
اصولي طور ڪنهن به درياهه جي وهڪري کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي وهڻ ڏيڻ درياهه جو حق آهي. ڇاڪاڻ ته درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو نه هوندا آهن پر ان سان انساني زندگين کان وٺي آبي توڙي جهنگلي جيوت به ڳنڍيل آهي. تنهنڪري درياهه جو وهڪرو جيترو آزاد هوندو، اهو اوترو ئي لاڀائتو ثابت ٿيندو. سنڌو درياهه سڄي ملڪ کي پاڻي پهچائي ٿو ۽ هي واحد درياهه آهي، جنهن تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي صورت ۾ رنڊڪون به وڌيڪ آهن. سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ درياهه جو پاڻي نه رڳو سامونڊي چاڙهه کي روڪيندو رهندو آهي پر اهو پاڻي درياهه کي به آباد رکندو آهي پر اسان وٽ درياهه جو پاڻي روڪي سامونڊي چاڙهه کي دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن اهو زمينن کي تباهه ڪندو رهي. ان کان سواءِ درياهه جي پيٽ ۾ جيڪي رهائشي اسڪيمون ۽ زمينون آباد ڪيون وڃن ٿيون. اهو مسئلو الڳ آهي. حيدرآباد ۾ اهو سلسلو وڏي وقت کان جاري آهي. ڪيترين ئي رهائشي اسڪيمن کي ٻه ڏينهن حيدرآباد جي انتظاميه روڪرائي ڇڏيو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ تعلقي لطيف آباد جي ديهه ملهه ۾ سنڌو درياهه جي فلڊ زون ۾ اڏجندڙ 7 رهائشي اسڪيمن جو ڪم فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڊي سي حيدرآباد ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته انهن اسڪيمن جو اسٽيٽس، اين او سي، زمين جي الاٽمينٽ ۽ ٻين ضروري رڪارڊ جو معائنو ڪري ان جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. تعلقي لطيف آباد جي حدن ۾ درياھه سنڌ جي حفاظتي بند ۽ لوپ بند جي وچ ۾ فلڊ زون ۾ تعمير 7 اسڪيمن جي حوالي سان شهباز هال ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو ثنا الله رند، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لعل ڏنو منگي، آبپاشي کاتي، ايڇ ڊي اي، سيڊا، سيٽيلمينٽ سروي ۽ ٻين روينيو آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد چيو ته آبپاشي کاتي طرفان فلڊ زون ۾ نشاندهي ڪيل 7 رهائشي اسڪيمن المدينه سٽي، الرحيم سٽي، ڪوهسار گرين سٽي، غوثيه ٽائون، ڪوهسار هيون، صاحبان هائوسنگ اسڪيم ۽ گرين ٽائون سٽي جيڪي آبپاشي کاتي جي اين او سي کان بنا تعمير ڪيون پيون وڃن، انهن اسڪيمن جو فوري طور تي ڪم بند ڪيو وڃي. هن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته فلڊ زون ۾ واقع قديمي ڳوٺن جي اسٽيٽس بابت پڻ انهن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته غير قانوني اڏاواتن جي خاتمي لاءِ آبپاشي کاتي سان سهڪار ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني اڏاوتن کي 15 مئي تائين ختم ڪيو وڃي ته جيئن سيلاب جي صورتحال ۾ ڪوٽڙي بئراج ۽ حيدرآباد جي رھواسين کي ٿيندڙ خطرن کان بچائي سگهجي. هن آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته قديمي ڍورن جي نشاندهي ڪري ان جي بحالي لاءِ پنهنجيون تجويزون پيش ڪن. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد حيسڪو کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته فلڊ زون ۾ بجلي جي فراهمي کان پاسو ڪن ۽ فلڊ زون مان گرڊ اسٽيشن جي منتقلي ڪري فلڊ زون کي ڪليئر ڪن. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر بريفنگ ڏيندي آبپاشي جي عملدارن کي ٻڌايو ته بند مينوئل جي تحت حفاظتي بند جي اندر يا ان جي ڀرپاسي جي ايراضي جيڪا ڪچي جي ايراضي آهي ان تي ڪا به رهائشي اسڪيم ٺاهڻ غير قانوني آهي. هن اهو ٻڌايو ته گڏجاڻي کي ٻڌايل 7 اسڪيمون ڪوٽڙي بئراج لاءِ وڏو خطرو آهي، جن جي منظوري رد ڪئي وڃي.
سڄي دنيا ۾ جهڙي ريت انسانن جا حق واضح آهن، اهڙي ريت درياهن جا حق به آهن ۽ عالمي قانون جوڙيل آهن. تنهنڪري درياهه جي پيٽ ۾ ڪابه رهائشي اسڪيم قانوني نه هوندي آهي. درياهه جي وهڪري واري لنگهه کي خالي ڇڏيو ويندو آهي. پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ان ۾ رهائشي اسڪيمون شروع ڪرايو ويون آهن. اسين سمجهون ٿا ته هي سنڌو درياهه کي تباهه ڪرڻ جون اسڪيمون آهن. تنهنڪري درياهه جي ايراضي ۾ جتي جتي به اهڙيون اسڪيمون هلي رهيون آهن، انهن کي ترت بند ڪري درياهه جي وهڪري کي بحال ڪيو وڃي.