ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي حڪومت جي ناڪاميءَ جا سبب

1996ع ۾ جڏهن عمران خان سياست جي شروعات ڪئي ته کيس تمام گهڻي مشهوري ملي. ڇو ته ڪرڪيٽ جي ميدان سندس ڪارنامن جي ڪري هو اڳ ۾ ئي ملڪ جي سڀ کان مقبول شخصيت هو، خاص طور نوجوان کيس تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجو رول ماڊل سمجهندا هئا. ڪرڪيٽ جي ان مقبوليت جو فائدو وٺندي پهريان ته هن شوڪت خانم ميموريل اسپتال جو بنياد وڌو، سندس شخصيت کي ڏسندي پوري دنيا مان ماڻهن ان اسپتال جي قيام لاءِ فنڊ ۾سندس مدد ڪئي، پر جڏهن خانصاحب محسوس ڪيو ته فقط اسپتال قائم ڪرڻ ڪافي ناهي، هن ملڪ جي ماڻهن جي اصل “خدمت” سياست ۾ اچي ڪري سگهجي ٿي، ان مقصد تحت هن پنهنجي پارٽي “پاڪستان تحريڪ انصاف” جو بنياد وڌو. موروثي سياست مان تنگ عوام، پڙهيل لکيل طبقي خاص طور نوجوانن کيس ڀرپور موٽ ڏني، پر هن ملڪ جي سياست جا عجيب رنگ آهن ته جلسن ۾ پاور ڏيکاريندڙ اڪثر سياستدان ووٽ جو پاور ڏيکاري ناهن سگهندا. عمران خان جو نعرو تبديلي جو هو، ملڪ کي موروثي سياست ۽ ڪرپشن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، ملڪ جي لٽيل دولت واپس آڻڻ ۽ نوجوان طبقي کي اڳتي آڻڻ، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جو خاتمو سندس سياسي مقصدن ۾ شامل هو، ان لاءِ هن عوامي آگاهي ۽ موبلائيزيشن جي مهم شروع ڪئي. سندس پارٽيءَ جي باني ميمبرن ۾ ڪافي پڙهيا لکيا ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻهو شامل هئا، پر بدقسمتيءَ سان ووٽ جي سياست ۾ موروثي سياست هٿان شڪست کائيندا رهيا، خانصاحب شروع کان ئي شريف، زرداري خاندان توڙي پرويز الاهي ۽ شيخ رشيد جهڙن سياستدانن جو سخت مخالف رهيو ۽ هر فورم تي انهن کي ملڪ دشمن سڏيندو رهيو. الطاف حسين کي ملڪ دشمن ثابت ڪرڻ لاءِ هن برطانيه ۾ ڪيس داخل ڪيا ۽ ايم ڪيو ايم کي ملڪ دشمن دهشتگرد تنظيم ثابت ڪرڻ جي زبردست مهم هلائي.
وقت گذرڻ سان هن محسوس ڪيو ته جي ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته ان لاءِ ضروري آهي ته اسيمبليءَ جي ايوان تائين پهچجي، ان لاءِ سکڻا نعرا ڪم نه ايندا. “اليڪٽيبلز” جو ساٿ هجڻ ضروري آهي. ان سوچ تحت هن پنهنجي پارٽيءَ ۾ خاص طور نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي مخالف يا انهن کان ناراض جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن کي شامل ڪرڻ شروع ڪيو. عمران خان جي حڪومت اچڻ کان ڪجهه سال اڳ مون سنڌ جي هڪ دانشور جيڪو ان وقت پي ٽي آءِ سنڌ جو سرگرم اڳواڻ هو، کان پڇيو هو ته هي جيڪو ڪجهه اوهان ڪيو پيا اهو ته اوهان جي پارٽيءَ جي آئين ۽ مقصدن جي ابتڙ آهي ته ان جواب ڏنو هو ته جيئن ته هو چاهين ٿا ان لاءِ پارلياماني طاقت ضروري آهي ۽ اها حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن جي پارٽيءَ ۾ شموليت جي ضرورت آهي. تڏهن ئي مون کيس چيو هو ته هي اقتدار جا بکيا، مفاد خاطر در در جو پاڻي پيئندڙ ماڻهو توهان کي اصل تبديلي آڻڻ ئي نه ڏيندا. سو ٿيو به ائين ۽ آخر ۾ اهي ماڻهو “وڌيڪ فائدو” ڏسندي اقتدار ۾ هوندي عمران خان جو ساٿ ڇڏي ويا. ڪجهه اهم سبب جيڪي عمران خان جي ناڪاميءَ جو سبب بنيا اهي هي آهن.

