اسلام آبادپاڪستان

اين سي او سي طرفان ويڪسين لڳرائڻ بابت ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿي وئي

اسلام آباد :ڪرونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين نه لڳرائيندڙن کي اڄ پهرين آڪٽوبر کان وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. ان ڏس ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ويڪسين نه ڪرائيندڙ ماڻهن تي پابندين جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو آهي. اين سي او سي خبردار ڪيو آهي ته 30 سيپٽمبر کان ويڪسين نه ڪرائيندڙ ماڻهن تي پابنديون لاڳو ٿي وينديون. اين سي او سي موجب اهي ماڻهو اڄ کان هوائي جهاز ۽ ريل گاڏي ۾ سفر ڪري سگھندا جن وٽ ويڪسينيشن سرٽيفڪٽ هوندو. ويڪسين نه ڪرائيندڙ شادي تقريب، شاپنگ مال، هوٽل ۽ گيسٽ هائوس ۾ به داخل نه ٿي سگھندا. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته ڳورهاريون عورتون به ويڪسين لڳرائين. تعليمي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ ٻارن جي ويڪسينيشن ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button