
9 اپريل تي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف پيش ڪيل عدم اعتماد واري رٿ ڪامياب ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هاڻ هو وزير اعظم ڪونه رهيو آهي ۽ سندس ڪابينه به ختم ٿي چڪي آهي. عدم اعتماد جمهوري عمل جو حصو آهي، دير سوير نيٺ اهو عمل پورو ٿي ويو ۽ اپوزيشن پارٽيون هاڻ ايوان وسيلي پنهنجو نئون قائد چونڊينديون. عوام سياسي بحران دوران گهڻو ڀوڳيو ۽ بي چين به رهيو. هاڻ جڏهن اڄ نئين وزير اعظم جي چونڊ ٿيندي ته عوام ان مان به ڪي اميدون ضرور رکندو. عمران خان جي دور ۾ ٿيل سياسي غلطيون، عوام لاءِ مسئلا ۽ عالمي سطح تي سياسي اڪيلائي پنهنجي جاءِ تي پر ايندڙ حڪومت تي اها ذميواري وڌي ٿي وڃي ته اها عوام جي مسئلن کي بهتر نموني حل ڪري. اڳوڻي حڪومت جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهي آهي. اهو سڀڪجهه ڪرڻ هاڻوڪي حڪومت جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته عوام اڄ به ان آسري آهي ته ان جي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ مان جان آجي ٿيندي. ٻه ڏينهن اڳ جڏهن پارليامينٽ وسيلي هڪ چونڊيل وزير اعظم کي گهر موڪليو ويو آهي ته ان سان پارليامينٽ جي اختيارن جو به اندازو ٿيو ۽ اها به خبر پئي ته جيڪڏهن پارليامينٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ چاهي ته اها جمهوري عمل وسيلي گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي.
ملڪ چهرن جي تبديليءَ سان تبديل نه ٿيندا آهن پر اهي عمل جي تبديليءَ سان تبديل ٿيندا آهن. جيڪڏهن نئين حڪومت به عوام کي رڳو آسرا ڏيندي، ان سان ڪيل وعدا نه پاڙيندي ۽ نه ئي ان کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺندي ته پوءِ ان حڪومت جو هجڻ يا نه هجڻ عوام لاءِ ساڳي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سياسي پارٽيون اهو چون ته انهن وٽ عمران خان حڪومت کان وڌيڪ بهتر ٽيم آهي، اها ٽيم وڌيڪ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي ۽ اها عوام جي مسئلن کي اولين بنيادن تي حل ڪندي ته پوءِ اها شيءِ عمل وسيلي نظر به اچڻ گهرجي. ان کان سواءِ هاڻوڪي حڪومت کي ڪنهن انتقامي ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان کي گهرجي ته ان جو سمورو زور ان ڳالهه تي هجي ته عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اها ڇا ٿي ڪري سگهي. اها ڪهڙي ريت عوام کي وڌ کان وڌ سکيو رکي سگهي ٿي. بک ۽ بيروزگاريءَ مان ڪيئن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ٿي اچي. پر جيڪڏهن اها پنهنجو وقت رڳو سياسي انتقامي ڪاررواين تي پئي خرچ ڪندي ته پوءِ عوامي معاملا رلي ويندا ۽ ڪنهن به ريت نه ملڪ جي ترقيءَ جو چرخو هلندو ۽ نه ئي سياسي اڪيلائيءَ مان نڪري سگهندو. نئين حڪومت وٽ سڀ کان وڏو چئلينج ملڪي معيشت کي ٽيڪو ڏيڻ آهي، جيڪا هن وقت بنهه گهڻي ڏتڙيل حالت ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ يا ان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آهي. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته جيڪي ترقياتي رٿائون هن وقت رنڊڪن جو شڪار آهن، انهن کي ترت شروع ڪيو وڃي. دوست ملڪن سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. نئين سرمائيڪاريءَ لاءِ در کوليا وڃن. واپار جون سهولتون پيدا ڪيون وڃن ۽ غير ضروري خرچ گهٽائڻ تي زور ڏنو وڃي ته جيئن ان جو ڦل عوام کي ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ محدود وقت آهي. ان وقت ۾ ان کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري وري چونڊن ۾ وڃڻو آهي، جتي عوام جي آڏو انهن جا چهرا نه پر ڪارڪردگي هوندي. عوام کين ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ ڏيندو، ٻي صورت ۾ اهي رد ٿي ويندا. تنهنڪري اهو لازمي آهي ته نئين حڪومت پنهنجي طئي ڪيل هدف جلدي ماڻي.
اسين سمجهون ٿا ته جمهوري عمل کي جاري رهڻ گهرجي. حڪومت ڪنهن جي به هجي، ان جي اولين ترجيح عوام هجڻ گهرجي. ان جي ترجيح ملڪ جو آئين هجڻ گهرجي. جنهن جي پائمالي نه ٿيڻ گهرجي. هاڻوڪي حڪومت ۾ تجربيڪار ماڻهو شامل هوندا آهن، جيڪي عوامي تڪليفن کي سمجهن به ٿا ته انهن کي حل ڪرڻ لاءِ وٽن صلاحيت به آهي. سو هاڻوڪي حڪومت مان اها اميد ڪجي ٿي ته اها اجائين معاملن تي وقت گذارڻ بدران عوامي مسئلن تي گهڻو ڌيان ڏيندي ته جيئن عوام لاءِ ڪي سک جا ڏينهن اچن ۽ جيڪي عوام دشمن فيصلا گذريل حڪومت ڪيا آهن، انهن کي واپس ورتو ويندو.