اسلام آبادپاڪستان

لينڊ مافيا طرفان هاءِ ڪورٽ جو جعلي عدالتي آرڊر ٺاهڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪراچي جي لينڊ مافيا طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جعلي عدالتي آرڊر ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي جي لينڊ مافيا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جعلي عدالتي آرڊر تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺندي رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي ۽ نيب کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت نيب کان سوال ڪيو ته جعلي فيصلي جي ڪاپي نيب کي پيش ڪئي وئي؟ ڪنهن پيش ڪئي ۽ فائدو کڻندڙ ڪير آهي. نيب رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آِهي ته مبينا جعلي عدالتي آرڊر ٺاهيندڙ اقبال احمد ڪراچي جو مشهور لينڊ مافيا آهي. مارچ ۾ هاءِ ڪورٽ درخواست اڪلائي، آگسٽ جو جعلي فيصلو بڻايو ويو. ڀارت کان لڏي پاڪستان آيل موسيٰ حاجي عمر زمين غير قانوني طور تي الاٽ ڪرائي. موسيٰ حاجي عمر کي 18 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين 99 سالن جي ليز تي الاٽ ڪئي وئي. سنڌ حڪومت 2000 ۾ الاٽمينٽس رد ڪري ڇڏيون هيون، جڏهن ته موسيٰ عمر 2001 ۾ فوت ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته لينڊ مافيا پرويز رئيس صديقي پاور آف اٽارني جي بنياد تي زمين جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. اقبال احمد لينڊ مافيا پرويز رئيس صديقي جي وصيت نامي جي بنياد تي زمين جو دعويدار آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ لينڊ مافيا اقبال احمد جي درخواست رد ڪري چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button