عمران خان جي سرڪار پنهنجي صدر معرفت پروينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيمز يعني (پيڪا) جو ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان آرڊيننس جو اصل مقصد سوشل ميڊيا جي سرڪشيءَ کي سرڪاري لغام وجهڻ آهي. ان قانون جي اوک ڊوک ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان کي سوشل ميڊيا جي سلسلي ۾ ان نقطي جو نظارو ڪرڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ (PTI) ان ميڊيا جو آواز بند ڪرڻ طرف سرڪاري طاقت جو سهارو ورتو آهي، جيڪا ميڊيا ڪڏهن تحريڪ انصاف جي سڀ کان وڏي سگهه تسليم ڪئي ويندي هئي. عمران خان کي ته ان تي فخر هو پر هن جا مخالف به مڃيندا هئا ته جهڙي ريت تحريڪ انصاف جا سپورٽر سوشل ميڊيا کي ڀرپور طرح سان استعمال ڪن ٿا، ايتري اهليت ٻيو ڪنهن پارٽيءَ ۾ ناهي. عمران خان پاڻ پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقاتون ڪندو هو ۽ مڃيندو هو ته اسان جي اصل سگهه سوشل ميڊيا آهي. پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عمران خان جهڙي ريت ناڪام وزير اعظم ثابت ٿيو ته ان جي خلاف اها ئي سوشل ميڊيا پوري تياريءَ سان پنهنجا سڀ سافٽ اوزار کڻي پهچي وئي. عمران خان جي حامين هن جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي اها ويڙهه به وڙهي، جنهن ۾ انهن کي ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ملي سگهيو. جڏهن عمران خان جي حڪومت خلاف سوشل ميڊيا پنهنجي اصل موج تي اچي وئي ته پاڪستان جو وزير اعظم به پريشان ٿيو ۽ هن پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا جي سرگرم ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪجهه طئه به ٿيو پر هو هڪ عوام آزار حڪومت کي عوام دوست حڪومت طور تي پيش ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿيا ۽ ان جو حشر اهو ٿيو ته نيٺ عمران خان جي حامين کي سوشل ميڊيا جي سنهڙي گهٽي وٺڻي پئي. ڇو ته هو سچ کي ڪوڙ ثابت نه ڪري سگهيا.
عمران خان ملڪ کي ريگيولر ۽ روايتي ميڊيا جي مٿان ڪافي ڪنٽرول ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ ان جو سبب به اهو آهي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ان تعداد ۾ بزنس نه ٿو ملي جيڪو اڳ ۾ ملندو هو ۽ اها صورتحال صرف هتي ناهي پر پوري دنيا جي ميڊيا ان مصيبت مان گذري رهي آهي ۽ هڪ ڪمزور شيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ايترو مشڪل به ناهي. جڏهن ته دنيا جي روايتي ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار سوشل ميڊيا جو آهي. اها سوشل ميڊيا جنهن جون هر ڏينهن نت نيون صورتون سامهون اچي رهيون آهن، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ آسان ناهي. ڇو ته سوشل ميڊيا جو سافٽ يعني نرم پاور پنهنجي حوالي سان هر ڏينهن نيون بلنديون ماڻي رهيو آهي ۽ اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي، جنهن جو ڪڏهن تصور به نه هو. ان ميڊيا کي مڪمل طور تي قابو ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي. ڇو ته اها ميڊيا علائقائي ۽ ملڪي ناهي پر اها ميڊيا پنهنجي دائري ۾ پوري دنيا کي سمائي ٿي. هن ميڊيا کي قابو ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته پوري ميڊيا جي عوامي ميڊيا کي پنهنجو غلام بڻائڻ. اهڙا خواب اڳ به ڏٺا ويا آهن ۽ انهن خوابن جي مقدر ۾ سدائين شڪست ۽ رسوائي ئي آئي آهي. ان قسم جا خيال سدائين فاشسٽ دماغن ۾ ايندا آهن. هٽلر جو به اهو ئي خواب هو. هٽلر چاهيو پئي ته ڪنهن طرح سان پوري دنيا تي قبضو ڪري. ان مقصد جي لاءِ هن پوري دنيا سان جنگ شروع ڪري ڇڏي پر ان قسم جي سوچ رکڻ وارن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هٽلر ۽ هن جي نازي پارٽيءَ جو حشر ڇا ٿيو؟ اهڙن خيالن جي مقدر ۾ تاريخي خواري هوندي آهي ۽ ان کي ڪڏهن به تبديل ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو ته اهو تاريخ جو قانون آهي.
