يامين جتوئي
اسان وڌيڪ چٽائي لا اڃا ڪجهه ٻيا مثال به ڏينداسين ته ڪيئن لينن “ٺوس حالتن جو ٺوس تجزيو” ڪندي جيڪي ٺوس سوال هئا انهن مطابق پنهنجي جدوجهد جا ٺوس هدف طئي ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. مثلن 1919ع ۾ “اوڀر جي ڪميونسٽ تنظيمن جي ڪل روس ڪانگريس” ۾ لينن چيو: “مون کي هيءَ چوڻو آهي ته جيڪڏهن روسي بالشويڪ پراڻي سماج جي عمارت ۾ رخنو وجهڻ ۽ انقلاب جون نيون واٽُون ڪڍڻ جو بي انتها ڏکيو پر بيحد اعليٰ ۽ مقدس فريضو نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ته اوهان آڏو هڪ ٻيو وڌيڪ اعليٰ فريضو آهي. اوڀر جي قومن جي اڪثريت پورهيت عوام جي مثالي نمائندگي ڪري ٿي، هو اهڙن مزدورن جي نمائنده ناهي جيڪي سرمائيدار ملن ۽ ڪارخانن جي درسگاهن مان نڪتا هجن، بلڪ انهن ڦرلٽ جي شڪار محنت ڪش هارين جي مثالي نمائنده آهي، جيڪي وچين دور جي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن. هن موقعي تي اوهان آڏو هڪ اهڙو فريضو آهي جيڪو هن مهل تائين ڪنهن ٻئي ڪميونسٽ آڏو ناهي آيو، اوهان کي ڪميونزم جي عام نظرئي ۽ عمل جي روشنيءَ ۾ ۽ ان جي بنياد تي پاڻ کي انهن مخصوص ۽ منفرد حالتن مطابق ڍالڻو آهي، جيڪي ڪنهن يورپي ملڪ ۾ موجود ناهن. اوهان کي ڪميونسٽ نظرئي ۽ عمل کي اهڙين حالتن تي لاڳو ڪرڻو آهي جتي اڪثريت هارين جي آهي، جتي اوهان کي سرمائيدار خلاف نه پر وچين دور جي باقيات خلاف جدوجهد ڪرڻي آهي، اهو هڪ ڏکيو ۽ منفرد ڪم آهي، پر گڏوگڏ خوشگوار ۽ سٺو ڪم آهي. اوهان کي ان بورجوا قومپرستيءَ تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪا انهن قومن ۾ اڀري رهي آهي، ۽ ضرور اڀرندي ۽ جنهن جو تاريخي جواز آهي.” مظلوم قومن، جتي سرمائيداري اڃا پنهنجون پاڙون پختيون نه ڪيون هيون، جو حوالي ڏيندي، لينن بورجوا قومپرستيءَ لاءِ تاريخي جواز ڏسي ٿو. ڇاڪاڻ ته معروضي طور انهن قومن کي اڃا عمومي قومي فريضا سرانجام ڏيڻا هئا، جيئن جمهوري ۽ پرڏيهي ظلم جي خاتمي جا فريضا. لينن اتي صورتحال جيئن آهي، ان سان ايئن ئي رويو اختيار ڪري ٿو، لفظن سان نٿو کيڏي، ابهام پيدا ڪري اوڀر جي ڪميونسٽن کي منجهائي نٿو، پر جيڪي اهم ۽ فوري سوال آهن، انهن جي نبيري لا جدوجهد تي زور ڏيئي ٿو.
