غير درجه بندي

مٽياري تعلقه اسپتال شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ملتوي، ريلي

مٽياري (ن، سنڌ ايڪسپريس) مٽياري تعلقه اسپتال شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، جنهن بعد مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ حسن مرتضيٰ شاھه ڄاموٽ، ضلعي صدر نصير ميمڻ، پير عبدالوھاب سرھندي، عرفان شاھه جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي سيد حسن مرتضيٰ شاهھ ڄاموٽ چيو ته مٽياري تعلقه اسپتال کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو هو، جنهن بعد ڊي جي هيلٿ اسان سان رابطو ڪري مطالبا تسليم ڪيا آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ او مٽياري به پريس ڪانفرنس ڪري اسان جا مطالبا منظور ڪيا آهن، جنهن کان پو اسان خوشي ۾ ريلي ڪڍي آهي، تعلقه اسپتال شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ سان شهري صحت جي سهولت کان محروم ٿي وڃن ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button