
سپريم ڪورٽ پارلياماني تاريخ جي بدترين آئيني بحران کي ختم ڪندي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي غير قانوني چوندي ختم ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ انهيءَ ڏينهن يعني 3 اپريل تي پندرنهن ويهن منٽن جي اندر وزير اعظم پاران اسيمبليءَ کي تحليل ڪرائڻ جي رڪوزيشن جيڪي صدر کي موڪلي ۽ صدر من و تن انهيءَ تي عمل ڪندي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي عارضي طور وزير اعظم جا فرائض عمران خان نيازي کي نڀائڻ لاءِ چوندي نوٽيفيڪشن جاري ڪئي، معاملو اڳتي وڌائيندي نگران حڪومت جي تشڪيل جي لاءِ جيڪي به صدر ڪوششون ورتيون، سپريم ڪورٽ انهن سڀني قدمن کي غير قانوني سمجھندي ختم ڪري ڇڏيو. اسيمبليءَ جي بحال ڪرڻ ۽ بي اعتماديءَ جي رٿ تي ووٽنگ ڪرڻ جي لاءِ ڪورٽ سڳوريءَ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي پابند ڪيو آهي ته 9 اپريل تي اجلاس ڪوٺارائي ۽ بي اعتماديءَ جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي ۽ تمام اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ جي عمل کان ڪنهن به صورت ۾ نه روڪيو وڃي نه ڪا رڪاوٽ وڌي وڃي.
يقينن هن ملڪ جي تاريخ ۾ خود اسيمبليءَ جي اندر آئين جي لتاڙ جو هڪ بدترين مثال پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، 9 اپريل تي بي اعتماديءَ جي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي امڪاني نتيجا اسان جي اڳيان آهن. انهيءَ تي گھڻو ورجاءُ ڪرڻ مناسب ناهي ۽ هي به امڪان رد نٿو ڪري سگھجي ته 8 اپريل جي شام جو وري بحال ٿيل وزير اعظم عمران خان نيازي ڪو اهڙو اعلان ڪري يعني پنهنجي استعفيٰ يا تمام پارٽي ايم اين ايز جي استعفيٰ (هنن اکرن لکڻ جي وقت تائين ته اهو امڪان ئي ظاهر ڪري سگھجي ٿو) ڪجھه به هو چئي سگھي ٿو پر هاڻي هن جي هٿ ۾ ڪوئي اهڙو بال ناهي رهيو، جنهن سان آئيني عمل کي هو اڏائي سگھي ها البته هي چئي سگھي ٿو ته هاڻي هن جي ٻئي جدوجهد روڊن ۽ رستن تي انهن جي خلاف ٿيندي جن کي هو ڪرپٽ چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو رهيو آهي.
9 اپريل کان پوءِ نئين سيٽ اپ ۾ جيڪا حڪومت جڙندي، اها گڏيل اپوزيشن جي هوندي انهيءَ ۾ سگھاري ۽ طاقتور ڌر ن ليگ ئي رهندي. ايندڙ اليڪشن تائين واضح امڪان آهن ته اها حڪومت پوري گڏيل اتحاد کي قائم رکي ۽ پي ٽي آءِ يا عمران نيازي جي سيٽ اپ کي قدم به قدم هٽائي، جنهن ۾ پهريون امڪان سينيٽ جي چيئرمين جي هٽڻ جو نظر ٿو اچي. ٻيو قدم هو خيبر پختونخوا جي حڪومت هٽندي نظر پئي اچي آخري ٽارگيٽ صدر صاحب عارف علوي ٿيندي نظر اچي پيو، ڇو ته هڪ حڪومت کي هلائڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي انتظامي سياسي سيٽ اپ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهھ انهن جي لاءِ ڪرڻ لازمي هوندو ۽ هو ائين ڪرڻ کان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا، ان پوري سياسي جوڙتوڙ ۾ ايندڙ صدر جو پکو ڪنهن جو ٿو نڪري انهيءَ جي لاءِ گھڻو امڪان هي آهي ته هاڻي قسمت جو طوطو مولانا فضل الرحمٰن جي حق ۾ ڪڍي اڳتي آڻيندو ۽ ان پوري سياسي ڀڃ ڊاھه ۾ مولانا گھڻو ڪجھه حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندو. 9 اپريل کان پوءِ جڏهن عمران خان وزير اعظم نه رهندو ته (يعني اڄ کان پوءِ) ته هن جي حڪمتِ عملي هڪ اها هوندي ته هو پنهنجي پارٽي کي وڌيڪ متحرڪ رکي ۽ پوري سياسي مايوسي ڊپريشن کان پاڻ کي ۽ پنهنجي پارٽي کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ تحرڪ ۾ رکي.