ڪميونسٽ انٽرنيشنل (ڪمنٽرن) جي 1920ع جي ٻي ڪانگريس ۾ پڻ اهو ئي ساڳو سوال آيو، جيڪو اڄوڪي سنڌ جي انقلابي ڪارڪنن آڏو درپيش آهي، (جنهن کان موقعي پرستن جي پاڪستان برانڊ گهٻرائي ٿي، لفظن سان کيڏي ٿي، ڪارڪن جو جواب نٿي ڏيئي، ان کي منجهائي ٿي، اهڙي ريت پاڻ کي پنهنجن هٿن سان تاريخ جي ڪچريدان ۾ کڻي ڦٽو ڪري ٿي.) يعني اوڀر (ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا) جي ڪميونسٽن آڏو انقلابي جدوجهد جا فوري تاريخي فرض طئي ڪرڻ جو سوال. جيڪو ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ٻي ڪانگريس ۾ قومي ۽ بيٺڪيتي سوالن جي ڪميشن جي رپورٽ تي لينن-را تڪرار سان مشهور آهي. هندستاني ڪميونسٽ ۽ بعد جي هيومنسٽ ايم اين را جو خيال هو ته هندستان ۾ قومي بورجوا جمهوري تحريڪ ڪو به تاريخي جواز نٿي رکي ۽ انهي ڪري اها “وچولي درجي جي گهٽ پرتن ۾ محدود آهي جيڪا عوام جي خواهشن جي عڪاسي نٿي ڪري.” ان مطابق را اها دعويٰ ڪئي: “پورهيت عوام فوري طور سوشلزم جي جدوجهد لا اٿي سگهي ٿو، جو قومي تحريڪ ۽ طبقاتي جدوجهد ٻه اهڙيون طاقتون آهن، جيڪي هڪٻئي خلاف آهن ۽ گڏجي ترقي نٿيون ڪري سگهن.” اتان اهو نتيجو نڪتو ته بين الاقوامي ڪميونسٽ ۽ مزدور تحريڪن کي بيٺڪيتن جي مظلوم قومن جي آزادي جي تحريڪ جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ان جي رهنمائي ڪميونسٽ نه ڪري رهيا هجن، ڇاڪاڻ ته ان سان را دعويٰ سان چيو “قومي جذبو اڀرندو” ۽ “عوام جي طبقاتي شعور جي بيداري ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي.” را جي خيال مطابق رڳو “پرولتاري جي ڪميونسٽ پارٽي ذريعي ڪيل انقلابي قدمن” جي حمايت ڪرڻي هئي.
نيٺ را ان نتيجي تي ڇو پهتو؟ ڇاڪاڻ ته بقول را جي “هندستان ۾ جاگيرداري ڪانهي، اها بلڪل برباد ٿي چڪي آهي. ۽ سڀ کان پهرين 18هين صدي ۾ پاڻ برطانوي اقتدار هٿان.” انهن خيالن موجب جاگيرداراڻي نظام کي تقريبن قطعي طور سياسي ۽ رياستي ڍانچي جي نظام جي حيثيت ۾ ڏٺُو ويو. رياستي، سياسي يا سماجي ادارا ٺيڪ نظرئي جيان ڪنهن به سماج جو، جنهن ۾ جاگيرداري سماج به اچي ٿو، رڳو مٿيون ڍانچو ٺاهين ٿا، سماج جو بنياد ماڻهن جا پيداواري رشتا ۽ معاشي لاڳاپا جوڙيندا آهن. را ان ڳالهه کي وساري ويٺو ته جاگيرداراڻي نظام ۾ هارين ۽ دستڪارن جو استحصال جاگيردار طبقو ٽيڪس جي اوڳاڙي وسيلي ڪندو هو. اهو استحصال جاگيردار سڌي ريت يا حڪومت جي وسيلي ڪندو هو. ان جاگيرداراڻي استحصال ۾ اڪثر واپاري ۽ وياج خور به شريڪ ٿيندا هئا. بيٺڪيتي طاقت ته واقعي ڪيترين ئي هندستاني جاگيردار رياستن کي تباهه ڪيو، ۽ اڳوڻن جاگيردار حڪمرانن جي جا وٺي پنهنجي طور پنهنجن مفادن لا ملڪ جي رياستي ڍانچي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي، ان کي ڏسندي را نتيجو ڪڍيو ته جاگيرداراڻي نظام جو خاتمو اچي ويو آهي. حقيقت ۾ جاگيردارن، واپارين ۽ وياج خورن وغيره هٿان هارين جو جاگيرداراڻي نوعيت رکندڙ استحصال انگريز سامراج ۾ نه رڳو جاري رهيو ۽ وڏي حد تائين برقرار رهيو بلڪ انگريزن ان کي سامراجي استحصال ۽ پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ لا به استعمال ڪيو ۽ ان لا سازگار بڻايو.
لينن را جي ڄاڻايل نظرئي کي خاص طور ڪڍي ڇڏيو، جنهن ۾ بورجوا جمهوري قومي آزادي جي اهميت کان انڪار ڪيو ويو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ پورهيتن جي طبقاتي جدوجهد کي پيش ڪيو ويو هو. بهرحال، ان ۾ اها ننڍڙي ترميم ضرور ڪئي وئي ته “بورجوا جمهوري” تحريڪ بدران قومي انقلابي تحريڪ جو ذڪر هئڻ گهرجي. پر لينن اهو به زور ڏئي چيو ته “ان بابت شڪ شبهي جي ڪا به گنجائش ڪونهي ته هر قومي تحريڪ لازمي طور هڪ بورجوا جمهوري تحريڪ هوندي.” لينن بال گنگا ڌرتلڪ جهڙن هندستاني آزادي پسند ويڙهاڪن کي ڊيموڪريٽ سڏيو، اهوئي تلڪ هو جنهن هندستان جي قومي آزادي جي تحريڪ کي عوامي رنگ ڏنو.
