سنڌ

پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي تحفظ نه مليو،مهمان ٿي آيل چاچن قتل ڪري ڇڏيو

نواب شاهه ۾ 4 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ سئوٽ جوڙي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي عدالتي حڪم باوجود پوليس تحفظ نه ڏنو. خبر موجب ٽنڊوآدم جي ڳوٺ لونگ خان لاشاري ۾ پسند جي شادي ڪندڙ سئوٽ جوڙي ارشاد علي لنڊ ۽ پوپري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. مقتولن جا وارث ڊي آ جي شھيد بينظيرآباد جي آفيس ٻاهران ٻنهي جا لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي ڀاءُ عرفان علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ڀاءُ چار مھينا اڳ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پنھنجي سئوٽ پوپري سان پسند جي شادي ڪئي ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست به داخل ڪرائي ھئي، جنهن تي عدالت پوليس کي جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو ۽ ٻئي قتل ٿي ويا، جيڪڏهن پوليس ٻنھي کي تحفظ ڏئي ھا ته قتل نه ٿين ھا. ھن چيو ته چاچا مير محمد، عباس لنڊ علاج جي بھاني ٽنڊوآدم ويا، جتي ڪالهه رات انھن منهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي رپيٽر جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا پر پوليس اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو. ھنن چيو ته جيستائين اسان کي انصاف نه ملندو ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين اسان لاش نه دفنائينداسين. آخري اطلاعن تائين ڌرڻو جاري رھيو، جڏھن ته انتظاميه طرفان ڪير به مظاھرين سان ڳالھين نه پھتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button