پرويز سنڌو
سنڌ جي هن حسين ۽ خوبصورت ڌرتيءَ کي غلامي جي ڪاري رات ايڏو ته ڌُنڌلائي ڇڏيو آهي جو هر طرف رک ئي رک، ڦٽل ڳوٺ، اُجڙيل رستا، وائڙا نوجوان، بيمار پوڙها نظر اچن ٿا. آفريڪا کان پُٺتي پيل سنڌ جي هن خوبصورت ۽ ميرانجهڙي ڌرتيءَ تي هڪڙو ٽڪرو اهڙو به آهي جيڪو سدائين جرڪيو ٿي، سڄي سنڌ اندر گُهٽ ٻوسٽ جو ماحول افراتفري هوندي سوندي سنڌ ورسٽي اها واحد نگري هئي جتي جيئڻ جو انداز ئي مٽيو وڃي، هر پوڙهو جوان ٿيو وڃي، اُها يونيورسٽي اڄ بقايا سنڌ جيان ميرانجهڙي ٿي پئي آهي، انتهاپسندن جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي، ڄڻ ڪا نظر لڳي وئي هن گهر جي بهارن کي، سرمد جي انهن سٽن سان هي درد ڪٿا لکندي منهنجو ساھه ٻوساٽجي ٿو، اڄ پنهنجي اندر جي سڄي ڪروڌ کي هن ليک ذريعي سنڌ جي ساڃاھه وندن جي حضور ۾ رکڻ چاهيان ٿو. جن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ سينو تاڻي گهمندڙ ڪامريڊ کان سخت نفرت هئي.
اڄ سنڌ يونيورسٽي مجموعي طور تي هڪ تاريخ جي خطرناڪ موڙ تان گذري رهي آهي هڪ پاسي ڪمزور انتظاميا هجڻ ڪري فورس جي ادارن جو طاقت ۾ هجڻ ڪري شاگردن جي تذليل معمول بڻيل آهي. ٻي پاسي جوڙا جيڪي هڪٻئي جي ڪلهي تي سِر رکي گهڙي پل جي سفر کي هڪٻئي نانءُ ڪندا هئا، انهن کي حراسان ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، ڄڻ ته فورسز جا ادارا پگهار ئي شاگردن جي تذليل جو کڻندا هجن ۽ اسٽوڊنٽس افيئر وارو شعبو شاگردن جي مسئلن جي حل جي بجا شاگردن جا ويڊيو ڪلپ ڀري معصوم ۽ باعزت ڇوڪرين کي حراسان ڪري ٻن ويٺل جوڙن کي اٿارڻ يا ڇوڪرين جي منهن تي سندس گڏ ويٺل ڇوڪري جي تذليل لا ئي وجود ۾ آندو ويو آهي.
هاسٽل گيٽ تي فورسز جي روزانو چيڪنگ ۽ تذليل ايترو ته بيزار ڪيو آهي جو دل چوي ٿي ادارو ڇڏي وڃي گهر ويهجي، هي ڪهڙي قسم جي سيڪورٽي چيڪنگ آهي جيڪا سينٽرل لائبريري کان موٽي ايندڙ ڇوڪرن جي ٿيلهن مان هڪ هڪ ڪتاب ڪڍي چيڪ ڪري ۽ کين تذليل ڪندي هُجي؟ ڇا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سيڪورٽي ادارن جو ڪم اهو آهي؟ ڇا ڪو شاگرد هٿيارن جي ڇانوَ ۾ پڙهي سگهي ٿو؟
آئون انهن ماڻهن سان مخاطب ٿي پڇڻ چاهيان ٿو جن لا تنقيد جي نشاني تي سدائين اُهي ڪامريڊ بڻيل هوندا هئا جيڪي شاگردن جي حقيقي طاقت هئا اڄ اُهي ته ادارن ۾ ناهن پو به استاد ڪلاس ڇو نٿا وٺن؟ استادن جي دهشتگردي جو راڄ ڇو آهي؟ هاسٽل ۽ اداري جو ماحول ڪهڙو بهتر ٿيو آهي؟ ڪهڙا سائنسدان پئدا ٿيا آهن؟ شاگرد سياست جي خاتمي سان ڪهڙي شعبي ۾ انقلاب آيو آهي.
