بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ هٿياربندن مسافرن سان ڀريل بس اغوا ڪري ورتي

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ هٿياربندن مسافرن سان ڀريل بس کي اغوا ڪري ورتو آهي. ليويز ذريعن مطابق بلوچستان جي ضلعي زوب جي مشهور تفريحي ماڳ سليازه ۾ اڻڄاتل هٿياربندن مسافرن سان ڀريل بس اغوا ڪري ورتي ۽ اڻڄاتل هنڌ ڏانهن فرار ٿي ويا. ليويز مطابق مسافر بس ڪوئيٽا کان زوب رستي خيبرپختونخوا وڃي رهي هئي، بس سليازه اڳيان هڪ هوٽل تي بيٺي، جتي مسافر ماني کائي رهيا هئا ته هٿياربند هوٽل ۾ داخل ٿيا ۽ مسافرن کي گن پوائنٽ تي اغوا ڪري ورتو. ليويز ذريعن مطابق واقعي جو اطلاع ملندي ئي انتظاميا ۽ ليويز جو وڏو انگ سليازه پهچي ويو ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي، سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button