عالمي

گڏيل قومن ۾ حمايت ڪرڻ تي عمران خان جا ٿورائتا آهيون: طالبان

ڪابل: طالبان جي اطلاعات جي نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسان جي حڪومت جون ڏکيائيون ۽ مسئلا پيش ڪرڻ ۽ ان جو حل عالمي برادري جي آڏو رکڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ٽيليويزن تي انٽرويو ۾ طالبان جي ترجمان ۽ عبوري حڪومت جي نائب وزير اطلاعات ذبيح الله مجاهد چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اسان جي حڪومت جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ عالمي برادري تي طالبان حڪومت سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو جنهن تي اسان وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button