
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان قومي اسيمبليءَ کي بحال ڪندي اسپيڪر کي اجلاس 9 اپريل ڇنڇر تي صبح 10 وڳي گهرائڻ ۽ بي اعتمادي تي ووٽنگ ڪرائڻ جو جيڪو حڪم ڏنو ويو آهي، ان تحت اڄ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. ملڪ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ايوان ۾ هلندڙ ڪارروائيءَ کي سنئون سڌو نشر ڪرڻ وارو سلسلو پڻ جاري آهي. ايوان ۾ وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي راءِ شماري وارو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نئين قائد ايوان جي چونڊ وارو عمل پڻ اڄ ئي مڪمل ٿيڻو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جي آئين ۽ جمهوري سرشتي تي حملو ڪندڙ وزير اعظم عمران واري حڪومت ۽ حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جا وزير، مشير ۽ طرفدار هن وقت عوام کان پنهنجو منهن لڪائڻ ۾ مصروف آهن. هي خبرون پڻ منظر عام تي اچي رهيون آهن ته، شايد بي اعتمادي واري رٿ جي يقيني ڪاميابيءَ جي سٽ نه سهندي وزير اعظم پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ پنهنجي جماعت جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جون استعيفائون ڏيارڻ واريون ڪارروايون ڪيون وڃن ۽ وزير اعظم صاحب قوم سان پنهنجي آخري خطاب ۾ موڪلاڻي پڻ ڪري چڪو هجي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال سميت 5 معزز ججن تي ٻڌل اعليٰ عدالت جي لارجر بئنچ طرفان آئيني ڪيس تي 7 اپريل تي يڪراءِ سان ٻڌايل تاريخي فيصلي سان يقينن ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي وارو سج هڪ ڀيرو وري پنهنجي آب ۽ تاب سان اڀري نروار ٿي ويو آهي ۽ ملڪ جي سياسي آسمان تي ڇانيل ڌنڌ ۽ اونداهه جو سينو چيري آسمان کي منور ۽ روشن ڪري چمڪڻ لڳو آهي. عدالت جي فيصلي ۽ حڪم موجب قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري طرفان وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کي رد ڪرڻ واري رولنگ، وزير اعظم ۽ صدر مملڪت طرفان قومي اسيمبليءَ کي تحليل ڪرڻ واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيڻ سان قومي اسيمبلي ٻيهر بحال ٿي وئي آهي ۽ عدالت جي حڪم موجب، وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ نه فقط برقرار آهي پر ان تي راءِ شماري لاءِ اسپيڪر کي اڄ 9 اپريل 2022ع تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي ووٽنگ ڪرائڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي سمورن ميمبرن جي ووٽ جي حق کي يقيني بنائڻ وارو جيڪو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ان موجب، وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي راءِ شماري وارا مرحلا مڪمل ٿي رهيا آهن. بي اعتمادي واري رٿ جي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ نئون قائد ايوان يعني نئون وزير اعظم چونڊجڻ تائين قومي اسيمبليءَ جو اجلاس جاري رهڻو آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر کي روسٽرم تي گهرايو ويو ۽ هن کان ملڪ ۾عام چونڊن جي تياري ۽ تڪ بندين بابت پڇاڻو ڪيو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته، سڄي ملڪ ۾ تڪ بنديون ٿيڻيون آهن ۽ اهو عمل 6 کان 7 مهينن ۾ مڪمل ٿي سگهنديون، چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان وزير اعظم کي ان حوالي سان لکيل 16 خط پڻ پيش ڪيا ويا جن جو حڪومت طرفان اڄ تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو هو. جنهن تي چيف جسٽس هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ قدم کڻي .