سنڌ

ڏهرڪي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ خلاف جي يو آئي جو ڌرڻو

ڏهرڪي ۾ ماڙي پيٽروليم ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ۽ ٻين زيادتين خلاف جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي ريلي ڪڍي مک گيٽ اڳيان 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ ماڙي پيٽروليم ڪمپني ڏهرڪي سميت ضلعي جي مختلف صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ ناانصافين خلاف جي يو آ تعلقي ڏهرڪي جي سڏ تي صوبائي اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو، مولانا محمد اسحاق لغاري، مولانا اسدالله مهر، محمد قاسم کهاوڙ، مولانا الهڏنو چنا، مولانا ابراهيم کوسو، حافظ سراج احمد چنا، مولانا عبدالله لغاري، حافظ نصرالله گبول ۽ ٻين ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي گيٽ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين سنڌ ترقي پسند پارٽي جي آفتاب شر، ايس يو پي جي صدر حاتن خان شر ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا ناصر محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي صنعتي ادارن سان مالا مال هئڻ باوجود هتان جو ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل آهي. ڪراچي کانپوءِ ٻي نمبر تي ٽئڪس ادا ڪندڙ هن ضلعي ۾ پاڻي، صحت، صفائي، روڊ ٽٽل هئڻ سبب بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. هن چيو ته ضلعي جي صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن گهوٽڪي ضلعي جي عوام کي حق نه مليا ته جمعيت علماءِ اسلام طرفان دمادم مست قلندر ڪيو ويندو. سنڌ پنجاب سرحد بند ڪري ڌرڻو هڻي سگهون ٿا. 70 سيڪڙو ملڪ کي سنڌ پالي رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي بجيٽ 100 روپيا آهي ته هن ۾ 70 سيڪڙو سنڌ ڪمائي ڏئي رهيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو آهي ته اسان جي پرامن احتجاج کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ماڙي پيٽروليم ڪمپني سميت ضلعي جي صنعتي ادارن مقامي ماڻهن کي حق ۽ بنيادي سهولتون نه ڏنيون ته پوءِ اسين دما دم مست قلندر ڪنداسين. ڌرڻي کي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. هن چتاءُ ڏنو ته 07 آڪٽوبر تي ٻيهر مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button