سنڌ

خيرپور ۾ ذهني معذور ڇوڪري اغوا،ڇاپو هڻي بازياب

خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گودوشاپ پاڙي مان موٽرسائيڪل سوار جوابدار ذهني معذور 22 سالن جي ڇوڪري ڪويتا ڪماري ڌيءَ نٿر لال کي موٽر سائيڪل تي ويهاري اغوا ڪري ويو. اطلاع تي پوليس سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ بعد ممتاز ڪالوني ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي ڇوڪري کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ جوابدار منير گوپانگ کي گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو. پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ذهني معذور ڇوڪري گهر کان ٻاهر نه نڪرندي آهي، اڄ گهر کان نڪتي ته کيس اغوا ڪيو ويو. هوڏانهن ڇوڪري جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button