
دنيا جي سڀني کنڊن ۾ آفريڪا جو کنڊ هڪ الڳ تاريخي حيثيت رکندڙ آهي، ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن جو ته اهو به خيال آهي ته انساني زندگي جي شروعات ئي آفريڪا کان ٿي آهي. هتان جون ريتون رسمون ۽ رهڻي ڪهڻي دنيا جي باقي حصن کان صفا الڳ ٿلڳ ۽ نراليون آهن. اهڙي ريت آفريڪي ادب جو به پنهنجو هڪ الڳ مزاج آهي، چينوا آچيبي کان ويندي گگي وا ٿينگو تائين ۽ بڪر انعام يافته ناول نگار بين اوڪري کان ويندي تازو ئي ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ عبدالرزاق گرناهه تائين آفريڪي ادب سموري دنيا ۾ پاڻ ملهايو آهي.
ان حوالي سان بيٺڪيت پڄاڻان ناول نگار گگي وا ٿينگو وري آچيبي سان گڏ هڪ نمايان حيثيت رکندڙ ناول نگار آهي. چينوا آچيبي هن جي ناول “دي ريور بيٽوين” جي شروعات ۾ هڪ پيغام ڏنو آهي، جنهن مان آفريڪي ادب جي انفراديت جي خبر پئي ٿي. آچيبي لکيو آهي:
“آفريڪا ڏاڍو وڏو کنڊ آهي، جنهن ۾ ثقافتي ۽ ٻولين جي گهڻائي آهي. آفريڪا (کي سمجهڻ) سادو نه آهي- گهڻو ڪري ماڻهو ان کي سادو سجمهندا آهن، ان جي عام سمجهاڻي ڏيندا آهن يا اتان جي ماڻهن کي دقيانوسي نظر (stereotype) سان ڏسن ٿا. پر آفريڪا ڏاڍو ڳتيل آهي. دنيا اڃا هاڻي مس آفريڪا کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي. گذريل پنج سو سالن جي آفريڪا سان يورپ جي رابطي جي ڪري اهڙو ادب تخليق ڪيو ويو، جنهن ۾ آفريڪا کي ناڪاري انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هاڻي آفريڪي ليکڪن لا وقت اچي ويو آهي ته اهي پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائين.
پينگوئن جي آفريڪي ليکڪن واري سيريز آفريڪي ادب ۾ هڪ نئين سگهه آڻيندي. پينگوئن بڪس ان حوالي سان دل سان ڪم ڪري رهيو آهي ته سموري آفريڪي کنڊ جي ڄاتل سڃاتل ليکڪن سان گڏ نون ليکڪن کي به ڇاپي جيئن آفريڪي ادب پڙهندڙن جي هڪ وڏي حلقي تائين پهچي سگهي.
حقيقت ۾ مان ذاتي طور اهو ئي ڏسڻ چاهيان ٿو ته سموري آفريڪا جا ليکڪ پنهنجي سمجهاڻيءَ لا پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ۽ تاريخ ۾ اسان بابت ۽ اسان جون ڪهاڻيون لکن. ادب جو اسان لا سڀ کان وڏو ڪمال اهو آهي ته اهو اسان کي تصور ڪرڻ، انهن حالتن ۽ ماڻهن بابت ڄاڻڻ، جيڪي دنيا جي سڀني ملڪن ۾ صفا الڳ حالتن ۾ رهن ٿا، جي پرک ڏيندو آهي. هن سيريز ذريعي انهن مسئلن ۽ تجربن جي تخليقي ڳولا ٿيندي ۽ انهن کي هڪ پليٽ فارم ڏنو ويندو، جيڪي رڳو آفريڪي شعور جو حصو آهن، اهي رڳو آفريڪا تائين محدود نه رهندا پر ان جي سرحدن کان ٻاهر واري دنيا تائين به پهچندا.