پر هي سوال به تمام وڏي اهميت رکي ٿو ته ڇا مستقبل ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي تنظيمي ۽ سياسي سگھه اها برقرار رکي سگھي ٿي، جيڪا هن جي ماضيءَ ۾ هئي ۽ جيڪا هن جي اقتدار ملڻ کان پوءِ بڻجي اڀري هئي، هي اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هاڻي پي ٽي آءِ انهن ٻنهي پهلوئن کان الڳ ٿلڳ ٿي ڪري هڪ ٻي صورت ۾ اڀري سگھي ٿي ڇو ته پهريان عمران خان پي ٽي آءِ کي هڪ تبديلي جي اميد بڻائي اڳتي وڌايو هيو ۽ جيڪي سيڙپڪار هن ڏانهن وڌي آيا هئا، اهي امڪاني اقتدار جي يقين تي وڌيا هئا ۽ انهن بلائينڊ سيڙپڪاري ڪئي هئي، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ ته انهن ۾ ڀڃ ڊاھه ٿي نوان ڪردار اڳتي وڌيا، پراڻا پاسيرا ٿيا يا عتابن ۽ عذابن ۾ آيا، تنهن ڪري مستقبل ۾ سيڙپڪار هن گھگھير گھوڙي تي سيڙپ ڪرڻ جي لاءِ سو دفعا سوچيندا.
ساڳئي وقت وچولي طبقي جي اقتدار پرست خواهش جيڪا مايوسي جي ڌٻڻ ۾ هلي وئي آهي انهيءَ جو متحرڪ ٿيڻ به انتهائي ڏکيو ۽ وڏي محنت کان پوءِ ٿيندو. نئين سري سان تنظيم سازي ۽ پارٽي کي مضبوط ڪري اڀارڻ جي ڪلچر ۽ عمران خان جي ڪيمسٽري اهڙي آهي ئي نه تنهن ڪري مستقبل جي سياسي جدوجهد پي ٽي آءِ جيڪا ڪرڻ جي تمنا ۽ خواهش رکي ٿي يا عمران نيازي جي لاءِ جيڪو تصور اڀاريو ٿو وڃي، اهو ان صورت ۾ اڀرندي نظر نٿو اچي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ غالب امڪان هي آهي ته احتساب جو بيڪ فائر جڏهن خود پي ٽي آءِ ۽ عمران خان تي ٿيڻ شروع ٿيندو ته پوءِ انهيءَ جي پوزيشن ڪهڙي ۽ ڪيئن هوندي يقينن ايندڙ وقت جو احتساب نيب جي حوالي سان ته نه ٿيندو ۽ نه وري نيب جي اها ئي جوڙجڪ رهندي پر سياست جي طاقتور کيڏارين جو احتسابي ڄار اهڙو ضرور هوندو جو ان مان پي ٽي آءِ ۽ خان ڀائي کي نڪرڻ مشڪل هوندو، ٿي سگھي ٿو ته اهو سڄو سارو احتساب جو عمل شفافيت واري تصور ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ انڊيپينٽ عدالتي ڪميشن جي نگراني ۾ ڪرايو وڃي، جيڪو به ٿيندو هاڻي عمران خان جي سخت خلاف ئي ٿيندو ڇو ته هن جي خلاف هڪ وڏو سياسي محاذ گڏيل اتحاد جي صورت ۾ منظم هوندو آهي ۽ هن جي پارٽي تتر بتر ٿي ڪري ننڍي سگھه سان ساھه کڻندي، تنهن ڪري هي سوال هڪ دفعو وري سياست جي دنيا ۾ اڀري ٿو ته ڇا عمران نيازي هاڻي هڪ ايندڙ سخت ۽ ڪڙي امتحان مان گذرڻ جي سگھه رکي ٿو؟
