غير درجه بندي

صحافي وارث رضا کي کنڀڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

حيدرآباد (نمائندن وٽان) پي ايف يو جي جي اعلانيل ملگير احتجاج جي سلسلي ۾ ايڇ يو جي جي سڏ تي ڪراچي جي سينيئر صحافي وارث رضا کي حراست ۾ وٺڻ خلاف حيدرآباد ريجن ۾ صحافي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران ڪراچي جي سينيئر صحافي وارث رضا کي حراست ۾ وٺڻ خلاف پي ايف يو جي جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر، ايڇ يو جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، اقبال ملاح، ظفر هڪڙو، فهيم ٻٻر، فريد لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته موجوده سرڪار غير آئيني ۽ غيرقانوني قدمن تي لهي آئي آهي، جيڪا ميڊيا جي مٿان اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل پابنديون مڙهي اظهار جي آزادي جي راءِ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪري پئي، حڪومت پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ چاهي ٿي، جنهن خلاف سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن، پارليامينٽ هائوس سامهون صحافين جي تاريخي ڌرڻي ۽ پي ايف يو جي لاهور ايف اي سي ۾ نومبر جي پهرين هفتي ۾ اعلانيل “جرنلسٽس رائٽس لانگ مارچ” شروع ٿيڻ کان اڳ ئي حڪمران خوفزده ٿي صحافين کي جبري طور تي کنڀرائي آئين، قانون، جمهوريت، ميڊيا ۽ عوام مخالف فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا، ڪراچي جي سينيئر صحافي وارث رضا کي به پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون خلاف آواز اٿارڻ تي گهران کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن کي بعد ۾ صحافين جي سخت احتجاج تي آزاد ڪيو ويو. هنن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جا صحافي ڪنهن به ڪاري قانون کي قبول نه ڪندا. جڏهن ته دادو ۾ يونين جي سينيئر نائب صدر ولي محمد لنڊ، گلڻ خان ڀنڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ رمضان شورو، بشير احمد چشتي، ٽنڊوالهيار ۾ غلام رسول نهڙيو، ڌاٻيجي ۾ مقصود جوکيو، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين مظاهرا ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button