سماج، جنهن جو عڪس مرشد ڪاڪ جي قصي ۾ سربستو چِٽيو آهي. اها ڪاڪ، جنهن جي هرهڪ تڙ مٿي نينهن جي اُڇل آهي، جتي ڪنهن لاءِ به پرين پسڻ جي حوالي سان ڪابه جهل پل ڪانهي. اها ڪاڪ، جتي رات ڏينهن بس رڳو ئي رڳو نينهن ئي گهڙجي ٿو.
ها اها ڪاڪ، جنهن جي حُسن کي سمجهڻ لاءِ مرشد جي هن بيت کي ئي کڻي پسجي ته گنج آهي:
سونَ وَرَنِيوُن سوڍِيون، رُپي رانديون ڪَن
اَگر اوطاقُن ۾، کَٿوُرِيون کَٽُن
اوتيائون عَبير جا، مَٿي طاقَ تَڙَن
ٻاٽنِ ٻيلون ٻَڌيِون، پَسِيو سُونهنَ سَڙَن
ٿِيا لاهوتي لطيف چئي، پَسَڻ لاءِ پِرين
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
۽ پوءِ هن پنهنجي ئي پاڻ سان وچن ڪيو ته هو ديس جي هر وستي واهڻ وڃي ڪاپڙين کي ڪٺو ڪندو ۽ اڏيندو اهو سماج جنهن کي دنيا “لطيفي سماج” سان سڃاڻي سڌون ڪندي. ۽ هن کي هاڻ اهو پُختو ويساھه آهي ته سندس ديس جي هاڻوڪي عُشاق ٽهي پنهنجي لطيفي سماج جي سونهپ کي ماڻڻ لاءِ هر حد لاحد کان اڳتي ڪاهي، اها ڪاڪ ضرور اڏيندي، جنهن ۾ بنا جهل پل جي هر ڪو پنهنجي خواب جي ساڀيا پسي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button