عمران خان کي سمجهڻ گهرجي ته ان قسم جا قانون جوڙي هو عوام جي خلاف هڪ جنگ شروع ڪري رهيو آهي. ان جنگ ۾ هن جي شڪست لازمي ٿيندي. ڇو ته تاريخ ۾ ڪا به قوت هن مهل تائين عوام کان کٽي نه سگهي آهي. تاريخ جا باب انهن واقعن جي خون سان آلا آهن، جن ۾ عوام جي مٿان بي انتها تشدد ڪيو ويو. ڪڏهن ڪو سڪندر، ڪڏهن ڪو چنگيز، ڪڏهن ڪو هلاڪو، ڪڏهن ڪو هٽلر ۽ مسوليني يا جنرل ضياءَ تاريخ جي ارتقا کي جبر سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو به آهي ته ان جي مقدر ۾ سواءِ رسوائيءَ جي ٻيو ڪجهه ايندو آهي. تاريخ جي ارتقا جو ڦيٿو هن دنيا نه پر هن پوري ڪائنات جي تحرڪ جو بنياد آهي. ان کي روڪڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪائنات جي گردش کي روڪي ڇڏڻ. ان کي روڪڻ ائين آهي ته ڄڻ برسات کي روڪڻ يا هڪ موسم کي منع ڪري ڇڏڻ ته اها ملڪي سرحدن ۾ داخل نه ٿئي. اها ڪيتري نه اياڻي ڳالهه آهي. ڇا ڪا به حڪومت ڪنهن سرڪاري حڪم نامي سان هوا کي روڪي سگهي ٿي؟ سرڪاري حڪم نامن سان هوائون نه رڪجنديون آهن. سرڪاري حڪم ناما ته اسان سدائين هوائن ۾ اڏامندا ڏٺا آهن. هن حڪمناڪي جو به حشر اهو ئي ٿيڻو آهي جهڙو ان کان اڳ ۾ عوام جي هٿن، پيرن ۽ سندن سوچن ۽ احساسن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن قانون جو ٿيو هو. اهي قانون جيڪي پنهنجي ماهيت ۾ عوام دشمن آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ جٽاءُ نه ٿا ڪري سگن. قانون ٺاهڻ ته تمام گهڻو آسان آهي پر قانون جي مٿان عمل ڪرائڻ تمام گهڻو مشڪل آهي ۽ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏهن اهو قانون عوام جي مانگن جو مخالف هجي ۽ ان قانون کي عوام پنهنجن بنيادي حقن جو مخالف سمجهي.
اهڙا قانون تاريخ ۾ ڪڏهن به جٽاءُ نه ڪري سگهيا آهن ۽ هن قانون جو به اهو ئي حشر ٿيندو، جيڪو ان کان اڳ سوشل ميڊيا خلاف ٺهندڙ قانونن جو ٿي چڪو آهي. ڇا اسان فراموش ڪري سگهون ٿا ان قسم جي ٻاراڻي حرڪت ان کان اڳ ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت ڪئي هئي ۽ اڄ مريم نواز پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عمران خان کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته سڀاڻي اهو قانون تنهنجي خلاف استعمال ٿيندو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پنهنجي تجربي جي بنياد تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ ان قانون کي ملڪ جي ٻين پارٽين به ننديو آهي. جڏهن ته ان عوام مخالف قانون کي ايندي شرط سوشل ميڊيا مان جيڪا آڌرڀاءَ ملي آهي، ان جو ته انداز ئي نرالو آهي ۽ ان قسم جي آجيان اڳ ۾ ڪنهن قانون جي حصي ۾ نه آئي هئي، جيڪا آڌرڀاءَ ان قانون جي ٿي رهي آهي. هي قانون جيڪو پنهنجي نهن کان چوٽيءَ تائين مڪمل طور تي عوام جي آزادين جو مخالف آهي ۽ اهو عوام جي سوچن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهي ٿو. جڏهن ته ان قسم جون حرڪتون ڪري دنيا ۾ پاڪستان جي لاءِ ڪهڙو تاثر جوڙيو وڃي ٿو؟ ڇا اسان جي سرڪار کي معلوم آهي. عمران خان ڪنهن به طرح سان آمريڪي صدر کان طاقتور ناهي پر جڏهن ڪا مهل يا موقعو اچي ٿو، تڏهن آمريڪا ۽ پوري دنيا جي ماڻهن جو آمريڪي صدر سان جيڪو سوشل ميڊيا تي سلوڪ ٿئي ٿو، ان سان پڄڻ ته ڪنهن به طور تي ممڪن نه ٿو ٿئي. جڏهن ته فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا جا بنياد ئي اتي آهن. ڇا آمريڪا جو صدر پنهنجي ملڪ ۾موجود فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي پابندي مڙهي ۽ انهن جي دفترن تي تالا هڻائي ڇڏي؟ آمريڪا جو صدر اهو سوچي به نه ٿو سگهي. ڇو ته ان قسمن جا خيال سدائين قابل عمل سمجهيا ويندا آهن ۽ ان قسم جي ڪمن جي دوران هڪ ٻئي کان به اهو پڇي ويندو آهي ته ڇا پنهنجي هٿن سان پنهنجي ملڪ جي مٿان حملو ڪرڻو آهي؟
سرد جنگ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن ملڪ جي مٿان آمريڪا جي آشيرواد ۽ مدد سان ڪا آمريتي حڪومت نافذ ٿيندي هئي ته ان جي لاءِ اڪثر طور اهو لکيو ويندو هو ته فلاڻي ملڪ جي فوج پنهنجي ملڪ کي فتح ڪري ورتو. ان قسم جي جملن ۾ تاريخ جي مڪمل تلخي آهي ۽ ان کي ڪڏهن به ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري ان تلخ ۽ ڪڙي گوريءَ کي ڪنهن طرح سان شگر ڪوٽنگ جي مرحلي مان گذاري سگهجي ٿو. اها ڪڙاڻ تاريخ جي هر ان دور ۾ چکي سگهجي ٿي، جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ عوام جي خلاف قانون سازيءَ جي ڪوشش ٿي آهي. هن ڀيري جيڪو ڪجهه عوام جي مٿان ڪيو پيو وڃي، ان سان ملڪ جي اڳ ۾ تمام عاليشان ناماچاريءَ ۾ جيڪي وڌيڪ گل ۽ پن لڳندا، ان جي باري ۾ اسان کي به سوچڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪوئي نه ٿو سوچي، ته اها هن جي تاريخي غلطي هوندي ۽ تاريخي غلطيءَ جا نتيجا به تاريخي نڪرندا آهن. انساني تاريخ ۾ تمام گهٽ حڪمران اهڙا رهيا آهن، جن عوام کي طاقت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان قسم جي ڪوشش ڪرڻ وارن ۾ هن مهل تائين ڪنهن کي ڪاميابي نه ملي آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ساڳي ڀاڳ سان مشروط آهي. ان کي به ان تجربي جي تلخ نتيجي چکڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي.
جڏهن به ڪا حڪومت پنهنجي فرسٽريشن جي انتها تي پهچندي آهي ته اها عوام جي لاءِ ملڪ کي جيل نه پر ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ ان جو نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي ته انساني تاريخ ۾ هڪ ٻي غلطي ۽ هڪ ٻي هٿ جي وڍي شامل ٿيندي آهي ۽ ان تلخ تجربي جو به نتيجو ساڳيو نڪرندو آهي. سوشل ميڊيا تي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي ۽ ان مواد جي حساب سان اسان جيڪڏهن پاڻ واري حڪومت جو جائزو وٺون ٿا ته اسان وري به ساڳي نتيجي تي پهچون ٿا. هن وقت ماڻهن جي حالت اها آهي ته انهن کي هڪ ڏينهن جي ماني ملي ٿي ته ٻي ڏينهن جي مانيءَ گراهه جي انهن کي ڪا پڪ ناهي. ڇا ان صورت ۾ سرڪار انهن کان دانهون ڪرڻ جو حق به کسڻ چاهي ٿي. بکيو ماڻهو هونءَ ئي تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي ۽ جڏهن هن جي مٿان دٻاءُ وڌايو ويندو آهي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو آهي؟