ممتاز منگي
هن ملڪ ۾ سياست جو مانڌاڻ هر دور ۾ رهندو آيو آهي ڪڏهن ان مانڌاڻ ۾ شدت آئي آهي ته ڪڏهن خاموشي پر بحران جو تسلسل مني صديءَ کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رهندو پيو اچي ها 1970 وارو دور وڌيڪ تضادن کي اڀاري ٽڪرائن جي ان شدت تي پهتو جتي پهچڻ کان پوءِ گھڻا گرم دماغ سرد ٿي ويا ۽ انهيءَ کان پوءِ ذوالفقار ڀٽي جي قتل وري هڪ نئين بحران کي پيدا ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ سياسي جدوجهد جي دنيا ماٺي ٿيندي مصلحتن سان اهڙو رشتو جوڙيو جو هاڻي پاڻ اهو چئي سگھون ٿا ته هي مصلحت سياست جي اخلاقيات کي دٻائي ذلت آميزيءَ جي حد تائين وڌي چڪي آهي ڪا به پارٽي ان مصلحت جي قيد کان يا رشتي کان پنهنجو پاڻ کي آجو نٿي چئي سگھي.
اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي اندر وڌيڪ ڀوڳنا ۽ عذاب عوام کي ڀوڳڻو ٿو پوي مصلحت آميزي جي سياست پنهنجن حصن پتين سان رولنگ ڪلاس کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ خوش رکي ٿي ۽ خوشي ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ طاقتور يعني مصلحت ڪرائيندڙ طاقت هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ آهي، خاموش ۽ خيرات گھرندڙ سياست ان اسٽيبلشمينٽ جي اڳيان هن وقت ايترو ڪري چڪي آهي جو صرف ۽ صرف ايجنڊا هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي هلي ٿي، اهوئي سبب آهي جو عمران خان جنهن تبديليءَ جا پر هڻي وڏي اڏام ڪرڻ ٿي چاهي ڪمپرومائيز جو رسو هن جي چيلھه ۾ ان بلبل جيان پئجي ويو، جيڪا آڱرين تي نچندي ۽ ٻوليندي مطمئن هجي ٿي.
ذلت آميزيءَ جي ڪمپرومائيز جڏهن مجبوريءَ جا دليل ڏيڻ شروع ڪندي آهي ته پوءِ انهيءَ جو آخري مقام اهو ٿو جڙي جو هو مزاحمت جي لاءِ سوچيندي به ڏڪڻ شروع ٿي ڪري ۽ پوءِ آهستي آهستي ذلت پسندي فطرت جو حصو بڻجي ٿي وڃي.
اهڙي ماحول ۽ اهڙين حالتن ۾ وڌ کان وڌ ويڳاڻپ عوام جي ڪيفيت جو حصو بڻجي ٿي وڃي ۽ ان ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ عوامي طاقتور سياسي سوچ ۽ فڪر جي تحرڪ جي شديد ضرورت هجي ٿي ڪمپرومائيز جي سياست هن ملڪ جي تاريخ ۾ رولنگ ڪلاس جي ضرورت رهندي آئي آهي سواءِ ڪجهھ فردن جي فطرتي مزاحمتي طبيعت جي باقي سڀ جو سڀ ان هڪڙي ئي تلاءَ تان پاڻي پيئندڙ آهن، پر عوام دوست سياست پاڻ جنهن کي انقلابي کاٻي ڌر جي سياست جي نالي سان سڏيندا آهيون، اها سياست ڪڏهن به ذلتي ڪمپرومائيز نٿي ڪري سگھي. هاڻي سوال بنيادي ۽ اهم اهوئي آهي ته موجودا حالتن ۾ جڏهن شخصي سياسي سحر پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي آهي ۽ پاپولر ليڊري به پنهنجي ڪن بچائي عوام کان الڳ ٿي وئي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ عوام کي سياسي جدوجهد جي حصي بڻائڻ جي لاءِ کاٻي ڌر جون پارٽيون اڳتي وڌڻ جي بجاءِ هن وقت تائين خاموش ٿيو ويٺيون آهن، پارٽين جون کاٻي ڌر جون تنظيمون ڪيتريون ۽ ڪيترن ئي نالن سان موجود آهن پر هو پختي طريقي سان پنهنجو اهو سياسي عمل جنهن کي عوامي موبلائيزيشن چوندا آهيون اهو ڪرڻ جي لاءِ تيار نظر نه پيون اچن ٿوري گھڻي سرگرمي شاگرد تنظمين جي بحالي جي حوالي سان ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري پنجاب ۾ ڪئي وئي جو هي گيت ۽ نعرو وڏي ترنم سان گونجڻ لڳو ”جب لال لال لهرا آئي گا تب هوش ٺڪاني آئي گا“ پر اهو تحرڪ بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ لهر کان وڌيڪ ثابت ٿي نه سگھيو.
