عالمي

طالبان اغوا ۾ ملوث ڄاڻايل 4 جوابدارن جا لاش چوڪ تي ٽنگي ڇڏيا

طالبان هرات شهر ۾ گشت ڪري رهيا آهن

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر هرات ۾ طالبان مقابلي ۾ ماريل 4 اغوا ڪندڙن جا لاش چوڪ تي ٽنگي ڇڏيا. افغان ميڊيا رپورٽن موجب طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته اغوا ڪندڙن واپاري ۽ سندس پٽ کي اغوا ڪيو هو، جڏهن ته فورسز سان مقابلي ۾ چارئي اغوا ڪندڙ مارجي ويا. اختيارين ٻڌايو ته مقابلي ۾ واپاري ۽ ان جي پٽ کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي. طالبان اختيارين موجب ماريل اغوا ڪندڙن جا لاش هرات شهر جي مرڪزي چوڪ تي ٽنگيا ويا ته جيئن ڏوهاري عبرت حاصل ڪري سگهن. افغان ميڊيا رپورٽن موجب اغوا ڪندڙن واپاري ۽ ان جي پٽ کي هرات جي پي ڊي 12 جي علائقي مان پيٽرول پمپ ٻاهران اغوا ڪيو هو. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هرات ۾ اغوا جون وارداتون هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ طالبان اغوا ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button