شوبز

عمران خان جي سڏ تي شوبز ستارن جو بھ احتجاج، حريم شاهه روئي ڏنو

پاڪستان جي شوبز ستارن بھ عمران خان جي سڏ تي حڪومت جي خاتمي خلاف ڏنل سندس سڏ تي روڊن تي نڪري ڀرپور نموني سان احتجاج ڪيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني اداڪارائون ۽ اداڪار عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ خلاف ڪيل احتجاج ۾ شامل ٿيا آهن، جن مان سائرا يوسف، قرت العين بلوچ، هارون رشيد ۽ ٻين شوبز ستارن پنهنجي پنهنجي شهر ۾ احتجاج ۾ شرڪت ڪئي آهي.

پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد

جڏهن تھ مريم نفيس، صنم سعيد، عاصم اظهر، زارا نور، ماهرا خان، اظفر رحمان ۽ ٻين عوامي طاقت کي ساراهيو آهي. مريم نفيس چيو تھ هي ماڻهو برياني جي پليٽ جو آسرو ملڻ سبب روڊن تي ناهن نڪتا، اوهان 172 ووٽ خريد ڪري سگهو ٿا، پر عوام کي ڪير خريد ڪندو. جڏهن تھ ماهرا خان چيو تھ هر حڪومت درست ناهي هوندي، پر ماضي کي نھ ورجائڻ گهرجي، اهو ئي بهتر آهي. هوڏانهن عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ تي حريم شاهه ۽ مشي خان روئي ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button