ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھائبرڊ ٽڪساٽ جي پڄاڻي!

عمران خان، جنھن لاءِ چيو ويندو ھو تھ ھو ھڪ ئي وقت اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليا جي ڊارلنگ ھو، ھاڻ ھو ڪنھن جو بھ نھ رھيو آھي! اھي جج، جن عمران خان کي ايماندار ۽ سچار قرار ڏنو ھو، انھن مان ٻن ججن تھ پنھنجي فيصلي ۾ کيس ملڪ جو آئين ٽوڙيندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آھي! اپوزيشن جي رٿ کي غدارن جو ڪم قرار ڏئي، ھڪ طرف رٿ کي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر خارج ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ طرف صدر عارف علوي قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ بقول سندس مخالفن جي صدر کي آئين ٽوڙڻ ۾ سھولت ڪار قرار ڏنو تھ ٻئي پاسي صدر عارف علوي عمران خان کي وزير اعظم جي عھدي تي برقرار رکندي نگران وزير اعظم لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کان نالا گھري ورتا ھئا، ھاڻ اھو عمل بھ غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ويو آھي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ نھ صرف قومي اسيمبلي کي بحال ڪري ڇڏيو، پر صدر جي سمورن قدمن کي بھ غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو. جنھن ويل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي خلاف سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي پنجين ڏينھن رمارڪس ڏنا تھ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جا قدم غير آئيني ھئا تھ ان سان گڏ ڪيترن ئي سياسي پنڊتن کي يقين ٿي ويو تھ عدالت جي فتويٰ عمران خان جي خلاف ئي ايندي، جسٽس مندوخيل تھ ايترا خطرناڪ رمارڪس ڏنا، جو اھي جج جن جو عمران خان ڏانھن جھڪاءَ ھو، ماٺ ٿي ويا. عدالت جي اشاري کانپوءِ ڪنھن کي بھ يقين نھ ھو تھ عدالت نظريھ ضرورت جو سھارو نھ وٺندي. ھي خدشا بھ سامھون آيا تھ شايد ملڪ جي اعليٰ عدالت ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي تھ غير آئيني قرار ڏيندي، پر جيڪو پراسيس اڳتي وڌيو آھي، ان کي نھ روڪيندي. مثال طور عدالت صدر عارف علوي جي نگران سيٽ اپ ۽ اسيمبلي کي بحال ڪرڻ جو حڪم شايد نھ ڏيندي، ان سان گڏ نين چونڊن جو عمل شروع ٿي ويندو. پر ائين نھ ٿيو ۽ سياسي مبصرن جون سموريون اڳڪٿيون درست ثابت نھ ٿيو، انھن مبصرن جي بھ ڳالهھ قبول نھ ڪئي وئي تھ ماضي کي وساري، يعني بي اعتمادي رٿ کي ڇڏي ڪري عدالت نين چونڊن جي حمايت ڪندي. ھاڻ سوال ھي آھي تھ جن آئين کي ٽوڙيو، غير قانوني حڪم جاري ڪيا انھن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا عدالت پنھنجي تفصيلي فيصلي ۾ عمران خان، صدر عارف علوي ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کي آئين ٽوڙڻ جي الزام ۾ سزائون بھ ٻڌائيندي؟
ڪجھه حلقن جو خيال آھي تھ ملڪ جي اعليٰ عدالت جو فيصلو اصل ۾ ٻن اھم قوتن ۾ جھيڙي ۾ اسٽيبلشمنٽ جي اھم شخصيت جي موقف جي سوڀ آھي، اھي جيڪي عمران خان کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ وڌيڪ اقتدار ۾ رکڻ جا خواب ڏسي رھيا هئا، نه صرف انهن کي بھ مات ملي وئي آھي. پر بينچ ۾ جيڪي جج ھئا، انھن تھ پھريان ئي اشارا ڏنا پئي، پر انھن جي رمارڪس مان اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ھئي تھ صدر ۽ وزير اعظم جا سمورا قدم ۽ اعلان عمران خان لاءِ بيڪ فائر ثابت ٿيندا. اپوزيشن جا اڪثريتي ميمبر ۽ اڳواڻ جن جي نرڙ تي غدار ھجڻ جو ڪارو ٽڪو لڳايو ويو ھو، ھاڻ انھن کي بھ ڪلين چِٽ ملي وئي آھي، پرڏيھي آفيس، اھو مراسلو، جنھن جي بنياد تي عمران خان مخالفن کي غدار سڏيو ھو، اھو نه صرف عدالت ۾ پيش ڪيو، پر کودا پھاڙ، نڪلا چوھا، واري ڳالهھ ثابت ٿي! حڪومت جي ان مراسلي مان اھڙي ڪابھ ڳالهھ نھ نڪتي، جنھن جي بنياد تي مخالف ڌر تي پرڏيھي سازش ۾ ملوث ھجڻ جو الزام مڙھيو ويو. آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي اھا ڪيبل بھ عدالت ۾ پيش ٿي وئي، جنھن جي آڌار تي حڪومت ڪڏي رھي ھئي. عدالت ثابت ڪيو تھ اپوزيشن تي جيڪي الزام مڙھيا ويا، اھي ڪوڙا ھئا!
