پاڪستان

برطانوي عدالت شهباز شريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ جي الزامن کان بري ڪري ڇڏيو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطانوي عدالت مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ مجرماڻي سرگرمين جي الزامن مان بري ڪري ڇڏيو. برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي شهباز شريف ۽ سندس پٽ سليمان جي منجمد بئنڪ اڪائونٽن جي جاچ رپورٽ ويسٽ منسٽر ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي

رپورٽ موجب شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ مجرماڻي سرگرمي جو ڪو ثبوت سامهون نه آيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 21 مهينن جي جاچ ۾ 20 سالن جي مالي معاملن جو جائزو ورتو ويو. واضح رهي ته برطانوي ايجنسي پاڪستاني حڪومت، نيب ۽ ايسٽ ريڪوري يونٽ جي درخواست تي جاچ شروع ڪئي هئي، جڏهن ته جاچ دوران شهباز شريف ۽ شريف خاندان جي برطانيا ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ اڪائونٽن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي. عدالت شهباز شريف ۽ ان جي خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ مجرماڻي سرگرمين جي الزامن مان بري ڪري ڇڏيو ۽ منجمد اڪائونٽ به بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button