پاڪستانسنڌ

سنڌو دريا ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ تي سڄاڻ ڌرين ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي سياسي سماجي ڌُرين، پاڻي ۽ ماحولياتي ماھرن ارسا ۽ واپڊا جي ڪارڪردگي تي عدمِ اطمينان ظاهر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو واپڊا ۽ ارسا جي چيئرمينن کان فوري طور تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اُن سلسلي ۾ فشر فوڪ فورم پاران انڊس ڊيلٽا کي انسانذات واري قانوني حيثيت ڏيارڻ لا مڪلي جيم خانا ۾ هڪ ڊائيلاگ پروگرام مُنعقد ڪيو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌو درياءُ جو پاڻي روڪي هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ سنڌ ۽ ڊيلٽا جي پاڻي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، ارسا توڙي واپڊا جي ڪارڪردگي هاڻي تڪراري بڻجي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ فوري طور تي ٻنھي چيئرمينن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. سسئي پليجو چيو ته وفاق ننڍن صوبن جي حقن تي قابض بڻجي هٿرادو آفتون پيدا ڪري رهيو آهي، سامونڊي طوفان ۽ انهن جي اثرن جو نتيجو به موسمي ماحولياتي هٿرادو تبديليون پيدا ڪرڻ آهي، پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت انڊيا وٽ ملڪ جي پاڻي جو ڪيس تمام ڪمزور صورت ۾ رکيو ۽ ارسا تي قبضو ڪري من پسند فيصلا ڪيا پيا وڃن. سسئي پليجو سنڌ بئراج تي سخت خدشا ظاهر ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڊيمن کي ختم ڪيو پيو وڃي پر اسان وٽ جتي سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جو ڦُڙو ناهي، اُتي وري مخصوص مائينڊ سيٽ هڪ طرفو فيصلا ڪري رهيو آهي. سسئي پليجو چيو ته سنڌ جي ٻيٽن، درياءُ ۽ پاڻي جي معاملي تي سنڌ کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻي خاطر هر فورم تي ڀرپور ڪيس رکيو ويندو، انڊس ڊيلٽا کي انساني ذات واري قانوني حيثيت ڏيارڻ لا پارليامينٽ ذريعي قانونسازي ڪئي ويندي. اُن موقعي تي خطاب ڪندي فشر فوڪ فورم جِي اڳواڻ ياسمين شاهھ، ڊيلٽا اسٽڊيز سينٽر سنڌ يونيورسٽي جي انچارج پروفيسر مختيار احمد مھر، پاڻي ماهر انجنيئر اوڀايو خشڪ، فضا شاھه، خدا بخش بهراڻي ۽ ٻين چيو ته صوبن کان پوءِ پنجين نمبر تي انڊس ڊيلٽا لاءِ پاڻي مختص ڪيو وڃي، واپڊا، ارسا ۽ وفاق جي فيصلن تي سخت خدشا آهن. هنن چيو ته سنڌو درياءُ اسان جو محافظ آهي، جنهن سنڌ جي تهذيبن کي جنم ڏنو آهي، سنڌو درياءُ کي انسانن جو ڊيلٽا ڪري مڃيو وڃي ۽ سنڌو درياءُ جي بقا لاءِ مضبوط قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن درياءُ کي روڪڻ ۽ ان جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندڙ کي سزا ۽ جزا مان گذرڻو پوي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button