پاڪستانسنڌ

بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي ۾ ٻوٽا لڳائڻ جو مقابلو،ساڍا 3 سئو ٻوٽا لڳا ويا

روهڙي ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي پاران شاگردياڻين ۾ ماحول کي آلودگي کان پاڪ رکڻ لاءِ 50 ڏينهن جو “گو گرين سوسائٽي” جي عنوان سان مقابلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيون آهن. انهن ۾ يونيورسٽي جي غير آباد حصي ۾ ٻوٽا لڳائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. پهرين ڏينهن شاگردياڻين 89 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا 3 سئو پنجاهه ٻوٽا لڳايا ۽ ان حوالي سان شاگردياڻين جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button