اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي سينيٽ ۾ افغانستان بابت پيش ڪيل بل جي مسودي ۾ پاڪستان جو ذڪر قطعي طور بنا سبب آهي :پاڪستان

اسلام آباد :پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي سينيٽ ۾ افغانستان بابت پيش ڪيل بل جي مسودي ۾ پاڪستان جو ذڪر قطعي طور بنا سبب آهي. اسلام آباد ۾ صحافين طرفان آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل بابت سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان عاصم افتخار چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته آمريڪا ۾ ميڊيا تي ۽ ڪيپيٽل هل ۾ افعانستان مان فوجي نڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ آهن. آمريڪي سينيٽ ۾ ڪجهه ري پبلڪن سينيٽرز طرفان پاڪستان بابت پيش ڪيل ڊرافٽ جو مسودو ان ئي بحث جو نتيجو آهي. هن چيو ته پيش ڪيل بل ۾ پاڪستان بابت حوالا بنا جواز آهن، اسان اهڙن سڀني حوالن کي افغانستان جي حوالي سان 2001 کان جاري پاڪ آمريڪا سهڪار جي روح جي ابتڙ تصور ڪيون ٿا، اهڙي تجويز ڪيل قانون سازي جهڙن قدمن کي غير مناسب ۽ نتيجي جوڳا ناهن. پرڏيهي ترجمان وضاحت ڏيندي چيو ته پاڪستان مستقل طور تي اهو چوندو پيو اچي ته افغان صورتحال جو حل ڪا جنگ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button