ماضي جي سياسي جماعتن تي جيڪڏهن ڪو برو وقت آيو آهي ته اهو آمريتن جي حملن سبب آيو آهي. مثال پ پ پ تي حملو پهريان جنرل ضيا ڪيو، نواز شريف تي حملو جنرل مشرف ڪيو، تنهن ڪري هو ٻئي پنهنجي پنهنجي خلاف ٿيندڙ آپريشني دور اسٽيبلشمينٽ جي دٻائن مان گذرندي سياسي طاقت کي بحال رکي سگھيا پر هن سان هٿ جي وڍي هي آهي ته هن تي هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ جي حواري هجڻ جو الزام ايتري حد تائين آهي جو حڪومت وڃارائڻ ۾ به انهن جي جھرلو جي ڪرامت ۽ بعد ۾ امپائر جي غير جانبداري عمران نيازي کي سياسي دنيا جو هڪ يتيم ٻار بڻائي ڇڏيو ڇا اهو يتيم ٻار هاڻي وري سياسي سگھه پيدا ڪري پنهنجي ماضيءَ جون تنظيمي ۽ سياسي غلطيون سڌاري اها سگھه ڌاري سگھي ٿو؟ ڇا هو “آخري بال تائين” وڙهي سگھي ٿو؟ جنهن جو امڪان ته گھٽ آهي پر هو اها ڪوشش ضرور ڪندو ته ايندڙ وقت ۾ هو حڪومت ۽ اسٽبيلشمينٽ جي اختلافن جو ڪو فائدو حاصل ڪري ۽ پنهنجي سياسي قسمت چمڪائي پر اهو سڀ ڪجهھ ڪرڻ جي لاءِ هن کي سياسي عمل جي سرگرميءَ کي برقرار رکڻو پوندو، ڇو ته ان کان سواءِ هو پنهنجو جياپو نٿو ڪري سگهي ۽ اسان کي هي به ڪڏهن نه وسارڻ گھرجي ته عمران عذاب يا دشمنيءَ ۾ جيڪي گڏيل اپوزيشن هڪ ٻئي جي لاءِ ڇپر ڇانو بڻجي آيا اها مستقبل جي اقتداري ڀائيواريءَ ۾ گھڻو وقت هلي نٿي سگھي. ممڪن آهي ته اليڪشن تائين هو ڪس ڪسر ۾ هلي نڀائي وڃن پر اڳتي جا ٽڪراءَ صاف ۽ چٽا نظر اچن ٿا، جيڪڏهن گڏيل اتحاد پنهنجي اقتدار ۽ اختلافن کي بيلينس ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو وڏو مثال ۽ جمهوري ارتقا جو ثمر هوندو، جيڪو ان اتحاد ۾ حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌي پاڻ کي قائم رکڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هوندو.
يقينن تاريخ جا تضاد اتحادن جي جوڙجڪ ۾ تمام وڏو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ اهي تضاد سياسي دماغن ۽ مزاجن تي پڻ اثر انداز ٿيندا آهن ڇا هتي اهڙا نتيجا ملندا؟ يا صورتحال جي تبديلي اها ايندي ته مستقبل ۾ عمران نيازي وري پ پ پ سان ائين ڀاڪر پائيندو جيئن هن پنجاب ۾ ق ليگ جي چوڌرين سان سياسي ياري رکي. اقتدار جي گيم اصولن کان وڌيڪ سازشن کي تخليق ڪندي آهي ۽ سازشون ڪجھه به ڪري ڏيکاري ڇڏين ٿيون.