ان کان سواءِ چيف جسٽس طرفان ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي به روسٽرم تي گهرايو ۽ ٻڌڻي بابت انهن جا بيان ٻڌا. ميان شهباز شريف طرفان عدالت ۾ چيو ويو ته، مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحاد کي قومي اسيمبلي واري ايوان ۾ 177 ميمبرن جي اڪثريت حاصل آهي ۽ سندن پارلياماني اتحاد طرفان وزير اعظم عمران خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر ۽ حڪومت طرفان غير آئيني طور تي روڪيو ويو آهي ۽ وزير اعظم ۽ صدر مملڪت طرفان غير آئيني طور قومي اسيمبليءَ کي تحليل ڪيو ويو آهي، معزز عدالت کان درخواست آهي ته، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ سميت حڪومت جي سموري ڄاڻايل غلط عمل کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ۽ قومي اسيمبليءَ کي بحال ڪري وزير اعظم خلاف پيش ٿيل بي اعتمادي واري رٿ تي آئيني عمل مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ميان شهباز شريف طرفان عدالت کي يقين ڏياريو ويو ته سندس اتحاد کي ايوان ۾ اڪثريت حاصل آهي جنهن جي مدد سان هو ملڪ ۾اتحادي مضبوط حڪومت قائم ڪري سگهن ٿا ۽ ملڪ کي سياسي ۽ معاشي استحڪام ڏياري سگهن ٿا.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي جڏهن عدالت جي روسٽرم تي سڏايو ويو ته، ان موقعي تي چيف جسٽس طرفان بلاول ڀٽو کي عدالت ۾ مسڪرائيندڙ واحد شخصيت ۽ ٽن نسلن کان ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙ خاندان طور ڀليڪار ڪيو ويو، جنهن تي بلاول ڀٽو طرفان چيف جسٽس ۽ عدالت جي سمورن معزز ججن جا ٿورا مڃيا ويا. عدالت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان پنهنجي بيان ۾چوڻ هو ته، هو ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري سرشتي جي بقاءَ ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. حڪومت طرفان ملڪ جي آئين خلاف قدم کنيا ويا آهن ۽ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ اسان ۽ ملڪ جي سياسي جماعتن جي اتحاد طرفان گڏجي پيش ڪئي وئي هئي جنهن تي راءِ شماري کي غير آئيني عمل سان روڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ وزير اعظم ۽ صدر مملڪت طرفان قومي اسيمبليءَ کي تحليل ڪري ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين طرفان عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته ڊپٽي اسپيڪر جي غير آئيني رولنگ کي غير آئيني قرار ڏئي رد ڪيو وڃي، قومي اسيمبليءَ کي بحال ڪيو وڃي ۽وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي راءِ شماري واري عمل کي مڪمل ٿيڻ وارو آئيني حق ڏنو وڃي. عدالت طرفان بلاول ڀٽو کان معلوم ڪيو ويو ته اوهان جي راءِ ۾ ڄاڻايل بحران کي اوهان ڪهڙي ريت حل ڪرڻ چاهيو ٿا؟ عدالت جي سوال تي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته، هن وقت هو ملڪ ۾پنهنجي جماعت جي حڪومت قائم ڪرڻ نه پر آئين جي حڪمراني ۽ چونڊ سڌارا ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ ان حوالي سان چونڊ سڌارن وارو بل تيار ڪيو ويوآهي. جنهن تي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اوهان طرفان اهو چونڊ سڌارن وارو بل ۽ ٻيو جيڪو به مواد آهي ته، اڄ ئي فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان عدالت ۾ پنهنجو تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو ويو. اڳتي هلي ملڪ لاءِ تجويز ڪيل آئيني سڌارا ۽ چونڊ سڌارن واري بل تي سپريم ڪورٽ طرفان ضروري ڪارروائي ٿيڻ واريون سرهائي ۽ خوشيءَ واريون خبرون ملڻ جون اميدون پڻ پيدا ٿي ويون آهن.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان ملڪ جي آئين جي حفاظت ۽ آئيني ۽ جمهوري سرشتي جي سندس اصل روح موجب بحالي واري ڏنل فيصلي سان يقينن ملڪ هڪ وڏي آئيني بحران مان ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي تسليم ٿي وئي آهي. بيشڪ! ملڪ جي سلامتي، استحڪام، جمهوريت ۽ جمهوري سرشتي جي بحالي سان ملڪ ۾سياسي استحڪام پيدا ٿي ويو ۽ عوام جي منتشر طاقت وري بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ گذريل چئن سالن کان جاري افراتفري ۽ غير آئيني حملن کان پوءِ ملڪ ۽ ملڪ جو عوام گهٽ ۾ گهٽ گذريل هڪ هفتي جي سخت ڇڪتاڻ، ذهني دٻاءُ، مانڌاڻ، تڪليف ۽ آنڌ مانڌ مان نڪري پار پئجي ويا آهن. هن تاريخي سوڀ تي اسين پنهنجي ملڪ جي عوام، قومن، ترقي پسندن، جمهوريت پسندن، صحافين، وڪيلن، سماج سڌارڪن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، عوام دوست قوتن کي دل جي گهرائين سان لکين مبارڪون ۽ ڪروڙين واڌايون پيش ڪريون ٿا.