يامين جتوئي
تازو ئي عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهي سوشل ميڊيا تي هڪ انٽرويو ۾ ”موجوده صورتحال“ ۽ سوشلسٽ انقلاب جي ڪجهه ٻين اهم مسئلن جيئن ”قومي ۽ طبقاتي سوالن“ مان ڪنهن به هڪ کي ”اوليت“ ڏيڻ نه ڏيڻ واري مسئلي تي پنهنجو ”اصولي“ موقف ڏنو آهي. اسان ان کي مجموعي طور هڪ سٺي سوشلسٽ روايت سمجهون ٿا. ظاهر آهي، جيستائين ڪنهن به پارٽي، جنهن جي دعويٰ هجي ته اها ظلم جي سمورين صورتن کي ميساري؛ هڪ منصفاڻو سماج قائم ڪرڻ لا جدوجهد ڪري ٿي، جو اڳواڻ فوري نوعيت جي مخصوص تاريخي سوالن تي پنهنجي بنيادي اصولي پوزيشن واضح نه ڪندو ۽ نظرياتي مسئلن جي مڪمل وضاحت نه ڪندو ته ان پارٽي جي تنظيمي صفن ۾ ڏڦيڙ ۽ ٻڏتر جو پيدا ٿيڻ، قيادت ۽ ڪارڪن ۾ تعلق جو ٽٽڻ، عوام جو ان پارٽي سان رشتو نه جڙي سگهڻ، اهڙي نموني ڪنهن به اهم مسئلي تي هلچل پيدا نه ٿي سگهڻ جو مسئلو ڪر کڻندو. تنهنڪري، ڪنهن به پارٽي اڳواڻ لا اهو بنهه ضروري آهي ته هو اهم ۽ فوري نوعيت جي نظرياتي گڏوگڏ سياسي مسئلن تي پنهنجي بيهڪ کي واضح ڪري. اهڙي ريت ڪامريڊ بخشل ڪجهه اهم نظرياتي ۽ سياسي سوالن تي پنهنجو موقف ڏئي پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ گڏوگڏ سنڌ جي پورهيت طبقي جي رهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پر مسئلو اهو آهي ته هن اهڙن مسئلن کي مخصوص ۽ ٺوس تاريخي حالتن جي تناظر ۾ رکڻ بدران انهن کي ڌنڌلي، مبهم ۽ مجرد عموميت ۾ پيش ڪري عملي طور پنهنجي سڌار پسند تنظيمي بيهڪ ظاهر ڪري، ويتر پنهنجي پاڻ ۽ ڪارڪنن کي هڪ ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بخشل جيئن ته هڪ آزموديڪار ۽ گهري نظرياتي سمجهه ٻوجهه رکندڙ سوشلسٽ آهي، تنهنڪري غالب امڪان اهي آهن ته هو اڄ نه ته سڀاڻ پاڻ کي متان اهڙي صورتحال مان ڪڍي به وڃي، پر مسئلو گهمي ڦري ان عام سياسي ڪارڪن جو اچي ٿو، جيڪو اها ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ کان پو چٽو ته ڇا ٿيڻو هو ويتر منجهي پيو آهي. سو، اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ڪامريڊ بخشل جي غلطين جي نشاندهي ڪندي ساڻس جن جن نقطن تي به اختلاف آهن، انهن کي سنڌ جي انقلابي ڪارڪنن آڏو رکجي.