سياسي: عمران خان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڦرڻا گهرڻا سياستدان پارٽيءَ ۾ شامل ڪيا، وڪيٽون ڪيرائڻ جي نالي تي ٻين پارٽين جا جيڪي ماڻهو آندا ويا، اهي پاڪستان تحريڪ انصاف جا نظرياتي ڪارڪن يا اڳواڻ نه هئا. بلڪه انهن جو ڪو نظريو هو ئي ڪونه. ان ڪري جيئن 2018ع جي اليڪشن عمران خان لاءِ Manage ڪئي ويئي ته اڪثريت ۾ انهن ماڻهن کٽيو جيڪي پراڻن وقتن ۾ مختلف غير جمهوري قوتن جي ٺاهيل حڪومتن جو حصو رهيا. اهي تحريڪ انصاف لاءِ سمورو وقت مسئلن جو سبب بنيل رهيا، تحريڪ انصاف ۾ اندروني سياسي ڇڪتاڻ جو سبب اهڙا غير پارلياماني، غير سياسي ماڻهو به رهيا جيڪي “صلاحڪار” جي صورت ۾ وزارتن يا اهم عهدن جا مزا ماڻيندا رهيا. ان سان ائين ٿيو ته اهي ماڻهو جيڪي ووٽ ذريعي چونڊجي آيا هئا، اهي وزارتون نه ملڻ سبب حڪومت کان ناراض ٿي ويا. ان سان گڏ ماضيءَ جي شديد مخالف سياسي جماعتن (ق) ليگ، ايم ڪيو ايم کي به اتحادي ٺاهي، انهن کي اهم عهدا ڏنا ويا. هڪ سيٽ جي باوجود شيخ رشيد کي اهم وزارتون ڏيئي نوازيو ويو. ڪابينه ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي جيڪي ساڳيا پرويز مشرف جي ڪابينه جو حصو به هئا. ان ڪري تحريڪ انصاف جا نظرياتي، باني اڳواڻ آهستي آهستي پارٽي کان ڇڊا ٿيندا ويا. ان کان پوءِ عمران خان جو طرز حڪمراني يا فيصلا ڪرڻ جو طريقه ڪار به ڪو جمهوري نه هو ۽ هو سياست ۽ حڪومت کي ڪرڪيٽ مئچ وانگر راند سمجهي کيڏندو رهيو. مغروري سبب نه اتحادين، نه ئي اپوزيشن ڏانهن هن جو رويو ڪو مثبت هيو، ان ڪري به هو اڪيلو ٿيندو ويو.
سفارتي: جيئن ئي عمران خان کي حڪومت ملي ته هو پهرئين ڏينهن کان پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان وائڙائپ جو شڪار نظر آيو. هن جو ماڊل ڪڏهن رياست مدينه ته ڪڏهن آمريڪا جو ڊيموڪريٽڪ نظام ۽ ڪڏهن وري چين جو نظام، هر ڀيري هر تقرير ۾ هو نئون ماڊل کڻي ايندو هو. ڀارت جي حوالي سان هن ڪافي نرمي وارو رويو رکيو، ڦرندڙ گهرندڙ ڳالهين جي ڪري هو سفارتي محاذ تي ڪا سٺي موٽ حاصل نه ڪري سگهيو. سي پيڪ جا سيڙپ ڪار به هٿ ڪڍي ويا، پرڏيهي سيڙپ ڪاري گهٽجي ويئي، ٻرنديءَ تي تيل سندس روس واري دوري ڪيو. اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن سموري دنيا جا ملڪ روس يوڪرين جنگ جي صورتحال جو مشاهدو ڪري رهيا هئا ۽ ان حوالي سان ڪو واضح پاليسي بيان ڪٿان نه پئي آيو، عمران خان جي روس جي دوري آمريڪا توڙي سندس جنگي اتحادي ملڪن کي ڪاوڙائي وڌو ۽ پاڪستان سفارتي محاذ تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيندو ويو. پاڪستان جي روايتي اتحادي ملڪ سعودي عرب به پاڪستان جي افغان پاليسي سبب کلي طور ڪا مدد نه ڪئي، جيڪو قرض ڏنائون اهو به اهڙن ڏکين شرطن تي جو ان سان معيشت تي اڃان دٻاءُ وڌيو. سفارتي محاذ تي منجهيل پالسي سبب عمران خان بلڪل ناڪام نظر آيو.
اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا: پاڪستان جي لولي لنگڙي جمھوريت سدائين ماورائي پارليامينٽ مداخلت جو شڪار رھي آھي. خود 2018ع واري اليڪشن ادارن تي مداخلت جي الزامن سبب تڪراري رھي ۽ عمران خان اليڪٽڊ بدران سليڪٽڊ جو لقب ماڻيو. سمجھيو پئي ويو ته موجودہ اسٽيبلشمينٽ عمران خان سان ھر سطح تي گڏ ھوندي. ماضي ۾ ادارن جي سربراھن جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ تي سخت تنقيد ڪندڙ عمران خان ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جواز ڄاڻائي جنرل قمر جاويد باجوہ جي مدي ۾ واڌ ڪئي. پر اڳتي ھلي جڏھن آءِ ايس آءِ چيف جي مدت وارو معاملو آيو ته عمران خان جا ۽ اسٽيبلشمينٽ جا تضاد کلي سامھون آيا. جنھن سبب عمران ادارن جي حمايت به وڃائي ويٺو. ادارن جي حمايت وڃائڻ جو ٻيو سبب اھي بيان به هئا جيڪي مختلف عالمي معاملن خاص طور سيڪيورٽي معاملن تي عمران خان عوامي جلسن ۾ ڏيندو ھو.
معاشي: عمران خان جي دعوى ھوندي ھئي ته ھو وڏا معاشي سڌارا آڻيندو، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ذريعي لٽيل دولت واپس آڻي ملڪ تي چڙھيل قرض ادا ڪندو. نيب کي با اختيار ڪندو، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارا آڻي ٽيڪس ڪليڪشن کي بھتر ڪندو، جنھن سان ملڪ معاشي طور سگھارو ٿيندو ۽ مھانگائي گھٽ ٿيندي. پر اليڪشن جي مھم دوران جلسن ۾ ڪيل ڳالھيون فقط اعلان ئي ثابت ٿيا. عملي طور ان حوالي سان ڪجهھ نه ٿيو. نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڪيس فقط مخالفن تي داخل ٿيا، جيڪي ڪمزور قانوني نظام سبب فيصلا ڪن نتيجن تي نه پھچي سگھيا. جڏھن ته ڪيترين ئي شڪايتن باوجود اتحادين کي رعايت ڏني ويئي. خاص طور پنجاب ۾ ھڪ طرفو احتساب ۽ خراب طرز حڪمراني سبب عمران خان تمام گھڻي تنقيد جو شڪار رھيو. آءِ ايم ايف سان نوان معاھدا ڪيا ويا. ريڪارڊ قرض ڏکين شرطن تي ورتو ويو، جنھن سبب ملڪي معيشت سڌي دٻاءَ ھيٺ آئي، مھانگائي ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿيو. پيٽرول، بجلي جون قيمتون، ڊالر جو ريٽ بي قابو ٿي ويو، ان ڪري عوام جيڪا فوري ريليف جي توقع ڪئي پئي اھو نه ملي سگھيو ۽ حڪومت جي عوامي حمايت ۾ گھٽتائي آئي جنھن ڪري مخالف پارٽين کي حڪومت مخالف تحريڪ ھلائڻ جو جواز مليو.
عوامي سطح تي ڪيل واعدا پورا نه ڪري سگھڻ، روزگار جا موقعا پيدا نه ڪري سگھڻ، وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگھڻ، پارليامينٽ کي جمھوري انداز ۾ نه ھلائڻ، ملڪي توڙي غير ملڪي معاملن تي غير ذميواراڻا بيان ھن حڪومت جي وقت کان اڳ خاتمي جو سبب بڻيا. اپوزيشن جيڪا ھن حڪومت جا شروعاتي ٽي سال بيوسي ۽ اندورني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ھئي ان، ان موقعي جو ڀرپور فائدو ورتو، ٻاھرين مداخلت جي واويلا ۽ مذھب ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي باوجود حڪومت لاءِ جڏھن پاڻ بچائڻ ڏکيو ٿي پيو ته ھنن غيرآئيني قدم کنيا جيڪي انھن لاءِ سياسي طور وڌيڪ نقصان جو سبب ٿيا ۽ سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏيئي ھن حڪومت جي غيرآئيني قدمن کي واپس ڪرايو ۽ آئيني حڪمرانيءَ جي ضمانت کنئي. توڙي جو اڃان آخري مرحلو ھن حڪومت کي پارليامينٽ ذريعي ھٽائڻ آھي جنھن جي واضح عددي اڪثريت اپوزيشن وٽ آھي. جنھن مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن ڪا وڌيڪ افراتفريح واري صورتحال پيدا نه ڪئي ويئي ته باقي بچيل اسيمبليءَ جو مدو مخالف ڌر جون پارٽيون گڏيل حڪومت ڪري، خاص طور اليڪشن جي حوالي سان قانونسازي ڪنديون. عمران خان جو گھڻو حوصلا افزا سياسي مسقبل نظر نه پيو اچي ۽ پنھنجي غيرسياسي سوچ ۽ غير پارلياماني عملن جي ڪري سندس حڪومت جو غيرمتوقع انداز ۾ خاتمو ٿيو ۽ اهي محرڪ عمران خان جي حڪومت جي ناڪاميءَ جو سبب بنيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button