سنڌ

صحافين جا سمورا جائز مسئلا ۽ مطالبا پورا ڪيا ويندا:سعيد غني

سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه صحافين جي ڀلائي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي، هاڻي به سموري سنڌ جي سڀني پريس ڪلب، يونين آف جرنلسٽس سميت صحافين جي مشڪلات جي ازالي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مثال ٻين صوبن ۾ نه ٿو ملي، اسين صحافت جي آزادي جا حامي آهيون ۽ چاهيون ٿا ته صحافي خوف ۽ خطري بنا پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائن، صحافين جا سمورا جائز مسئلا ۽ مطالبا پورا ڪيا ويندا.

هو ريجنل يونين آف جرنلسٽس پاڪستان ( آر يو جي) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عابد حسين مغل جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات ڪري رهيو هو. وفد ۾ آر يو جي جو مرڪزي اڳواڻ شهزاد حسين نقوي، صوبائي جنرل سيڪريٽري زخمي رشيد مهر ۽ رابطا سيڪريٽري راڻا عبدالله سرور موجود هئا.

آر يو جي جي وفد صوبائي وزير کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊز، صحت ۽ تعليم جي مسئلن ۽ صحافين جي رهائش جي لاءِ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي. صوبائي جنرل سيڪريٽري زخمي رشيد مهر صوبائي وزير کي آر يو جي تحت ڊسمبر ۾ ريجنل ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button