ڪافي بحث مباحثن ۾ هي نقطو به زيرِ بحث آيو ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ان تحريڪ کي خاموش ڪرڻ جي لاءِ بنياد پرستن جا ڪجھه ٽولا سرخن جي خلاف سرگرم ڪيا ۽ چيو هي ٿو وڃي ته انهيءَ دٻاءَ ۽ ٽڪراءَ کان بچڻ جي لاءِ اهو سرخ جھنڊو جھولائيندڙ ڪامريڊن پنهنجي سرگرمي خاموش ڪري ڇڏي، جيڪڏهن معاملو ائين ئي آهي ته اهو بزدليءَ جو بدترين تاريخي مثال سڏيو ويندو ۽ جيڪڏهن اهو الزام يا تڪبري تنقيد جو طنزيا بحث آهي ته خاموش ٿيڻ جو سبب سوال بڻجي پڇاڻو لازمي ڪندو ۽ پوءِ مفروضاتي بنيادن تي سبب يا جواب اڳيان اچڻ شروع ٿيندا.
انديشو هي به آهي ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جيڪا سياسي گورک ڌنڌي کان تمام گھرائي سان واقف آهي انهيءَ کي اهو يقين جي حد تائين خوف اڀريو هوندو ته عوام جيڪو مهانگائي ۽ بي انصافي جي حالت ۾ رهي ٿو، عوام جي لاءِ رياست ۽ ان جا ادارا خوف جا واڳو بڻيل آهن، اهو عوام جيڪو هر لمحي هڪ نئين چڙ ۽ غصي جي ڪيفيت ۾ زندگي گذاريندي نجات جي لاءِ سوچي ٿو، انهيءَ کي ڪا به تحريڪ پنهنجي اثر ۾ وٺي ويندي ۽ هي سرخا يا ڪامريڊ جيڪڏهن اڳتي وڌيا ته پوءِ عوام تي ڪنٽرول ڪرڻ انهن جي وس ۾ نه رهندو، تنهن ڪري هي به الزام جڙي ٿو ته ڪٿي اها خاموشي ان طاقت ته نه ڪرائي جيڪا ڪا به چر پر ڏسڻ نٿي چاهي، جي معاملو ائين آهي ته اها انتهائي ذلتي خاموشِي آهي پر جي معاملو ائين به ناهي ۽ هي سڀ الزام رڳو الزام ئي آهن ته پوءِ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ تمام ڌرين کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته هو ڇو خاموش رهن ٿا.