ڪهاڻي ٻڌائڻ (storytelling) انساني تجربي جو تخليقي جز رهيو آهي ۽ دنيا سان پنهنجا تجربا ونڊڻ لا اسان آفريڪا وارن لا ضروري آهي ته اسين پنهنجين ڪهاڻين جي اهميت کي سمجهون. منهنجي لا پينگوئن جي هن سيريز جنهن جو بنياد مشهور هينيمين آفريڪن رائٽرس سيريز تي رکيل آهي، جو حصو ٿيڻ ۽ نون اڀرندڙ ليکڪن کي ان راهه جنهن تي گذريل ڏهاڪن کان مشهور ليکڪ هلن پيا، ڏانهن سڏڻ هڪ اعزاز آهي ۽ اهي پنهنجي لکڻين ذريعي آفريڪي زندگيءَ جي حقيقت جي حوالي سان پنهنجي ڳول، تضاد ۽ سوال جاري رکن ۽ آفريڪي ماڻهن کي اتساهه ڏين ته ان کي ان جي دنيا جي ٻين قومن ۾ پنهنجي حقيقي حيثيت تائين پهچائي سگهن.”
چينوا آچيني جي هن پيغام جو مرڪزي نقطو اهو آهي ته اسان کي پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائڻ گهرجن جيئن دنيا کي سمجهائي سگهون ته اسين ڪير آهيون، ڇو آهيون ۽ ڪير هئاسين. جيڪڏهن اسان بدران اسان جون ڪهاڻيون ٻيو ڪو ٻڌائيندو ته اهو اسان کي دنيا آڏو حقير ڏيکاريندو ۽ اسان بابت دقيانوسي خيالن کي ئي اڳيان وڌائيندو.
پر هتي هڪ سوال اٿي ٿو ته اسان جي پنهنجي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟ اها ڪٿان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿئي ٿي؟ ڇا سياسي ۽ معاشي بحران اسان جي ڪهاڻي آهي، يا هڪ جمهروي سماج جي گهر ڪرڻ اسان جي ڪهاڻي آهي يا ان کان اڳيان ۽ پٺيان به اسان جي ڪا ڪهاڻي آهي؟
مان سمجهان ٿو اسان سڀني جي ڪهاڻي فرد جي آزاديءَ کان شروع ٿئي ٿي، فرد ئي سڀ ڪجهه آهي، فرد کان سوا هر ڪهاڻي بي معنى آهي. فرد کان سوا هر تصور ۽ نظريو کوکلو آهي. سماجي سائنس جو مرڪزي نقطو فرد آهي، ان فرد جي ڪهاڻي بنا جنسي، مذهبي يا نسلي فرق جي ٻڌڻ گهرجي ۽ ان فرد کي اهو حق ڏجي ته هو پنهنجي ڪهاڻي مٿي ڄاڻايل مڙني فرقن بنا پنهنجي انداز ۾ ٻڌائي. فرد کان مٿي نه ڪو نظريو آهي، نه ئي وري ڪو خيال آهي، فرد بنا هر ريتي رواج ۽ رسم اجائي آهي.
هر اهو نظريو جيڪو فرد جي آزادي کي نظرانداز ڪري ٿو، اهو جڙتو ۽ هٿ ٺڪيو آهي. گڏيل سماج کان پهرين ماڻهوءَ جي هڪ انفرادي حيثيت آهي ۽ سماج کي هن جي ان حيثيت کي قبول ڪرڻ گهرجي. منهنجي نظر ۾ فرد جي آزاديءَ جا ٽي اهم نقطا آهن. هڪ کيس ڪو به مذهب يا عقيدو پنهنجائڻ يا ڪنهن به مذهب يا عقيدي کي ڇڏڻ ۽ رد ڪرڻ جي مڪمل آزادي هجي. ٻيو کيس مڪمل جنسي آزادي هجي، سماج هن کي اهو نه ٻڌائي ته ڪهڙو جنسي رشتو فطري آهي ۽ ڪهڙو غيرفطري، هر اهو جنسي طريقو جنهن مان کيس تسڪين ملي اهو ئي هن لا فطري ۽ حقيقي سمجهيو وڃي. ٽيون نقطو فرد جي خانداني ۽ سماجي ڍانچي مان آزادي فرد کي خاندان ۽ سماج جي خوشحالي ۽ ڀلائي واري دقيانوسي عمل کان آزادي ماڻڻ گهرجي، کيس ان قسم جي ٽياس تي نه ٽنگيو وڃي.
مان سمجهان ٿو اها ئي اسان جي حقيقي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پنهنجي طريقي سان ٻڌائڻ لا اسان کي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي.