لسانيات جا لسانياتي مطالعي واري وقت کان مکيه طور تي ٻه اهم مڪتب فڪر رهيا آهن. هڪڙا بيهورسٽ Behaviorist ۽ ٻيا مينٽلسٽ Mentalist. انهن ٻنهي اهم مڪتبه فڪرن وڏو ڪم اهو ڪيو جو انهن ڏٺو ته ٻار ٻولي کي ڪيئن سکي يا اپنائي ٿو، جهڙوڪ بيهورسٽ وارن جو چوڻ هو ته ٻار جو ذهن خالي سليٽTabula Rasa/Blank Slate وانگر آهي، جنهن تي جيڪو ڪجهه لکبو اهو ئي ظاهر ٿيندو، يعني اهوئي ٻار ڳالهائيندو وڌيڪ نه، جهڙوڪ ڪمپيوٽر پراگرامنگ وانگر جيڪو انسٽال ڪبو، اهوئي ڊسپلي ٿيندو، انهي مڪتبه فڪر جو وڏو نالو بي ايف اسڪنر هو. پر مينٽلسٽ جو چوڻ ٻيو هو ته ٻار صرف اهو نٿو ڳالهائي يا پڙهي جيڪو کيس سيکاريو ٿو وڃي پر ان کان وڌيڪ هو ڳالهائي يا پڙهي سگهي ٿو، يعني سکڻ ته ٻار جي لاءِ رڳو هڪڙو پالش ڪندڙ مرحلو آهي ٻار ته ڄمڻ کان اڳ ئي گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هو، جنهن کي هو Innateness چوندا آهن، جنهن جو مطلب ته ٻار کي ڄمڻ کان اڳ سڀ پتو هو. سقراط جو چوڻ آهي ته before we were born, we knew everything, but that the process of birth involved forgetting it all. يعني اسان ڄمڻ کان پهرين سڀ ڪجهه ڄاتو ٿي پر ڄمڻ واري عمل جي ڪري سڀ ڪجهه وساري ويٺاسي.
اهي ٻئي مڪتبه فڪر اڳتي هلي گهڻو ڦهلجي ويا ۽ وسيع ٿيا جيڪي اچي مائيڪل هيليڊي Michael Halliday جي سسٽمڪ فنڪشنل لنگئسٽڪ تائين پهتا، جنهن ۾ تمام گهڻيون مسافتون ۽ مرحلا آهن. انهي مٿين تمهيد مان ڏسڻ جي ڳالهه سنڌي لسانيات جي وسعتن جي ڪوشش آهي. هونئن ته سنڌي لسانيات جي حوالي سان تمام گهڻو ۽ ضخيم ڪم ٿيو آهي پر جديد ساخت ۽ سماجي پسمنظر جي حوالي سان ڪم جو جائزو وٺڻ اهم آهي. 6 جنوري 2022 تي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي ۽ شاندار علمي، ادبي ۽ لسانياتي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو. منتظمين کي ضرور جس ڏيڻ گهرجي. انهي ڪانفرنس ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد کان ڪهي آيل اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر منظور ويسريو لسانيات تي پيپر پڙهيو، جيڪو بلڪل طويل ۽ جامع هو. انهي پيپر ۾ لسانياتي حوالي سان ڄاڻايو ويو ته پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو ويو آهي ۽ سڀني ٻولين کان وڌيڪ ڪتاب ڇاپيا ويا آهن، انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي. انهي پسمنظر ۾ لسانيات جي تدريسي پاسي کي بنهه گهٽ ڇهيو ويو يعني جيئن مٿي ٻن مڪتبه فڪرن جو ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهڙو لسانياتي تحقيقي ڪم ڪٿي ٿيو آهي جنهن ۾ ڏسجي ته ٻار سنڌي ٻولي کي ڪيئن ٿو حاصل