ها هڪڙو انقلاب ضرور آيو آهي اڳئي حق حاڪميت ٿورو گهڻو شاگرد جي حوالي هو اڄ اهو حق حاڪميت نه استاد وٽ آهي نه شاگرد وٽ آهي ڪجهھ لڪل ماڻهو وائيس چانسلر کان به ڏاڍا آهن، وائس چانسلر جي بيوسي جي انتها ته لکڻ جهڙي ئي ناهي. مونکي حيرت ٿي ٿئي، اسان جي پي ايڇ ڊي هولڊر استاد اهڙي بيوس عهدي جي ڪري سي ايم جي پيرن ۾ پيا هوندا آهن جنهن عهدي تي ويهي اوهان شاگردن کي ميوزيڪل نائٽ جي اجازت نٿا ڏئي سگهو، جيڪو اوهان جي وس ۾ نه هجي. بيوسي جو ڪيڏو نه عالم آهي.
سنڌ يونيورسٽي جيڪو غريبن جي آخري اميد بڻيل آهي، اُن يونيورسٽي کي پرائيوٽائيزشن ڪرڻ جا جتن پيا ٿين اِتي اسان جا استاد، اديب، دانشور ۽ ساڃاھه وند ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن مجال آهي جو اداري اندر هلندڙ ڪنهن احتجاجي تحريڪ کي سپورٽ ڪن. شاگرد سياست جي زوال جو ذميوار اسان انهن کي به اڄ برابر جو سمجهون ٿا. جن زبانن تي شاگرد سوال واري معاملي تي چپ جو روزو رکيو آهي.
تازو ئي ڊاڪٽر برفت جي وڃڻ بعد ڪلهوڙو صاحب خير سان جيئن ئي وائيس چانسلر ٿيو آهي تڏهن کان وٺي ٽي دفعا فيسون وڌائي چڪو آهي ڇا اداري ۾ پئسا نه هجڻ جو ذميوار شاگرد آهن؟ ڇا اداري ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جا ذميوار شاگرد آهن؟ هڪ پاسي استادن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن ته ٻي پاسي فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي اندر ننڍا ملازم ۽ شاگرد ته انتهائي ننڌڻڪا بڻيل آهن جن جو ڪو والي وارث ئي ناهي.
سنڌ يونيورسٽي جي بيچلر جي فيسن ۾ اضافي بعد امتحاني سرٽيفڪيٽس ۾ ٻه دفعا فيس ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. 400 مان ٽراسڪرپٽ جي فيس وڌائي 1000 ڪئي وئي آهي ايم فل جي فيس 70000 هزار مان وڌائي لک سٺ هزار ڪئي وئي آهي. ننڍن ملازمن جي ڪوائرٽس جي مسواڙ وڌائي وئي آهي. سيد پناهھ علي شاهھ اسڪول ۾ پڙهندڙ مسڪين ملازمن جي ٻارن جي فيس 300 مان وڌائي 1700 ڪئي وئي آهي، سنڌ يونيورسٽي هاسٽل گيٽ تي دڪانن مان سودو ايڏو مهانگو ٿو ملي جو ڄڻ اوهين ڪراچي ڊفينس ۾ رهندا هجو، بلڊنگن جي زبون حالت، هاسٽلن تان چاپڙ ڪري رهيا آهن. سمجھه ۾ نٿو اچي ته پو ايڏيون ڳريون فيسون ڇا لا ورتيون پيو وڃن؟ ڇا هاڻي لوئر ڪلاس جي شاگرد لا سنڌ يونيورسٽيءَ جا درواز بند ٿي چُڪا آهن؟ آئون هن ليک جي آخر ۾ اهو سوال اوهان جي سوچڻ لا ڇڏيان ٿو.