
پاڪستان ۾ نصابي ڪتابن يا ادبي ڪتابن ۾ جيڪا تاريخ لکي وئي آهي، گهڻي ڀاڱي اُن جو فقط هڪڙو پاسو عوام آڏو رکيو ويو آهي پر جن اُن کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا اُنهن ماڻهن ۽ سندن لکڻين تي پابنديون لڳايون ويون پر پوءِ به ڪُجهه ڪتاب آهن جيڪي سچ جو آئينو ڏيکارين ٿا ۽ ماضيءَ کان آگاه ڪن ٿا ته حال ۾ پنهنجا پير سوگها ڪيو. تاريخ آهي ئي هڪڙو واقعن ۽ تجربن جو تسلسل جيڪو ماضي ۽ حال کي جوڙي اسان کي ايندڙ گهڙيءَ لاءِ تيار ڪري ٿو ته ڪٿي ڪنڊا رکيل ۽ ڪٿي گُلن جي ورکا پيش ڪيل آهي. اُن حساب سان اڳيون قدم کڻجي.
اسان جو سنڌي عوام ايترو ته معصوم آهي جو مُلڪ جي صورتحال ته ٿي پري پر پنهنجي شهر جي به چڱي سان سُڌ نه اٿس. شعوري طور ۽ علم جي گهٽتائي سبب اسان جو ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عوام مُلڪ ۾ ٿيندڙ سياسي هلچل کان بي خبر آهي. اهوئي سبب آهي جنهن جو فائدو مير، پير ۽ جاگيردار توڙي وڏيري تائين عوام جي حقن جا وارث لڳا ويٺا آهن.
ڪتاب “مونکي ماريو سڄڻين” ذوالفقار ۽ بينظير ڀُٽو جي سياست جو تنقيدي پهلوئن تي لکيل هڪ ناياب ڪِتاب آهي. رڳو هُش ۾ خوش رهڻ وارا ۽ نعريبازي “جيئي ڀُٽو” ڪري پاڻ کي ڀٽو جا همدرد سڏائيندڙ هي ڪتاب ضرور پڙهن. اهڙن ڪتابن جي معلومات کي سنڌ جي هر عام ماڻهوءَ تائين پُهچائڻ گهرجي ته سندن عوامي ليڊر ۽ جمهوريت جا پيروڪار ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا.
هن وقت اهڙا سرڪل هلائي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جن ۾ سياست تي وڏا بحث ڇيڙيا ٿا وڃن پر اُنهن اسٽڊي سرڪلن جو نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري. اهڙيون ويهڪون اڻپڙهيل ۽ ڳوٺ جي عام ماڻهن پڙهيل طبقي جي سهڪار سان اتي ڪيون وڃن ته اُهي سياسي طور ۽ مُلڪ ۾ ڪهڙن ڳالهين تي ڪهڙا احتجاج ۽ مزاحمتون ٿي رهيون آهن، اُنهن کي خبر پئجي سگهي، تڏهن ئي سنڌ اڳتي وڌي سگهي ٿي.
پيپلز پارٽيءَ جي بُنيادي مَنشور کان وٺي هن وقت تائين جيڪا هلچل رهي آهي، سندن جيڪي اقتداري سازشن خاطر عوام جو استحصال ڪري، ننگن دنگن کي لُٽي اسميبلين جون سيٽون وٺي آمريڪا جا سچا پوئلڳ ۽ اسٽيبلشمينٽ جا حامي بڻيو ويٺا آهن ۽ عوام لاءِ سوشلسٽ نعرو روٽي، ڪپڙا اور مڪان اهو سڄو ڊرامو آهي.
ادريس لغاريءَ جو تاريخي حوالن تي آڌاريل هي ڪتاب سياسي شاگردن کي ضرور پڙهڻ گُهرجي، توڙي جو ڪُجهه شين جي ڪمي محسوس ٿي ڪتاب پڙهندي ته ڪُجهه ڳالهيون اڃا تفصيل جون گهرجائو هيون ۽ صفحو 194 کان 199 تائين ڪتاب ۾ ڪافي پروف جون غلطيون پِڻ آهن پر ڪتاب جي مواد جي ڳالهه ڪجي ته يقينن ڇرڪائيندڙ ۽ حيرت وجهندڙ انڪشاف ٿيل آهن.
پيپلز پارٽي جنهن کي عوامي پارٽي چيو وڃي ٿو پَر پارٽيءَ جي عوامي ڀلائيءَ جي اُميد اُن ڳالهه مان لڳايو ته پارٽيءَ جو بُنياد ئي جاگيرداريءَ تي پيل آهي يعني ڀُٽا جاگيردار هئا اهي جاگيرون کين وفاداري عيوض ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن طرفان مليون. پارٽيءَ ۾ موجود ڪنهن به اسيمبليءَ جي ميمبر ايم اين اي يا ايم پي اي کي ڏسنداسين ته اهو پڻ برادريءَ جو چڱو مُڙس، رئيس ۽ وڏيرو ئي هوندو اهڙن ماڻهن وٽ هڪ غريب ۽ پيڙهيل طبقي جي احساس ۽ همدرديءَ جي اهميت ڪهڙي هوندي اُهو عام ماڻهو کي به خبر آهي.
