اسلام آبادپاڪستان

احساس اسڪالرشپ لاءِ آن لائين درخواستون، ثانيا نشتر جو شاگردن لاءِ وڏو اعلان

اسلام آباد:ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو آهي ته احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالر شپ پورٽل اڄ کلي ويو آهي، نئين تعليمي سال جي درخواستن لاءِ پورٽل 30 نومبر تائين کليل رهندو. ڊاڪٽر ثانيا چيو ته تعليمي سال 2021ع ۾ نوان داخل ٿيندڙ شاگرد آن لائين درخواستون جمع ڪرائي سگھندا، اهي شاگرد جن جي گھر جي ماهوار آمدني 45 هزار کان گھٽ آهي، درخواست ڏئي سگھن ٿا. ڊاڪٽر ثانيا چيو ته احساس اسڪالرشپ پروگرام ۾ ملڪ جي 135 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين کي شامل ڪيو ويو آهي. پروگرام ۾ شامل شاگردن کي وظيفو انڊڙ گريجوئيٽ ڊگري پوري ٿيڻ تائين جاري رهندو. هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ 1 لک 42 هزار کان وڌيڪ احساس اسڪالر شپ جاري ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button