ڪري پڙهي. نه صرف مادري زبان طور تي پر ڌاري يا ٻاهرين ٻولي طور مطالعو ڏسجي ته سکندڙ پهرين ڪهڙا حرف صحيح ۽ حرف علت اچاري ٿو ۽ ڪيترا سکي ٿو. ڇوته جيڪڏهن لسانيات کي علم تدريس سان نه ڳنڍينداسي ته لسانياتي مطالعو انتهائي پٺتي رهجي ويندو. صرف اهو ڄاڻڻ به ڪافي نه هوندو پر وقت بوقت ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙا اکر يا لفظ يا لفظن جو ميلاپ مادري ٻولي طور ۽ ڌاري ٻولي طور سکڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا ۽ انهن جو سماجي سبب ڇا آهي؟ آئون سمجهان ٿو ته اهڙا تحقيقي مطالعا سنڌي لسانيات ۾ ورلي ملن ٿا جڏهن ته سنڌي الفابيٽ يا سنڌي صورتخطي لکندڙ جو سٺو تعداد پرائيويٽ ماڻهن جو آهي مارڪيٽ ۾ ڪيترائي ا ب ٻ ڀ جا ڪتاب موجود آهن پر انهن اکرن سان ميل کائيندڙ لفظ يا نشانيون ڪيئن کنيون ويون، انهن جو ڪو سبب نه ڄاڻايل آهي هر ڪنهن پنهنجي حوالي سان پئي ڪم ڪيو آهي. انهي ئي صورتحال ۾ هڪ اهم علم جيڪو لسانيات سان ئي جڙيل آهي اهو ياد ٿو اچي، جنهن کي گهڻ نمونياتي علم Multimodal Study چئبو آهي، ان جي به گهڻي کوٽ ٿي محسوس ٿئي يعني لسانياتي ساختيات ۾ نشانين جو علم به موجود آهي جنهن ۾ صرف اکر نه آهن پر اکر ته انهي رابطي جي ساختيات ۾ هڪڙو جز آهي ٻيا ڪيترائي علم آهن جيڪي لاشعوري طور اسان کي گهڻو ڪجهه سيکارين ٿا. سنڌي ٻولي ۾ انهن جو هجڻ انتهائي اهم آهي مثال طور هڪڙي تقرير ۾ مختيار ابڙو ڳالهه ڪئي ته اسان پنهنجي دور ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ حياتيات سنڌي ٻولي ۾ پڙهي آهي ته رياضي به سنڌي ٻولي ۾ پڙهي آهي هاڻي ته کوڙن جي جاءِ تي ٽيبل اچي ويا آهن ۽ انگريزي پهرين درجي ۾ اچي وئي آهي ۽ ٻيا علم به انگريزي ۾ اچي ويا آهن. اسان سمجهون ٿا ته ان جو هڪڙو سبب گهڻ نمونياتي علم جي اوسر نه هجڻ جي ڪري آهي.
لسانيات کي ٻولي سکڻ واري تحقيق ۽ مشق سان گڏ ٻين جزن سان سلهاڙڻ به اهم آهي. مثال طور جڏهن هن راقم 2008، 2009 کان سنڌي گرامر ۽ انگريزي گرامر تي پيپر لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته آن لائين ڪو مواد نه مليو، پوءِ ڪتابن جي ڳولا ڪئي وئي ته ڪاڪي ڀيرومل ۽ مرزا قليچ بيگ جا سنڌي گرامر تي ڪتاب هٿ آيا جن جا حوالا اڄ به انهن ڇپيل پيپرن ۾ Language in India جرنل ۾ پڙهي سگهجن ٿا، اڄ به اهي ٻئي ڪتاب موجود آهن يعني ڏهاڪو سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر سنڌي گرامر جا ڪتاب وڌيڪ نه اچي سگهيا. ان ڳالهه جي تائيد ڊاڪٽر فهميده حسين به ڪئي هئي. جڏهن ته لسانيات جو تعارف ڊاڪٽر علي نواز جتوئي هڪڙي ڪتاب ۾ ڏنو آهي پر اهو قصو اتي ئي بيٺو آهي.
