سنڌ

دادو ۾ وئڪسين ڪارڊ چيڪ ڪندڙ مختيارڪار ۽ صحت کاتي جي ٽيم يرغمال،ڪيس داخل

دادو ۾ مختيارڪار سيد عابد علي شاهه ۽ صحت کاتي جي ٽيم ڪرونا ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪرڻ ۽ ويڪسين ڪرڻ لاءِ دادو شهر جي سئنما چوڪ تي پهتا ته اتي شرپسند ماڻهن حملو ڪري کين يرغمال بڻائي ورتو ۽ ڌڪا ڏنا ته مختيارڪار پوليس نفري گهرائي ورتي، جنهن کانپو شرپسند فرار ٿي ويا. هوڏانهن واقعي جو ڊپٽي ڪمشنر سميع الله نثار علي شيخ نوٽيس وٺي شرپسندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. جڏهن ته ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ پڻ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. جنهن کانپو اي سيڪشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 161/2021 تحت سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، مختيارڪار، صحت کاتي جي ٽيم کي يرغمال بڻائڻ ۽ ڪرونا ويڪسين نه ڪرائڻ لاءِ شهرين کي اڪسائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار سيد عابد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار جي حڪمن تحت صحت کاتي جي ٽيم سان گڏ شهر ۾ ڪرونا ڪارڊ چيڪ ڪري رهيا هئاسين ته سينما چوڪ تي شرپسند، منشيات فروش ٽولي جي آفتاب جمالي، سجاد لاکو، عقيل لاکو، شڪيل لاکو، زاهد کوسو گهيراءُ ڪري يرغمال بڻايو ۽ ويڪسين ڪرڻ کان روڪيو ۽ ماڻهن کي ورغلايو ته اوهان ويڪسين نه ڪرايو. هن چيو ته شرپسند ٽولي جي سربراهه آفتاب جمالي اسان جي خلاف نعرا پڻ هڻايا ۽ ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڌڪا ڏنا، جنهن تي پوليس طلب ڪئي. پوليس اچي ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ روڊ ڪليئر ڪرايو. هن چيو ته اهڙي رپورٽ چيف سيڪريٽري سميت اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي آهي. هوڏانهن سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو آهي. ان ڏس ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن سائين بخش چانڊيو چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button