انٽرويو ڪندڙ ڪامريڊ بخشل کان سوال ڪري ٿو: ”نوجوانن ۽ سياسي ورڪرن ۾ اڃا تائين اهو بحث هلندڙ آهي ته سڀ کان پهرين طبقاتي سوال حل ڪجي يا قومي؟ اوهان جي نظر ۾ انهن ٻنهي مان ڪهڙو ضروري آهي، اهي ٻئي گڏ کڻي هلي سگهجن ٿا يا انهن مان پهرين هڪڙو حل ٿيندو ته ٻيو پاڻهي ان سان گڏ حل ٿي ويندو؟“ ڪامريڊ بخشل جواب ڏيئي ٿو: ”اهي سڀ جمهوري سوال جو حصو آهن، جمهوريت معنيٰ برابري، قومن جي برابري، طبقن جي برابري، جنس جي برابري، ڪا به اڻبرابري نه هجي. اهي کاٻي ڌر جي اندر جا تضاد آهن، اهي دشمناڻا تضاد ڪونهن، پهريون سوال پويون سوال، اها سادي سمجهه هوندي آهي ته اسان چوندا آهيون پهريون ڪهڙو پو ڪهڙو، ها ڪجهه خاص حالتن ۾ هڪڙا سوال انتهائي اهم ٿي ويندا آهن، انقلابي قوتن کي انهن کي حل ڪرڻ ضروري هوندو آهي، انهن جو رشتو پاڻ ۾ ڪو دشمناڻو ڪونهي، اهو دوستاڻو رشتو آهي،“
بلڪل اهي جمهوري سوال جو حصو آهن، پر مسئلو عمومي تجريدي جمهوري برابري جي لفاظي کان وڌيڪ ڪنهن به مخصوص تاريخي سوال کي ٺوس انداز ۾ رکڻ جو آهي، جنهن کان ڪامريڊ بخشل وڏي هوشياري سان ڪترائي وڃي ٿو! مارڪس چيو هو مذهب ماڻهن جو آفيم آهي پر موقعي پرستن مارڪسزم کي انقلابي ڪيڊر جو آفيم بڻائي ڇڏيو. ظاهر آهي جڏهن ڪنهن به ٺوس تاريخي سوال کي توهان مجرد عموميت حوالي ڪري ڇڏيندئو ته مارڪسزم انقلابي نظرئي مان ڦري آفيمي نظريو بڻجي پوندو. ڪامريڊ بخشل چئي ٿو: ”ها ڪجهه خاص حالتن ۾ هڪڙا سوال انتهائي اهم ٿي ويندا آهن، انقلابي قوتن کي انهن کي حل ڪرڻ ضروري هوندو آهي.“ هاڻي اسان جو سوال آهي ته اهي ”خاص حالتون“ ڪهڙيون هونديون آهن؟ توهان کي اهو نظر نٿو اچي ته پاڪستان جي ڍانچي اندر سنگهرن ۾ جڪڙيل سنڌ جهڙين مظلوم قومن جو نه رڳو اقتصادي بقا پر انهن جي سياست، ٻولي، تهذيب تمدن، ڊيموگرافي، جاگرافي مطلب سمورو وجود دا تي لڳل آهي، سوشلسٽ انقلاب جو اهو هڪ اهڙو فوري مسئلو آهي، جنهن بابت چٽائي سان نظرئي سازي جي ضرورت آهي ته جيئن پنهنجي ڪارڪن کي چٽو ڪري، ان بابت جدوجهد ڪرڻ لا تيار ڪري سگهجي. ان جي ابتڙ ابهام پيدا ڪرڻ ڪٿان جو مارڪسزم آهي؟ جڏهن هڪ قوم جو بقا سوال هيٺ آهي، ته پو اڃا ڪهڙيون “خاص حالتون“ پيدا ٿينديون، جن تحت اوهان جي پارٽي سميت انقلابي قوتون انهن کي حل ڪرڻ ”ضروري“ سمجهنديون؟ جڏهن انقلاب جي دعويدار ڪنهن پارٽي جو اڳواڻ انقلابي ڪيڊر کي مجرد، مبهم ۽ عمومي بحث ۾ الجهائيندو ته اها مارڪسزم نه پر شعبدي بازي آهي. لينن چيو هو: ”رڳو عمومي ۽ مبهم انداز ۾ نه، سکڻين جذباتي تقريرن سان نه، سوشلزم جي قيام تائين ”ملتوي“ ڪري نه، بلڪ صاف ۽ تز انداز ۾ سياسي پروگرام ترتيب ڏئي مظلوم قومن جي آزادي جو مطالبو ڪيون، هڪ اهڙو پروگرام ترتيب ڏيون جيڪو ظالم قوم جي سوشلسٽن جي منافقت ۽ ڪانئرتا کي به نظر ۾ رکي.“ (دا سوشلسٽ ريووليوشن اينڊ دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
