غير درجه بندي

ٺٽي ۾ ملازمن جي برطرفين، پاڻي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

ٺٽو (ن، سنڌ ايڪسپريس) سوئي سدرن گئس جي 16 ھزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي پاران ٺٽي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران جيالن وفاق خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، عبدالحميد پنھور، ايم پي اي رياض شاھه شيرازي، امتياز قريشي، عبدالعزيز ڪلمتي، عبدالحميد سومرو، آفتاب سومرو، جھانگير پالاري، عثمان ڪنڀار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي ڪري عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهي آهي، نوجوانن کي زورگار ناهي ۽ نه ئي ترقي جي پاليسي آهي، ملڪ جي ترقي صرف ڳالهين سان نه ايندي، پيپلز پارٽي هميشه عوام سان گڏ هوندي آهي، مهانگائي ۽ 16 هزار ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ تي خاموش نه ويهنداسين. هنن وڌيڪ چيو ته نيازي حڪومت ملڪ کي تباهھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت جو خاتمو ملڪ جي بقا آهي، سازش تحت سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ کي معاشي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بنايو پيو وڃي، جنھن جي ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رھيو آھي. ھنن چيو ته نواز شريف جي اڳوڻي دور ۾ ھزارين ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو، جنھن کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بحال ڪيو پر پي ٽي آئي حڪومت ھڪ دفعو ٻيھر ھزارين ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. احتجاج ۾ ٺٽي جي سوئي سدرن گئس جي برطرف ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button