ڪتاب موجب ذوالفقار ڀٽو ڪڏهن به پنهنجي فيصلي تي اٽل نه رهيو جتي فائدو ڏسندو هو اتي ڀلي سامهون ڪير به هُجي، اُن کي ڪچلي ڇڏيندو هو. ڀٽي جيڪي ڪارناما ڪيا انهن کي ڏسي ايئن اکين مان لُڙڪ لڙي ٿا اچن ته عوام ايترو ننڊ ۾ سُتل ڪيئن ٿو رهي سگهي. ايم ڪيو ايم کي مُڪمل اختيار ڏنا ويا، ڌاري آباديءَ کي نه فقط ڪراچيءَ ۾ رهايو ويو پر سنڌين جي ملڪيتن مان اُنهن کي نوازيو ويو، بلوچستان، سرحد ۾ فوجي آپريشن ڪرايو ويو، عربن جي حمايت ڪري آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ فلسطين ۾ ظُلم ڪيا ويا. بنگلاديش جو قتل عام ڪيو ويو ۽ سڀ کان وڏو سانحو سنڌين سان جيڪو ڪيو ويو اهو 73ع جو آئين آهي جنهن ۾ اٺ ترميمون ڀُٽي ڪيون اُهو آئين اسان جو هر ايندڙ نسل اُن جي سزا ڀوڳيندو.
ڪتاب پڙهڻ سان هڪ ڳالهه واضح آهي ته هتان جو مالڪ آمريڪا آهي جنهن جي رحم ڪرم سان ڏنل قرض مطابق اسان اڄ زنده آهيون. ايئن ئي ٽين دُنيا جي مُلڪن ۾ تخت تي پنهنجا ماڻهو ويهارڻ ۽ لاهڻ سڄو هڪ طئي ٿيل منصوبي تحت آمريڪا مان ٿيندو آهي.
ٻئين نمبر تي اسان وٽ مُلڪي فيصلا ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ آهي جنهن جو اڄ به سياست تي وڏو هٿ آهي، هڪ وقت هو جڏهن نواب اَڪبر بُگٽيءَ جي قَتل وقت اسٽيبلشمينٽ سان جِتي فيصلائتي ۽ سياسي ويڙهه جي ضرورت هُئي جنهن باهه ۾ اسٽيبلشمينٽ سڙي رهي هُئي ۽ اهوئي موقعو هو مُلڪ ۾ جمهوريت کي بحال ڪرڻ جو، ان باهه کي وسائي نالي ماتر اقتدار وٺڻ خاطر اُن سان ڊيل ڪري، عوام سان هڪ سنگين مذاق هو ۽ پيپلز پارٽي طرفان اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري اُن کي رستو ڏئي مُلڪي تاريخ جي سياست جي هڪ ڪاري دور جي شروعات ڪئي ۽ خاص ڪري سنڌ کي اهڙي دلدل ۾ وجهي ڇڏيو جنهن جا مُختلف روپ اسان جي سامهون آهن. خاص ڪري بلوچستان جي عوام جو سرعام استحصال ڪيو ويو .
پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ ڪا به اهڙي عوامي پارٽي اڳيان ناهي آئي يا اُن کي اچڻ ناهي ڏنو ويو، جيڪا عوام جي حقن جي علمبردار ٿي رهي اُنهن سان اهڙو ورتاءُ نه ڪري جو ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ اعليٰ عهدا ڏنا وڃن، ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪئي وڃي، سماجي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ تحريڪن کي گوليون هڻي قتل ڪري جبرن گُم ڪيو وڃي.
سنڌ کي هن وقت جنهن انقلاب جي ضرورت آهي اهو تعليمي انقلاب آهي جنهن جي مدد سان عوام ۾ سُجاڳي آڻي ۽ پنهنجي حقن جي باري ۾ آگاهه ڪري سگهجي ٿو. اُنهن ۾ ايترو شعور هُجي ته گذريل اليڪشن ۾ تڪ مان کٽيندڙ وڏيري ڪهڙا سڌاري وارا ڪم ڪيا يا اهڙا منصوبا ڏنا. جيڪي مُستقبل ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهن. اُنهن ۾ سياسي طور ايتري جاڳرتا آڻجي هو بنا جهجهڪ جي پنهنجي سرواڻ کي بنا ڪنهن طاقت جي زور تي چونڊي سگهن .
پيپلز پارٽي شروع کان ئي عوام دشمن پارٽي رهي آهي جنهن اقتدار خاطر هر حد تائين وڃي اخلاق جون سڀ حدون اورانگهيون آهن. سندن شروع کان روايت رهي آهي مُخالف کي خاموش ڪرڻ لاءِ هر قسم جو قدم کڻجي. تازو ئي ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدو ڪو نئين ڳالهه ناهي، پيپلز پارٽي اهڙا سنڌ دشمن ٺاهه ڪندي رهي آهي ۽ يقينن اهي سنڌ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندا رهيا آهن.
اسان وٽ جمهوريت آئين ۽ قانون فقط ڪتابن ۾ آهي ۽ فقط مظلوم عوام خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ آهي.
ادريس لغاري کي اهڙا تاريخي حوالا ڏئي ڳالهين کي سگهارو پيش ڪرڻ تي جس هُجي. سندس هن وقت به پنهنجي اخبار ۾ ڇپجندڙ سياسي حوالي سان مضمون ڪارائتا ۽ معلوماتي هوندا آهن، جيڪو يقينن بهترين ڪم آهي. اُميد ڪم کي جاري رکندي ادريس لغاري اسان لاءِ وري اهڙي ئي طرز تي لکيل ڪتاب سامهون آڻي اسان پڙهندڙن جي علم ۾ اضافو ڪندو. سنڌ جي اهڙن لکندڙن لاءِ نيڪ تمنائون.