پاڪستانسنڌ

منظور وساڻ جون ملڪ ۾ عام چونڊن، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بابت وڏيون اڳڪٿيون

ڪراچي: پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ عام چونڊن، وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بابت وڏيون اڳڪٿيون ڪيون آهن.

هڪ وڊيو بيان ۾ منظور وساڻ چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون اليڪشن جي تياري ڪن، سال 2022 جي آڪٽوبر يا ان کانپوءِ اليڪشن ڏسي رهيو آهيان.

هن چيو ته عمران خان پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرائيندو، ڪو نه ڪو بهانو ڪري سال 2022 ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪندو.

پرڏيهي وزير بابت اڳڪٿي ڪندي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي نئين سياسي جماعت ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي پر نئين سياسي جماعت ٺاهي نه سگهندو، هو ڪنهن ٻي پارٽي ۾ هليو ويندو.

صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته سليڪٽڊ جو کٽڻ وارو وقت هليو ويو، پچ تيار آهي ۽ هي عمران خان جي هارائڻ جو وقت آهي، هو کيڏي نٿو سگهي ته کٽيندو ڪيئن؟

منظور وساڻ چيو ته عمران خان جو زوال شروع ٿي چڪو آهي، حڪومت فيل ٿي وئي، ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ڇڏڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button