ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشلسٽ انقلاب جي اهم سوالن ڏانهن کاٻي ڌر جو رويو-II

يامين جتوئي

اٻوجهه لينن ۽ پيچيده سمجهه رکندڙ بخشل
ڪامريڊ بخشل چئي ٿو: “پهريون سوال پويون سوال، اها سادي سمجهه هوندي آهي ته اسان چوندا آهيون پهريون ڪهڙو پو ڪهڙو.” ڪنهن به ٺوس ۽ اهم سوال تي چٽو ٿي بيهڻ واقعي به ڏکيو معاملو آهي، تنهنڪري، ان جو آسان حل اهو آهي ته سڀني سوالن کي گڏي پوتڙيو ڪلهي تي رکي انقلابي جدوجهد لا نڪري پئجي! پو نتيجا اهي ئي ملندا جيڪي اڄ تائين کاٻي ڌر کي پلئه پيا آهن. ڄڻ لقا رڳو هڪٻئي کي چنبڙيل هوندا آهن، هڪٻئي کان ڌار ناهن هوندا! بهرحال، معاملن کي منجهائي انهن کي جنن ۽ ڀوتن جا داستان بڻائڻ سڌار پسند کاٻي ڌر جي دانشورن جو خاص مشغلو رهيو آهي. جيئن ته اسان اٻوجهه ۽ ساده آهيون، تنهنڪري اسان اٻوجهه ۽ سادي لينن کان ان ڏس ۾ رهنمائي وٺنداسين. ڇاڪاڻ ته لينن اهڙن اهم مسئلن تي معروضي ۽ سائنسي بيهڪ ورتي، جيڪو گذريل قسط ۾ لينن جي مظلوم قومن جي حق خوداراديت بابت پوزيشن مان واضح آهي. هن هر سوال کي ان جي تاريخي حدن اندر سمجهڻ، رکڻ ۽ ان جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي اها تجويز رهي ته: “مارڪسسٽ نظريي جو واضح مطالبو آهي ته هر سماجي سوال جو مطالعو معين تاريخي حدن اندر ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ان سوال جو تعلق ڪنهن خاص ملڪ سان هجي (مثلن، ڪنهن ملڪ لاءِ قومي پروگرام وغيره ٺاهڻ بابت) ته ان ملڪ جي انهن سمورين خاصيتن ڏانهن خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪي ان کي انهي تاريخي دور جي ٻين ملڪن کان ڌار ڪن ٿيون.” (دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته لينن ٺوس تاريخي سوال کي ٺوس انداز ۾ رکندي ان جي ٺوس حل تي زور ڏيئي ٿو، نڪي تجريدي عموميت حوالي ڪري ٿو. سوال کي بلڪل ترجيحن ۽ اوليتن جي بنيادن تي کڻبو آهي. ڏسڻو اهو هوندو آهي ته ڪا به انقلابي پارٽي جنهن ملڪ ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي اهو تاريخي اوسر جي ڪهڙي ڏاڪي تي بيٺل آهي ۽ ان جا ڪهڙا مخصوص تاريخي سوال آهن، جيڪي فوري جدوجهد جا ميدان ٿي سگهن ٿا. ان لا مان روس جي انقلابي تاريخ مان ڪجهه مثال ڏيندس، ته ڪيئن روسي ڪميونسٽن پنهنجي دور جي اهم سوالن ڏانهن ٺوس اپروچ اختيار ڪئي.
مثال طور، زارشاهي روس، جنهن کي لينن “قومن جو قيد خانو” سڏيندو هو، سرمائيداري جي حاوي پيداواري طريقي باوجود جاگيرداري دور جي سياسي سرشتي ۾ جي رهيو هو، ڪيترائي وچين دور جا سماجي نوعيت جا مسئلا اڃا تائين اڻ نبريل هئا. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن روس جي ڪميونسٽن آڏو “ڪهڙي سوال کي پهرين رکجي ۽ ڪهڙي کي پو” جو مسئلو سامهون آيو ته هنن ٺيڪ جدلي رويو اختيار ڪيو. روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جي 1903ع جي ٻي ڪانگريس ۾ پارٽي جو پروگرام منظور ڪيو ويو، جيڪو پهرين حصي يعني محدود (Minimum) ۽ ٻئي حصي يعني وسيع (Maximum) پروگرام تي مشتمل هو. پهرين حصي يعني محدود پروگرام ۾ فوري فريضا طئي ڪيا ويا، جنهن تحت زارشاهي جو خاتمو آڻي، جمهوري ريپبلڪ قائم ڪرڻ، پورهئي جو 8 ڪلاڪ وقت متعاراف ڪرائڻ، سمورين قوميتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ، قومن کي حق خوداراديت ڏيڻ ۽ ڳوٺاڻي روس ۾ زرعي غلامي جي خاتمي جي ضمانت ڏيڻ وغيره شامل هو. يعني پهرين حصي جا تاريخي فريضا بورجوا جمهوري هئا. ٻئي حصي يعني وسيع پروگرام ۾ پارٽي جي مک فريضي جي وضاحت ڪئي وئي، جنهن تحت سرمائيداري جو خاتمو آڻي سوشلسٽ سماج جي اڏاوت لا پورهيت آمريت کي قائم ڪرڻ هو. اهڙي ريت روسي ڪميونسٽن جي 1903ع کان فيبروري 1917ع جي بورجوا جمهوري انقلاب جي فتحيابي تائين سڄي جدوجهد پارٽي جي محدود پروگرام کي عملي شڪل ڏيڻ تي مشتمل هئي. ان کان پو سندن جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو، وسيع پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ جو، يعني سرمائيداري جو خاتمو ۽ پورهيت رياست ۽ سوشلسٽ سماج جو قيام.
