اعجاز منگي
بين الاقوامي برادريءَ جي بي رخيءَ سبب طالبان ۾ تمام گهڻو طيش اچڻ هڪ فطري عمل آهي. طالبان جو خيال هو ته انهن پاران اقتدار ۾ اچڻ بعد عالمي وفدن جون قطارون لڳي وينديون. هڪڙا سفارتڪار ايندا. ٻيا ويندا. ڪابل ۾ رونقون ئي رونقوم هونديون. پر افسوس ته طالبان جا سمورا سپنا چڪنا چور ٿي رهيا آهن. عالمي برادري جهڙي طرح طالبان کي ”اگنور“ ڪري رهي آهي، ان سبب انهن ۾ هڪ ته فرسٽريشن وڌي رهي آهي ۽ ٻيو ته هو هڪ خوف ۾ به اچي ويا آهن ۽ انهن کي پنهنجو مستقبل غيرمحفوظ محسوس ٿي رهيو آهي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر طالبان سان تعاون جون اپيلون ڪري رهيو آهي. وزير اعظم عمران خان ته عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ اهو بيان به جاري ڪري ڇڏيو آهي ته ”جيڪڏهن طالبان سان تعاون نه ڪيو ويو ته افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرديءَ جو ماڳ بڻجي سگهي ٿو“ پر ان جي باوجود به ڪنهن ملڪ سنجيدگيءَ سان افغانستان جي باري ۾ نه سوچيو آهي. حيرت اها آهي ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ”افغانستان“ اهم اشو هجڻ کپندو هو ۽ گڏيل قومن کي ڪا ڪميٽي ٺاهي افغان معاملي جي پڙتال ڪرڻ کپندي هئي پر گڏيل قومن جو به اهڙو انداز هو ته ڄڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪو به ملڪ بحراني ڪيفيت مان نه گذري رهيو آهي. جيڪڏهن افغانستان جي معاملي تي ڀارت جي وزير اعظم موديءَ ڳالهايو ته هن به صرف دهشتگرديءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو ۽ ٻيو بس. اهڙي صورتحال ۾ طالبان جو پريشان ٿيڻ هڪ لازمي ڳالهه آهي.
طالبان پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار به طالباني طريقي سان ڪري رهيا آهن. انهن ابتدا ۾ افغان عوام کي جيڪي آزاديون ڏنيون هيون ۽ انهن جيڪو پنهنجو تبديل ٿيل چهرو ڏيکارڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. هو هاڻي ان تان هٽي رهيا آهن. هو وري پنهنجي پراڻي ڊگر تي هلڻ لڳا آهن. ان جي ابتدا ڏوهارين کي سرعام ڦاسيون ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ دهشت پيدا ڪرڻ جو سلسلو آهي. طالبان جي هڪ نمائندي پنهنجي بيان ۾ به چيو آهي ته هو هاڻي هٿ وڍڻ جهڙيون سخت سزائون ڏيندا. تازو بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ مطابق طالبان افغانستان جي سيلونن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڏاڙهيءَ جو شيو نه ڪن. طالبان جي تبديل ٿيل انداز سبب افغان عوام ۾ هڪ خوف جي ڪيفيت به اڀري آئي آهي. هن وقت ڪنهن کي معلوم ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟
پاڪستان طالبان کان پوءِ يا شايد ان جيترو پريشان آهي. ڇو ته افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو، ان جا پاڪستان تي اڻ سڌا نه پر سڌا اثر پوندا. پاڪستان تمام گهڻي تشويش واري حالت ۾ آهي. ڇو ته افغانستان جي عالمي برادريءَ وٽ ڪا به چنتا ناهي. پاڪستان به اهو چاهي ٿو ته افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت جڙي جيڪا طالبان جي ڪنٽرول ۾ هجي پر ان ۾ ڀرپور نمائندگي هجي ۽ عالمي برادري ان سان تعاون