سنڌ

سڪرنڊ اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف مظاهرو

سڪرنڊ تعلقي اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن تعلقي اسپتال جي مين گيٽ آڏو مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي رضا چانڊيو، علي شير ڪيريو، خير محمد چنا، حاجي محمد رفيق خانزاده، عبدالحميد آرائين، طارق حسين راجپوت، خرم شهزاد، عبدالقادر جيلاني، ايوب کوسو، عبدالرشيد پرهياڙ، مجيد عباسي، راشد مڪرم، نور الدين ڪيريو، غلام نبي چوهاڻ، الياس جوڻيجو، ڪامريڊ قربان ڪيريو، معشوق نوناري، لال ڏنو نوناري، غلام مصطفيٰ نوناري، نعيم انصاري، وارث نوناري ۽ ٻين چيو ته تعلقي اسپتال سڪرنڊ ۾ دوائن جي کوٽ آهي، اسپتال اندر ماهر ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي. ٽراما سينٽر ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ناهي. سڪرنڊ ڀرسان نيشنل ها وي هجڻ ڪري حادثا ٿين ٿا، جن کي نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو وڃي ٿو. هنن چتا ڏنو ته سڪرنڊ اسپتال کي بهتر نه ڪيو ويو ته احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button