سنڌ

نواب شاهه ۾ ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي تعلقي صدر مزمل راڄپر زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته منھنجي والد جي زرعي زمين ڳوٺ حاجي تاج محمد تعلقي فيض گنج ۾ آھي، جنھن تي اڳوڻي وزيراعليٰ جي صلاحڪار قمر زمان راڄپر، عابد راڄپر، آفتاب راڄپر، الھه بخش راچپر، پڊعيدن ٿاڻي جي منشي ممتاز راڄپر ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو آھي. بااثر ظالم اسان کي چون ٿا ته زمين لکي ڏيو به ته توھان کي ماري ڇڏينداسين. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button