اوهان جي پارٽي سميت پاڪستاني ليفٽ جي ڪهڙي پارٽي ايڏي چٽائي سان مظلوم قومن جو ڪيس رکيو آهي؟ رڳو مٿين دل سان پارٽي پروگرام جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ”حق خود اختياري“ جو نقطو شامل ڪري ڇڏبو! حالانڪه حق خوداختياري ۽ قومي حق خوداراديت ٻه ڌار حقيقتون آهن. ”جيڪڏهن اسان قانوني وصفن سان شعبدي بازي ڪرڻ يا مجرد قسم جون تعريفون ”ايجاد ڪرڻ“ بدران قومي تحريڪن جي تاريخي ۽ معاشي حالتن جو مطالعو ڪري قومن جي خوداراديت جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته لازمي طور ان نتيجي تي پهچنداسين ته قومن جي خوداراديت جو مطلب آهي غيرقومن کان انهن جي سياسي علحيدگي ۽ آزاد قومي رياستن جو قيام.“ (لينن: دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
پر اها (خود اختياري) به تڏهن ڏبي جڏهن سوشلسٽ انقلاب ايندو!! ان کان اڳ نه!! ڇو؟ چي ”معاشي آزادي کانسوا ڪهڙي آزادي؟“ مجموعي طور قومي سوال ڏانهن سڌارپسند ليفٽ جي اها روش لڳ ڀڳ 20هين صدي جي شروعات کان وٺي رهي آهي. اهڙي صورتحال سان لينن به منهن مقابل هو. اهڙن ئي شعبدي بازن کي لينن جواب ڏيندي چيو هو: ”اسان جا مخالف جواب ڏين ٿا ته ”سوشلزم هر قسم جي قومي ظلم کي ختم ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته سوشلزم انهن سمورن طبقاتي مفادن کي ختم ڪري ڇڏيندو، جيڪي قومي ظلم کي جنم ڏين ٿا.“ قومي ظلم کي ختم ڪرڻ لا بنيادي اقتصادي شرطن جو ذڪر ڇو ٿي رهيو آهي. جن کي عرصي کان اسان ڄاڻون ٿا، جن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته سڄي دليل جو تعلق سياسي ظلم جي هڪ شڪل سان آهي. يعني ڪنهن هڪ قوم کي جبري طور ٻي رياست جي سرحدن اندر رکڻ جو سوال؟ (دا ڊسڪشن آن سيلف ڊٽرمينيشن سمڊ اپ)
روزا لڪسمبرگ جهڙيون مارڪسسٽ به سمجهنديون هيون ته سامراج ۾ قومي حق خوداراديت ”ناممڪن“ ۽ سوشلزم ۾ ”غيرضروري“ آهي. هن وقت به ٽراٽسڪي جي عقيدتمندن سميت سموري سڌارپسند ليفٽ جو اهو مڃڻ آهي ته سوشلزم کان اڳ ۾ مظلوم قومن جي آزادي جي ڳالهه اجائي ۽ ”پورهيت بين الاقواميت“ سان ”غداري“ آهي. سندن نظر ۾ قومي ظلم سميت هر معاملو سوشلزم ۾ حل ٿيندو، اها خلائي مخلوق لينن کان به اڳ جي دور ۾ جي رهي آهي، جيئن ته مارڪس چئي ويو هو ته جنگ صرف طبقاتي ٿيندي آهي، تنهنڪري ٻي ڪنهن به جنگ جي ڳالهه مارڪسزم خلاف آهي. مخصوص حالتن جي فوري نوعيت جي سوالن کي غور هيٺ نه آڻبو. سماجي سياسي ارتقا جي پيچيدگين کي خاطر ۾ نه آڻبو، جن مخصوص حالتن ۾ انقلابي سياست جي صورتگري ٿي رهي آهي. ان جي ٺوس گهرجن کي نظر ۾ نه رکبو؟ لينن اهڙن ”انقلابين“ سان ئي مناظري ۾ چيو هو: ”سوشلسٽ انقلاب ڪو هڪ قدم ناهي، ڪنهن هڪ مورچي تي هڪ ويڙهه ناهي، پر شديد طبقاتي جدوجهد جو پورو دور آهي، سمورن مورچن تي لڙائين جو هڪ پورو سلسلو يعني معيشت ۽ سياست جي سمورن مسئلن جي چوڌاري لڙايون جن جو واحد انجام بورجوازي جي ملڪيت جي ضطبي ٿي سگهي ٿو. اهو فرض ڪري وٺڻ بنيادي غلطي هوندي ته جمهوريت لا جدوجهد پرولتاري کي سوشلسٽ انقلاب جي رستي تان ٿيڙي سگهي ٿي، يا ان کي ڌنڌلائي سگهي ٿي. ان تي پردو وجهي سگهي ٿي. وغيره. ان جي ابتڙ اهڙو فتحياب سوشلزم ممڪن ناهي جيڪو جمهوريت کي لاڳو نٿو ڪري، اهڙي نموني پرولتاري ان وقت تائين بورجوازي تي فتح حاصل ڪرڻ جي تياري نٿو ڪري سگهي جيستائين جمهوريت لا گهڻ طرفي، مسلسل ۽ انقلابي جدوجهد نٿو ڪري. اها ان کان گهٽ سنگين غلطي نه ٿيندي ته جمهوري پروگرام جي ڪجهه نقطن مان هڪ کي، مثال طور قومن جي خوداراديت جي نقطي کي ان بنياد تي ڪڍي ڇڏجي ته اهو سامراج تحت ”ناممڪن“ ۽ ”خيالي“ آهي. (دا سوشلسٽ ريووليوشن اينڊ دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن))
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته لينن وٽ انقلابي جدوجهد جو تصور تجريدي نه پر تخليقي، جدلي ۽ ٺوس آهي. اسٽالن اجايو نه چيو هو: ” ليننزم مارڪسزم جي ڪانڪريٽائيزيشن آهي.“ (فائونڊيشن آف ليننزم) لينن سوشلسٽ انقلاب کي ٽڪرائن جي ڪليت ۾ ڏسي ٿو. قومي سوال به جنهن جو حصو آهي. ٻي انٽرنيشنل کان وٺي اها ڪوشش ٿيندي رهي آهي ته مارڪسزم کي انقلابي نظرئي مان ڦيرائي جنن ۽ ڀوتن جو نظريو بڻايو وڃي. اها ڪوشش اڄ تائين ٿيندي رهي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهو سڄي دنيا جي کاٻي ڌر جو الميو رهيو ته ان انقلابي جدوجهد جي سوالن کي ڪڏهن به ٺوس انداز ۾ ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي. پاڪستان ۾ به کاٻي ڌر جي حالت ساڳي رهي. مارڪسزم جا باني جيڪو ڪجهه چئي ويا، انهن کي جيئن جو تيئن قبوليو ويو. لينن اهڙن ”سوشلسٽن“ جي ڪرتوتن کي ڏسندي چيو هو: ”هي ڪوشش ته مارڪس جو هڪ مختلف دور ۾ جيڪو نقطه نظر هو، ان کي هر زماني ۽ هر دور لاءِ ”طئي“ ڪري ڇڏڻ دراصل مارڪسزم جي ظاهري معنيٰ کي مارڪسزم جي روح خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش هئي.“ (دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
(هلندڙ)