ڪري. افغانستان ۾ طالبان جيڪا عبوري حڪومت جوڙي آهي، ان ۾ اهڙا فرد شامل ڪيا ويا آهن، جن جا نالا پڙهي آمريڪا سميت اولهه جي ملڪن ۾ مايوسيءَ جي لهر ڇانيل آهي. هڪ طرف عالمي برادري اهو محسوس ڪري رهي آهي ته طالبان ۾ ڪنهن بهتريءَ جو ڪو امڪان ڪونهي ۽ ٻي طرف طالبان اهو سوچيندا محسوس ٿي رهيا آهن ته جيڪڏهن هو پاڻ ۾ ڪا تبديلي آڻن به ته ان جو کين عالمي برادريءَ طرفان ڪو انعام ته ملڻ گهرجي. جڏهن ته ٽين حلقي جو اهو خيال آهي ته طالبان جي تبديليءَ لاءِ انهن کي وقت ۽ حالتن جي حوالي سان مهلت ۽ مدد ملڻ گهرجي. طالبان کي اهو سوچي توائي اچي رهي آهي ته عالمي برادري انهن کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي ۽ اها ئي ساڳي سوچ عالمي برادريءَ وٽ به آهي. اهڙي صورتحال ۾ ان معاملي جو ممڪن نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟
طالبان ۾ هاڻي ان خوف واسو ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ هن جا ساٿاري انهن جي حڪومت کي عدم تعاون جي هٿيار سان ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. طالبان وٽ پنهنجي ملڪ کي عالمي برادريءَ جي تعاون بغير اڳتي هلائڻ جو ڪو روڊ ميپ ۽ ڪوئي جديد ماڊل ناهي. ان ڪري هو ڪهڙي وٽ وٺن؟ ان سوال جو جواب کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي. طالبان پنهنجي مجموعي پريشانيءَ کي پاڪستان سان ئي شيئر ڪري سگهن ٿا. پر پاڪستان جي مٿان به تمام گهڻو پريشر آهي ته هو ڪنهن طرح سان طالبان کي ڪنٽرول هيٺ رکي ۽ اهڙي صورت پيدا نه ٿيڻ ڏئي، جنهن سا علائقي يا عالمي سطح تي ڪائي پريشاني پيدا ٿئي. طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جهڙي طرح داعش جون ڪارروايون شروع ٿيون ۽ سالن کان پوءِ القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري جو وڊيو منظر عام تي آيو ته ان سان ڪجهه سوال به پيدا ٿيا. هڪڙن حلقن جو اهو خيال هو ته اهڙي حرڪت پاڻ آمريڪا ڪري رهيو آهي ته جيئن هو طالبان جي مٿان دٻاءُ وجهي پنهنجا مطالبا مڃرائي سگهي ۽ ٻين حلقن جو خيال آهي ته اهو ڪجهه ان ڪري به ٿي سگهي ٿو ته جيئن طالبان جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ انهن سان تعاون جا سلسلا شروع ڪجن. حقيقي سبب ڪهڙو آهي؟ ان جي باري ۾ مهل تائين ڪنهن به ڌر ڪو ٺوس ثبوت پيش نه ڪيو آهي. انهن صرف اهو تجزيو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ امڪانن جي گهڻائي آهي.
افغان طالبان کي اهو پڪو آسرو هو ته جيڪڏهن آمريڪا انهن جي مدد نه ڪئي ته حڪومت هلائڻ جي سلسلي ۾ چين ۽ روس انهن جي ڀرپور مدد ڪندا. انهن وٽ ان سلسلي ۾ شام جو مثال به هو. انهن جو خيال هو ته جيڪڏهن روس شام کي هر طرح جو ڪلهو ڏئي سگهي ٿو ته افغانستان کي ڇو نه؟ اها ڳالهه منطقي ته محسوس ٿي رهي آهي پر روس جا به طالبان کان ڪجهه مطالبا هئا. روس اهو بيان به جاري ڪيو هو ته جيڪڏهن حڪومت ۾ سڀني ڌرين کي شامل نه ڪيو ويو ته روس حلف برداريءَ جي تقريب ۾ به شرڪت نه ڪندو. اهو چوڻ محال آهي ته صرف روس جي ڪري طالبان حلف برداريءَ جي تقريب ڪينسل ڪئي پر انهن تقريب منعقد نه ڪئي ۽ غريباڻي شاديءَ وانگر پنهنجو ڪم بنا ڪنهن تقريب جي شروع ڪري ڇڏيو.
طالبان کي روس کان وڌيڪ ته چين جو آسرو هو. چين ته اهو اعلان به ڪيو هو ته هو افغانستان کي ترقي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ معاشي طور تي مدد ڪندو ۽ ميڊيا تي اهڙيون تصويرون به اپلوڊ ٿيون هيون، جن ۾ چين ۽ طالبان جا وفد پاڻ ۾ دوستاڻي انداز سان ويجها نظر اچي رهيا آهن. پر هن مهل تائين چين جي به ڪابل ۾ ڪا اهڙي وڏي چرپر نظر نه ٿي اچي، جنهن کي ڏسي چئي سگهجي ته طالبان سان تعاون ڪرڻ وارا هٿ پهچي ويا آهن. ممڪن آهي ته چين طالبان جي هلڪي مدد ڪندو هجي پر هي معاملي ننڍي مدد سان حل ٿيڻ وارو ناهي. افغانستان جي پوري سيٽ اپ کي هلائڻ جي لاءِ تمام گهڻي معاشي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. جڏهن ته چين هن مهل تائين پنهنجي واپاري مفاد کان سواءِ ڪٿي به ڪو پئسو ٽڪو خرچ نه ڪيو آهي. افغانستان ۾ معدني دولت جا ذخيرا ٿي سگهن ٿا پر هن مهل تائين ڪٿان به اهڙو ڪو پيغام نه آيو آهي، جنهن کي ٻڌي دنيا جون سرڪاري نه سگهي ته پرائيويٽ ڪمپنيون طالبان سان لهه وچڙ ۾ اچن. طالبان سان اهڙا رابطا نه ٿيڻ جو هڪ اهم سبب اهو آهي ته عالمي سرمائيڪارن کي اها پڪ ناهي ته افغانستان ۾ طالبان گهڻو هوندا. انهن تائين جيڪي اطلاع پهچي رهيا آهن، انهن ۾ طالبان جو حڪومت جو گهڻو وقت نه هلڻ وارو عنصر حاوي آهي. جڏهن بي يقينيءَ جي صورتحال تمام گهڻي هجي ته ڪير پنهنجا پئسا لڳائيندو؟ هن وقت ته ڀارت به پنهنجي لڳايل پئسي جي فائدي ملڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻو پريشان آهي ۽ جڏهن آمريڪا جي حوالي سان اهي رپورٽون اچن ٿيون ته آمريڪا جا افغانستان ۾ اربين ڊالر ٻڏي ويا ته گهڻ طرفو خوف پيدا ٿيڻ لازمي آهي. دنيا جا سرمائيڪار اهو به سمجهن ٿا ته افغانستان سرمائي جي سلسلي ۾ هڪ اهڙي ڌٻڻ جيان آهي، جنهن جو ڀڀ ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي. ان ڪري ڪنهن کي به پنهنجو پيسو لڳائڻ جي همت نه ٿي ٿئي ۽ اها حالت طالبان جي حڪومت ۾ هڪ طرح جو بحران پيدا ڪري رهي آهي. طالبان عدم تعاون جي صورت ۾ ڪيترو وقت هلي سگهندا؟ ان سلسلي ۾ ڪنهن وٽ به ڪو پڪو جواب ناهي. پر سڀ ان ڳالهه تي سهمت آهن ته اهو سلسلو گهڻو وقت نه هلي سگهندو.
آمريڪا ۽ اولهه اهو به چاهيندو ته ڪا اهڙي يوٽوپيائي حڪومت وجود ۾ اچي، جيڪا سڪل گاهه کائي پر پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪري ۽ دنيا جي آڏو ثابت ڪري ڏيکاري ته مذهب تي عمل ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه فائدو آهي؟ ان حوالي سان طالبان جي حڪومت گهڻ طرفن گهيرن ۾ آهي. طالبان عالمي برادريءَ کي پنهنجن شرطن تي تعاون جي لاءِ راضي ڪري نه ٿا سگهن. هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ جي سربراهه نه ته ڪابل جو دورو ڪيو آهي ۽ نه وري طالبان جي وفد کي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کي مانُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها صورتحال هڪ طرح جي بحراني ڪيفيت کي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻي آهي. طالبان جي انداز مان محسوس ٿي رهيو آهي ته انهن هاڻي ان سلسلي ۾ ذهن ٺاهڻ به شروع ڪيو آهي ته جيڪڏهن عالمي برادري انهن کي لفٽ نه ٿي ڪرائي ته هو پنهنجي انداز سان حڪومت هلائن. هو سوچين ٿا ته جيڪڏهن دنيا انهن جي پرواهه نه ٿي ڪري ته هو دنيا جي پرواهه ڇو ڪن؟ ممڪن آهي ته انهن اهو به سوچي ورتو هجي ته جيڪڏهن انهن جي مٿان ڪو ناقابل قبول سيٽ اپ مڙهيو ويو ته هو حڪومت ڇڏي هٿ ۾ بندوق کڻندا. پر سچي ڳالهه اها آهي ته انهن هن مهل تائين بندوق ڇڏي ڪٿي آهي؟ هن مهل به انهن جي هٿ ۾ اها ساڳي بندوق آهي، جيڪا اقتدار کان اڳ هئي.