هزارن جي تعداد ۾ اسٽيل مل جا مزدور بيروزگار ٿيا، نوڪرين کان ڪڍيا ويا، احتجاجي ڌرڻا لڳا پر ڪامريڊي سياست ايترو به آواز نه گڏائي سگھي جيترو رولنگ ڪلاس جي سياست يعني اپوزيشن پنهنجي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ کنيو، هن وقت مزدورن جي حالت اها آهي جو کين اها پگھار نٿي ڏني وڃي، جيڪا سرڪار بجيٽ ۾ اعلان ٿي ڪري 25 هزارن جي پگھار ڏيڻ خلاف صعنتڪار ڪورٽ ۾ هليا ويا آهن، ڪارخانن جي اندر 10، 15 کان 20 هزارن تائين مزدور کي جيڪا اجرت ڏني ٿي وڃي ته انهيءَ کان مزدوري اٺن ڪلاڪن جي بجاءِ ٻارنهن کان سورنهن ڪلاڪن تائين ڪرائي ٿي وڃي، يعني جيڪڏهن ڪلاڪن جي حساب سان معاضي کي ورڇ ڪيو وڃي ته هر ڪلاڪ جو معاوضو چاليھه رپين کان پنجاهھ رپين تائين بيهي ٿو، سڄي ملڪ ۾ مزدورن جي رجسٽريشن نالي ماتر آهي، ڪٿي به مزدور کي ڪو تحفظ مليل ناهي سرمائيدار صنعتڪار جي مرضي آهي ته ڪنهن به وقت ڪهڙي به مزدور کي پنهنجي ڪارخاني کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي اهو حشر ڪارخاني کان ٻاهر مزدوري ڪندڙ تمام پورهيتن جو آهي بٺي جي مزدورن کان تعميراتي ڪم لاءِ مزدوري ڪندڙ تمام پورهيت پيڙجندي نظر پيا اچن پر کاٻي ڌر جون تنظيمون صرف دانشوري بحث مباحثن پمفليٽن ۽ پرچن ۾ يا رسالن ۾ انقلاب جا دونهيندار بحث ڪندي نظر ايندا پر پورهيتن کي منظم ڪرڻ انهن جون تنظيمون ٺاهڻ ۽ حقن جي حاصلات جي لاءِ جدوجهد جي بنيادن تي آرگنائيز ڪرڻ جو پورهيو ڪندي ڪو به نظر نٿو اچي ساڳئي طرح هاري بد کان بدتر استحصال جو شڪار آهي هو رڳو زميندار جي ظلم جو شڪار ناهن پر انهيءَ سان گڏوگڏ واپارين جي من موجين من پسند اگهن ۽ بيهودي طريقي سان جنسن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي عذاب مان گذرن پيا انهيءَ کان علاوه زرعي دوائن جي مهانگائي سان گڏوگڏ انهن ۾ نقلي ٻه نمبر دوائن کان پنج نمبر تائين وڪرو ڪيون ٿيون وڃن، هائبرڊ ٻجن جو به حشر ساڳيو ئي آهي، ڪيترائي هاري ۽ آبادگار اهي دانهون ڪندي ميڊيا ۾ نظر ايندا آهن ته هنن جيڪي ٻج خريد ڪيا اهي ڦٽڻ سان پاپڙي ٿيو وڃن، ڪو به تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، ڪيتري نه شرم جي ڳالهھ آهي جو سکر هاءِ ڪورٽ زرعي دوائون ۽ ٻجن جي نقلي ڪاروبار جي خلاف قدم کڻندي پوليس کان رپورٽ گھري ته اها به نالي ماتر خانه پوري ڪندڙ پيش ڪئي وئي، جنهن کي رد ڪندي ڪورٽ ٻيهر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ چيو آهي.
حڪومت جي خاموشي ته سمجهھ ۾ اچي ٿي جو ڀوتارڪي سرڪار پنهنجي حصي پاڻيءَ تي ٺٺ ۾ آهي پر هاري تحريڪون هاري ۽ مزدورن جي ڳالهھ ڪندڙ سياسي تنظيمون مڪمل طور تي خاموش آهن ساڳئي طرح عوام جي حالت تعليمي ادارن کان صحت جي ادارن تائين رڳو بري ناهي پر هو جبري استحصال جو شڪار آهن خاص ڪري صحت جي معاملي ۾ ته عوام الناس نپوڙيو وڃي ٿو حڪومتن جا عجيب خيراتي اعلان جيئن هيلٿ ڪارڊ جو ڊرامو يا سبسڊي جي نالي تي احساس پروگرام جنهن کي پاڻ ذلتي ڪشتي جو پنڻ پروگرام سڏيون ته ٺيڪ رهندو، عوام جا
ٽولا هزارين عورتون نه رڳو دربدر ٿين ٿيون پر انهن جي عزت ۽ آبرو به لٽجي پئي پورو ملڪ استحصال جي چڪي بڻجي چڪو آهي جنهن چڪيءَ ۾ ايليٽ ۽ رولنگ ڪلاس کان سواءِ باقي عوام پيڙجي پيو، نه رڳو معاشي حالتون خراب آهن پر سياسي صورتحال خاص ڪري دهشتگرد، غنڊا گردي پنهنجو عمل اهو پئي ڏيکاري جو هو اونداهي دور جو به ريڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي اهڙين حالتن ۾ کاٻي ڌر جو خاموش رهڻ رڳو سواليه نشان نٿو بڻجي پر انهيءَ سان گڏوگڏ تاريخ جي هڪ وڏي گناھه مان به کاٻي در گذري رهي آهي.