سنڌي ۾ سڀ کان گهٽ ڪم گرامر تي ٿيو آهي ان کان وڌيڪ اڻ لڀ ڪم گرامر جي ڪارج تي ٿيو آهي. اڃا جيڪڏهن لسانيات کي سنڌي ادب ڏانهن وٺي وڃجي ته اڃا به غير يقيني واري صورتحال آهي. مثال طور تخليقي ادب ۾ جملا ڪيئن آهن ۽ ڪهڙي شيءِ ڏانهن اشارو ڪن ٿا اهو تشريحي ڪم ڪجهه ٿيو آهي پر ڪنهن به شاعر يا نثر نويس وٽ لسانيات جو اهو ساخت ڇو آهي ۽ ڪيئن اهو ساخت ٻي کان منفرد بڻائي ٿو، اهو لسانياتي پسمنظر کان موجود نه آهي، تشريحي طور تي سڀ چوندا آهيون ته شاهه جي ٻولي ٻي آهي، سچل سائين جي ٻولي آهي شيخ اياز جي ٻي آهي ته استاد بخاري ۽ امداد حسيني جي ٻي آهي پر لسانياتي طرح اسان اهو ثابت نٿا ڪريون ان کي Literary Stylistics چئبو آهي اهو لاڳو نٿا ڪريون.
ٻوليون علم جو ذخيرو هونديون آهن جنهن ۾ قديم طور جي ماڻهن جي سوچ ۽ اظهار جو خزانو ته موجود آهي پر ٻولين ۾ اها قوت به ڏسڻ گهرجي ته ٻولي جي ساخت ۾ اهڙا ڪهڙا ذريعا موجود آهن جيڪي انسان جي اظهار کي رستو ڏين ٿا، اهي فعل ڪهڙا آهن انهن جا قسم ڪهڙا آهن انهن جو سماجي پسمنظر ڪهڙو آهي وغيره. لسانياتي وسيلا اکيلجن ته لسانياتي منزلون نظر اينديون. جملن جي مختلف جوڙجڪ ڪهڙي آهي ۽ ڇو؟ ڪهڙا آواز پاڻياٺا آواز آهن ڪهڙا آواز غير پاڻياٺا آهن ۽ انهن جو لفظن جي ٺهڻ سان ڪهڙو تعلق آهي، اهي آواز شعر ٺهڻ يا راڳ يا موسيقي ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگهن ٿا. ٻولي جو هڪ اهم وسيلو معنيٰ آهي اهو معنيٰ ڪڍڻ وارو وسيلو Resources ڪيئن ڪم ڪري ٿو ۽ معنيٰ جو علم صرف معنيٰ ٻڌائي ٿو يا نيون معنائون تخليق به ڪري ٿو Meaning Making resources آهي يا نه؟ ادب جو لسانياتي مطالعو اسان جي مدد ڪندو ته هڪڙي ڪهاڻي يا هڪڙو نظم پاڻ ۾ ڪيئن ربط ۾ آهن، ڪهڙا لفظي، اکري وسيلا اسان کي ڳالهه سمجهائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جيڪڏهن سنڌي لسانيات جي علم کي اسين اطلاق واري ميدان ۾ کڻي اينداسي ته اسان جو ادب به شاهوڪار ٿيندو ۽ ٻولي به وسيع ٿيندي. رڳو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي نعري سان ٻولي ترقي نه ڪندي، رڳو سنڌي ٻولي جا موبائل ايپ ٺاهڻ سان سنڌي شاهوڪار نه ٿيندي. مختيار ابڙو چواڻي ٻولي کي اسان مارڪيٽ جي ٻولي بڻايون، ٻولي کي اسان ڪميونڪيشن جي ٻولي بڻايون، واپار جي ٻولي بڻايون. رڳو ڪو سنڌي لفظ غلط اچارڻ تي بندوق نه کڻون بلڪه ٻولي ڳالهائيندڙن کي همٿايون ته غلط ڳالهايو پر ڳالهايو ضرور. انگريزي ٻولي به گهڻين ٻولين جي مڪسچر آهي پر اهي اسپيس ڏين ٿا ته غلط سلط ڳالهايو ضرور. هتي ته ادارن ۾ ويٺل پنهنجن ادارن جا عهديدار به لهجن جا ڪتاب نٿا پڙهن ۽ مئونث مذڪر جي ڳالهائڻ واري ٻولي تي بندوق کڻي بيهي ٿا رهن. اچوته سنڌي ٻولي ڏانهن رويا مثبت ۽ درست سمت ۾ ڪريون.
(پورو ٿيو)