هڪ ٻئي مثال به اهو واضح ٿيندو ته ٺوس تاريخي سوالن کي اوليت ۽ ترجيح ڏبي آهي. انهن کان ڪترائبو ناهي. انهن کي ڪترائڻ سان اوهان پنهنجي پاڻ کي ئي اڻ لاڳاپيل بڻائي ڇڏيندا. جيئن هتي کاٻي ڌر جي سياست اڻ لاڳاپيل رهي آهي.
مارچ 1919ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽي (بالشيوڪ) جي اٺين ڪانگريس ۾ پارٽي پروگرام بابت لينن ۽ بخارن ۾ قومي سوال تي تڪرار پيدا ٿيو. لينن بخارن جي اهڙي پوزيشن تي سخت تنقيد ڪئي. لينن جيڪو رايو ڏنو اهو تمام گهڻو اهم آهي، جنهن کي “مسلسل انقلاب” جي شيدائين کي به غور ۽ صبر سان پڙهڻ گهرجي، جيڪي ٽپو ڏئي هڪدم “سوشلسٽ انقلاب” آڻڻ چاهين ٿا. جيئن ته رپورٽ ڊگهي آهي، تنهنڪري پاڻ ان جي ڪجهه اهم نقطن تي ئي اڪتفا ڪنداسين.. ڪانگريس ۾ بخارن هڪ ڀونڊي پوزيشن وٺندي چيو: “اسان قومن جي حق خوداراديت کي تسليم نٿا ڪري سگهون، قوم ۾ ته پرولتاري کان سواءِ بورجوازي به شامل آهي، ته ڇا اسان پرولتاري ماڻهو ذليل ۽ نفرت جوڳي بورجوازي جي حق خوداراديت کي تسليم ڪري وٺون؟ مان ته صرف پورهيت طبقي جي حق خوداراديت کي تسليم ڪرڻ چاهيان ٿو.”
لينن بخارن سان مخاطب ٿيندي چيو: “ان جو مطلب آهي ته توهان ان شئي کي تسليم ڪرڻ چاهيو ٿا، جيڪا روس کان سواءِ ڪنهن ملڪ ۾ به حاصل نٿي آهي. اها ڏاڍي کل جوڳي ڳالهه آهي. اسان وٽ هتي بشڪيري، قرغيزي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قوميتون رهن ٿيون ۽ انهن کي تسليم ڪرڻ کان اسان انڪار نٿا ڪري سگهون، اسان اڳوڻي روسي سلطنت جي حدن ۾ رهندڙ ڪنهن هڪ به قوميت کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري نٿا ٿي سگهون. اسان فرض ڪري ٿا وٺون ته، بشڪيري پنهنجي استحصالين جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندا، پر اهو صرف ان وقت ممڪن آهي جڏهن انقلاب مڪمل طور پختو ٿي چڪو هجي ۽ ان ڪم ۾ ڏاڍو احتياط سان وک رکڻي پوندي ته جيئن هي پنهنجي مداخلت پرولتاريءَ جي بورجوازي کان علحيدگي ۽ فرق جي ان عمل جي رفتار اونڌي ۽ سست نه ڪري ڇڏي، جنهن کي اسان کي تيز ڪرڻ گهرجي ته اسان کي قرغيزن، ازبڪن، تاجڪن ۽ ترڪمانين جي سلسلي ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، جيڪي اڄ تائين پنهنجن ملائن جي اثر ۾ آهن؟ هتي، روس ۾، ماڻهن جو پادرين سان ايتري عرصي تائين واسطو پيل رهيو جو هنن انهن پادرين جي طاقت جو خاتمو ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي، پر پوءِ به اوهان ڏسو ٿا ته سول ميرج جو قانون ڪيتري نه سستي سان پاڙون پختيون ڪري رهيو آهي، ته ڇا اسان هنن قومن وٽ وڃي، چئي سگهون ٿا ته “اسان توهان جو استحصال ڪندڙن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏينداسين”؟ نه، ڇاڪاڻ ته اهي قومون مڪمل طور پنهنجن ملائن جي اثر ۾ آهن، اسان کي گهرجي ته بحث هيٺ آيل قوم ۾ پرولتاري جي بورجوا عنصرن کان اڻٽر علحيدگي ۽ فرق جو ۽ ان قوم جي واڌ ويجهه جو انتظار ڪيون. اسان چئون ٿا ته ڪا به بحث هيٺ آيل قوم وچين دور جي نظام مان نڪري بورجوا جمهوريت ۽ بورجوا جمهوريت مان گذري پرولتاري جمهوريت ڏانهن وڌڻ جي ڪهڙي منزل ۾ آهي، ان شئي کي ضرور آڏو رکڻ گهرجي. قومن جي حق خوداراديت کي رد ڪرڻ ۽ پورهيتن جي خوداراديت کي ان جي جاءِ ڏيڻ غلط هوندو، ڇاڪاڻ ته ان قسم جو نقطه نظر ان شئي کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو ته قومن اندر پرولتاريءَ جي بورجوازي کان ڌار ٿيڻ جي رستي ۾ ڪيترا ور وڪڙ آهن، ۽ راهه ۾ ڪيتريون ڏکيايون آهن. اسان جي پروگرام ۾ پورهيتن جي خوداراديت جو ذڪر نه هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها غلط ڳالهه ٿيندي، پروگرام ۾ ان شئي جو ئي ذڪر هئڻ گهرجي، جيڪا حقيقت ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف قومون وچين دور کان بورجوا جمهوريت ۽ بورجوا جمهوريت کان پرولتاري جمهوريت جي رستي جي مختلف منزلن تي آهن.”
