پاڪستانسنڌ

ثبوت نه ملڻ تي قومپرست اڳواڻ زين شاهه سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ الزامن جا ثبوت نه ملڻ تي قومپرست اڳواڻ زين شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. جنهن بعد ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد ٿي ويو.

ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جا وڪيل رليز آرڊر کڻي سينٽرل جيل ڪراچي تان سيد زين شاهه کي آزاد ڪرائي ورتو آهي.

ان کان اڳ ملير پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايف آءِ آر نمبر 259 ۾ زين شاهه، خالق جوڻيجو ۽ سجاد چانڊيو مٿان لڳل الزامن جا ثبوت نه مليا آهن.

الزامن کان آجو ٿيڻ تي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button