لينن هڪ جدلي ذهن هو، اوڀر جي ڄاڻايل ٺوس حالتن کي نظر ۾ رکندي، هو اتي ڪميونسٽ پارٽين جي امڪانن بابت به غيريقيني جو شڪار هو. هن چيو ته ڪميونسٽ سرگرمي ۽ عمل جون جيڪي صورتون اسريل ملڪن ۾ منظر عام تي آيون آهن انهن جو اطلاق اهڙن ملڪن ۾ ممڪن نه آهي، جتي پورهيت طبقو موجود نه آهي. مثال طور، ڪمنٽرن جي ان ساڳي رپورٽ ۾ هن چيو: “اهو سمجهڻ وڏي يوٽوپيائي ڳالهه هوندي ته جيڪڏهن پرولتاري پارٽيون انهن پٺتي پيل ملڪن ۾ جنم وٺي به سگهن ته اهي هاري تحريڪ سان خاص قسم جو لاڳاپو جوڙڻ کانسواءِ ۽ ان کي گهربل واقعي مدد ڏيڻ کانسواءِ ڪميونسٽ حڪمت عملي ۽ ڪميونسٽ پاليسي تي عمل ڪري سگهن ٿيون.” سو، ان مان واضح آهي ته لينن کي اوڀر ۾ ان وقت پرولتاري پارٽين جي تخليق جا امڪان جائز طور غيريقيني پئي لڳا. بعد ۾ بيٺڪن پاران آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ان نوعيت جو مسئلو موجود رهيو. سياسي ناتجربيڪاري ۽ مزدور طبقي جي اڻهوند جي ڪري، اڳوڻين بيٺڪن ۾ جيڪي به عوامي مزدور پارٽيون ۽ تنظيمون قائم ٿيون، انهن کي وک وک تي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو. انهن ملڪن ۾ اجرتي پورهئي جو وڏو حصو مزدورن جي انهن نسلن تي ٻڌل هو، جن جو هاري معيشت ۽ ٻنيءَ تان انحصار اڃا ختم نه ٿيو هو، اهو ئي سبب هو جو اهي مذهبي، قبائلي، ذات پات جي رواجن ۽ پيٽي بورجوا خيالن جي تمام گهڻي اثر هيٺ رهيا، جنهن جي ڪري ڪيترين ئي اڳوڻين ڪالونين ۾ تجربي کان وانجهيل ۽ عوام ۾ پنهنجي اثررسوخ کان محروم هئڻ جي ڪري ڪميونسٽ پارٽين وٽ سياسي معاملن ۾ ڪا به ڳڻپ جوڳي طاقت ئي موجود ڪو نه هئي، جو اها مزدور تحريڪ تي پنهنجا فيصلائتا اثر وجهي سگهي ۽ ان جو اثر قبول ڪري سگهي.
لينن جي ڪميونسٽ پارٽين بابت ڪا به حتمي را قائم نه ڪرڻ واري ڪيفيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1921ع ۾ سندس ملاقات منگوليا جي عوامي انقلابي پارٽي جي هڪ وفد سان ٿي ۽ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته آيا ان پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ تبديل ڪيو وڃي؟ ته هن چيو: “مان سفارش نٿو ڪري سگهان، ڪنهن پارٽي لا اهو ممڪن نه آهي ته ان جي نئين سر تشڪيل ڪري ان کي ٻي پارٽي جي شڪل ڏني وڃي، انقلابين کي وڏي محنت ڪري پنهنجي رياستي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين کي پروان چاڙهڻو پوندو، پو ئي سست رفتار سان هلندڙ عوام عروج تي پهچي پرولتاري عوام جي رتبي جو حامل ٿيندو ۽ اهو عوام ئي آخرڪار عوامي انقلابي پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي جي صورت ڏيندو. رڳو لکيل تختين جي تبديلي نقصانڪار ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.”
انهن مثالن ڏيڻ جو مقصد ان دور جي قدمن کي جيئن جو تيئن ورجائڻ نه پر ان مارڪسي ميٿڊ (طريقي) کي انقلابي ڪارڪنن آڏو نمايان ڪرڻ آهي، جيڪو ان دور جي لينن جهڙن انقلابي مفڪرن سوشلسٽ انقلاب جي اهم سوالن لا استعمال ڪيو.
بهرحال، تاريخ اوهان آڏو جيڪي ٽاسڪ (فريضا) رکي ٿي، توهان کي انهن ڏانهن مارڪسي رويو اختيار ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان واقعي انقلابي پارٽي آهيو ته. جي نه، ته تاريخ توهان کي عجائب گهر ۾ اڇلائي ڇڏيندي. ايندڙ قسطن ۾ ڪامريڊ بخشل جي ڪجهه ٻين نظرياتي ۽ سياسي غلطين جي نشاندهي ڪئي ويندي.
(هلندڙ)