ملڪ جي اعليٰ عدالت جي ايڏي وڏي فيصلي اچڻ باوجود عمران خان جا حامي ايندڙ Move جي ڳالھه ڪن ٿا ۽ شيخ رشيد جھڙا وزير جيڪي عمران خان جو آخري گھڙي تائين ساٿ ڏيڻ جون حاميون ڀري رھيا ھئا، ان بھ آسرو لاھي، فيصلي واري ڏينھن ڇٻي ڪڇ ۾ کنئين مارڪيٽ مان سبزي وٺڻ ويو. ھن کي بھ يقين ٿي ويو ھو تھ ھاڻ عمران خان کي ڪوبھ بچائي نٿو سگھي، عمران خان جي مستقبل جا ڏينھن شيخ رشيد ڳڻي ڇڏيا. ان سان گڏ عمران خان سان جيڪي گڏ بيٺل ھئا، اھي بھ ساٿ ڇڏي ويا، جنھن جي نتيجي ۾ ڪو پاڻ کي اڪيلو سمجھي رھيو ھو. عمران خان جو مسئلو ھي آھي تھ ھن کي اقتدار ۾ آندو تھ ھائبرڊ نظام جي حڪمت عملي تحت ويو ھو، پر ھن پاڻ کي عوامي ۽ حقيقي ليڊر سمجھڻ شروع ڪيو، ھن اسٽيبلشمنٽ کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون، نتيجو ھي نڪتو تھ ان جا بنياد ڪمزور ٿي ويا ۽ ھو آخر تائين ڪنھن جو بھ ڊارلنگ نھ رھيو!
عمران خان ڪھڙي بھ Move تي عمل ڪري، ان جو ملڪ جي سياسي تاڃي پيٽي مان ڪارج ڄڻ ختم ٿي ويو آھي. ھن جون سموريون Moves and counter Moves کوکليون ٿي ويون. اھي جيڪي عمران خان جي پٺي ٺپي رھيا ھئا تھ “سولي پر چڙھه جا، رام تيرا ڀلا ڪري”، انھن سندس مستقبل اونداھو ڪري ڇڏيو. عمران خان جي اھا ڳالهھ درست ھئي تھ ھن کي سياست جي ضرورت ڪھڙي ھئي؟ ھن کي اللھ تعاليٰ پھريان ئي سڀ ڪجھه ڏئي ڇڏيو ھو. انڪري ھن جا مخالف چون ٿا تھ سياست ۾ اچي عمران خان پنھنجو سڀ ڪجھه وڃائي ڇڏيو. ھاڻ تھ ان جي شھرت بھ داغدار آھي! “لاگا چنري نو داغ، دکھائون ڪيسي، گھر جائون ڪيسي” واري ڳالهھ آھي! ھو سماجي ڪمن لاءِ بھتر سمجھيو پيو وڃي، پر ھن کي ھي خبر نھ ھئي تھ سياسي داءُ پيچرا ڪيئن ٿيندا آھي؟ ھن مذھب ۽ سياست جو محلول ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن مذھبي استعارن کي استعمال ڪندي، سياسي ڪلچر کي گدلو ڪيو. ھن جي آخري وڪيٽ تي آخري بال بھ ڪم نھ آيو. انڪري سياسي ۽ اناڙي ۾ وڏي خليج ٿيندي آھي، جنھن کي سمجھڻ ۾ ھو ناڪام ويو.