لينن جي ان بيان مان ۾ واضح آهي ته ٺوس حالتن تحت ٺوس اوليتون ۽ ترجيحون طئي ڪري سگهن ٿيون. مخصوص سوالن کي پهرين ۽ پو رکي سگهجي ٿو، اهو عين لينني طريقو آهي. توهان انهن سوالن کان ٽپو ڏئي ڪا به موثر جدوجهد ڪري نٿا سگهو.
اوليتن جي سوال کي هڪ ٻئي مثال مان به سمجهي سگهجي ٿو. مثلن، ٽراٽسڪي 5 آگسٽ 1919ع تي روسي ڪميونسٽ پارٽي (بالشيوڪ) جي سينٽرل ڪميٽي ڏانهن خط اماڻيو. جنهن ۾ هن پارٽي جي بين الاقوامي پاليسي ۾ بنيادي تبديلي جي تجويز ڏني. هن چيو ته ڪلهه جيڪو پويان هو هاڻي ضروري آهي ته اڳين محاذ ڏانهن پيشقدمي ڪجي، اوڀر تي ڌيان ڏجي ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو پئي ته سرخ فوج جي اوڀر ۾ مداخلت ۽ چڙهائي مظلوم ملڪن جي عوام ۾ فوري بغاوت پيدا ڪندي، جيڪا ايشيا ۾ ڪميونزم جي ضمانت ڏيندي. سندس صلاح هئي ته هندستان لا خاص فوجي لشڪر اماڻيا وڃن ۽ اڙلز يا ترڪستان ۾ “ايشيا جي انقلاب جا سياسي ۽ فوجي هيڊڪوارٽرز” ٺاهيا وڃن. ٽراٽسڪي جو چوڻ هو ته اهي هيڊڪوارٽرز ڪمنٽرن کان وڌيڪ موثر ٿي سگهن ٿا. مطلب ته ٽراٽسڪي جو مڃڻ هو ته انقلاب جو مرڪز اوڀر ڏانهن “منتقل” ٿي چڪو آهي، جتي انقلاب لا سموريون حالتون پچي راس ٿي چڪيون آهن، دراصل ان خيال جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو، ٽراٽسڪي جو اهو خيال انقلاب ايڪسپورٽ ڪرڻ تي مشتمل هو، جنهن جو مارڪسزم سان تر جيترو به واسطو نه هو. يعني هن جو پورو پروگرام هو ته ڪمنٽرن جو خاتمو اچي. پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ۽ ڪمنٽرن ٽراٽسڪي جي اهڙي غيرذميواراڻي ۽ مهم جوئي ۽ موضوعيت پسندي تي مشتمل تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. سينٽرل ڪميٽي ۽ ڪمنٽرن ٽراٽسڪي جي تجويز کي ان ڪري رد ڪيو ته اوڀر ۾ موجود تحريڪون بورجوا جمهوري تحريڪن کانسوا ڪجهه به نه هيون. يعني انهن جا فوري فريضا سوشلسٽ نه پر بورجوا جمهوري هئا. ڇاڪاڻ ته بيٺڪيتن ۽ غلام ملڪن ۾ مزدور طبقو پنهنجي ارتقا جي شروعاتي منزل تي هيو ۽ انگ ۾ نسبتن گهٽ هو يا تقريبن هو ئي نه. اتان جي اڪثريت آبادي هارين تي ٻڌل هئي. اهو ئي سبب هو جو سينٽرل ڪميٽي ۽ ڪمنٽرن پهرين بورجوا جمهوري سوال کي آڏو رکيو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button