سنڌغير درجه بندي

سزوڪي ۾ عورت جو ويم

ڪوٽڙي ۾ ڊي ايچ ڪيو اسپتال انتظاميا حد ڪري ڇڏي، عورت سوزوڪي ۾ ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو، ڳورهاري عورت کي ليبر روم تائين پڄائڻ لاءِ اسٽريچر نه ڏنو، جنهن بعد عورت سوزوڪي ۾ ئي ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو جھمپير جي رھواسڻ عورت صغريٰ زال علي شير چانگ بلاول ميڊيڪل اسپتال جي گيٽ اڳيان سوزوڪي ۾ ٻار کي جنم ڏنو. عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته زال کي ڊليوري لاءِ بلاول ميڊيڪل اسپتال آندو. جتي اسپتال انتظاميا ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ جي باوجود اسٽيريچر نه ڏنو، جنھن سبب ٻار جو جنم سزوڪي ۾ ٿيو آھي. هن چيو ته اسپتال انتظاميا اسپتال کي ڪوس گھر بڻائي ڇڏيو، ھتي غريب مسڪين ماڻھن جي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھي، معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button