ھاڻ عدالت تھ پنھنجن حڪمن ۾ واضح طور ڄاڻايو آھي تھ نائين اپريل، ڇنڇر جي ڏينھن، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي واري رٿ وارو عمل اتان ئي شروع ٿيندو، جتان حڪمران ختم ڪيو ھو. مخالف ڌر، جنھن پھريان عمران خان جا اتحادي الڳ ڪري پير اکيڙي ڇڏيا، ھاڻ اھا مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جو بنياد رکڻ طرف وڃي رھي آھي. مخالف ڌر کي جيڪي نظرئي ضرورت تي عمل ڪرڻ جا خدشا ھئا، اھي بھ دفن ٿي ويا. نظرئي ضرورت تحت عدليا جي تاريخ ۾ جيڪي بھ فيصلا ڪيا ويا، موجوده سپريم ڪورٽ اھي سمورا داغ ڌوئي ڇڏيا. مخالف ڌر، جنھن سموري گيم عمران خان جي ھٿن مان کسي ورتي آھي، اھا چاھي ٿي تھ اھا ملڪ ۾ چونڊ ۽ سياسي سڌارن کانپوءِ نين چونڊن جو اعلان ڪندي. بقول انھن جي تھ عمران خان جي گدڙ ڀڀڪين جو دور ختم ٿي ويو. ھو چاھين ٿا تھ عمران خان، جيڪو سياسي ڪلچر گدلو ڪري ڇڏيو ھو، ان کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ان سان گڏ واڳ ڌڻين کي بھ پيغام ڏنو ويو تھ اھي ٻيھر اھڙي غلطي نھ ڪن، ڇاڪاڻ تھ اسٽيبلشمنٽ جي غير سياسي چونڊ نھ صرف ان اھم اداري لاءِ خطرو آھي، پر ملڪ جو وجود بھ خطري ۾ پئجي سگھي ٿو. ھي جھيڙو اندر جو آھي يا ٻاھر جو، گھٽ ۾ گھٽ سويلين بالادستي لاءِ رستو صاف ڪندو. مخالف ڌر جا اھي اڳواڻ، جن کي اھم اداري جي ڪجھه عملدارن سان ملي وڃڻ لاءِ نينڍ ڏني وئي، انھن جي انڪار بھ موجوده صورتحال کي بھتر بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏھن ھو ان ٽولي کي جوائن ڪن ھا تھ ھائبرڊ نظام جو سج ڪڏھن بھ نھ لھي ھا ۽ عوام مھانگائي، بک، بدحالي جي جنھن طوفان کي منھن ڏنو پئي، انھن لاءِ ڪاري رات وڌيڪ ڊگھي ٿي وڃي ھا. ھاڻ بال مخالف ڌر جي ڪورٽ ۾ آھي، ڏسون تھ ھو ڪيترو ڊليور ڪن ٿا.
عمران خان جيڪي واعدا ڪيا اهي ته وفا نه ٿيا، پر هن جيڪو مختلف ادارن ۾ گند ڦهلايو آهي، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون، ملڪ جون عدالتون ان کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويون آهن. ان حوالي سان پيڪا آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهرين ڌڪ ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت ٻيا به ڪيترائي معاملا آهن، جن جي صفائي ڪرڻي آهي، اليڪشن ڪميشن کي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به هاڻ ئي ڪرڻو آهي، ڏسجي ته عمران خان جي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس مان ڪهڙن پرڏيهين جا چندا نڪرن ٿا ۽ اها رقم ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪئي وئي. اهي ادارا يا ڪمپينون يا شخصيتون، جن عمران خان کي ڪروڙين رپيا ڏنا، انهن جي بدلي ۾ انهن کي ڇا مليو، ان جي به کوج لڳائڻي پوندي. گهٽ ۾ گهٽ ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪ جيڪي ڪروڙين رپيا عمران خان کي ڏنا، ان جو قرض ته هو لاهي چڪو آهي، هن کي جيتريون مالي رعايتون مليون، شايد ڪنهن ٻئي کي مليون هونديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button