اتهاس جو الميو آهي. اتهاس جو الميو آهي ته وڏن ڏينهن تي به وڏن طبقن جو قبضو قائم ٿي ويو آهي. سرمائيدار نظام هر خوشي ۽ هر غم کي دولت سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. انڪري ماڻهو عيد جي ڏينهن تي به دل سان مسڪرائي نه ٿا سگهن. عيد ڪيتري نه عذاب جو ڏينهن بڻجي اچي ٿي؟ اهو پڇا ڪريو، ان غريب ماءُ کان جنهن جا ٻار عيد رات مسلسل روئن ٿا ته انهن کي صبح جو پائڻ لاءِ نوان ڪپڙا ناهن. عيد جڏهن ڏيکاءُ ٿي ويندي آهي. وڏا ڏينهن جڏهن نمائش بڻجي ويندا آهن ته پاڻ سان افسوس جا الاهي سارا سبب به آڻيندا آهن. اهو تمام غلط آهي ته عيد جي ڏينهن کي دولت جي نمائش جو ڏينهن بڻايو ويو آهي.
ڪاش! ڪوئي سوچي ها ته ان ڏينهن تي غريب ماڻهو پنهنجي غربت جو تماشو ٿيندي ڪيترو نه رنج ٿيندا؟ پر هن مهل تائين ڪنهن به عدالت ان جو سوئوموٽو نه ورتو آهي. هونءَ ته ضرورت پوڻ تي آڌي رات به عدالت کلي وڃي ٿي پر جنهن به چيف جسٽس ۽ ڪنهن به جسٽس اها هدايت نه ڪئي آهي ته ”جيستائين معاشري مان مڪمل غربت جو خاتمو نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين عيد جي ڏينهن ڪو به نئون لباس نه پائي“ ڇا عيد تي طبقاتي نظام جي تپش کي محسوس ڪرڻ جي لاءِ اهي ريتون رسمون جوڙيون ويون آهن؟ جيڪڏهن نه ته سرمائيداري نظام جي هٿان وڏن ڏينهن جي مارڪيٽنگ واري معاملي کي ڪنهن به رياست ڇو ڪو نه للڪاريو آهي؟ جيڪڏهن رياست جي مٿان ناڻي وارن جو قبضو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ حق ۽ سچ جو اهو آواز اٿارڻ جي لاءِ ڪا انساني حقن واري تنظيم اڳيان ڇو نه ٿي اچي؟
هر عيد هجي ڏينهن غريب گهر عذاب جو شڪار ٿين ٿا. انهن جي مڪمل تصويرڪشي ته ان ادب ذريعي ئي ممڪن آهي، جنهن جو وجود هاڻي صفا سسي ويو آهي. جڏهن ته انساني احساس ۽ جذبا هن دور ۾ وڌي ويا آهن. ڇو ته انسان علم ۽ عقل جي واڌ سبب گهڻو سوچڻ لڳو آهي ۽ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڄڻ هن جي ذات تي تمام گهڻو ظلم ٿي رهيو هجي. غريب ماڻهن جو مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجا ڏک ۽ سور ته ڪنهن طرح سان لڪائي ڇڏين ٿا ۽ هو وڏي حد تائين عذاب سهڻ جا عادي به ٿي ويا آهن. پر هو پنهنجن معصومن کي ڇا ڪن؟ انهن کي ڪيئن سمجهائن ته هي طبقاتي سماج آهي. هتي خوشين تي به مخصوص طبقن جو قبضو آهي. هتي مسرت محسوس ڪرڻ لاءِ دولت گهربل هوندي آهي. اها معاشيات ئي آهي، جيڪا ماڻهن جي غمن ۽ خوشين کي انگن ذريعي ڪنٽرول ڪري ٿي. اهو اقتصادي نظام آهي، جنهن جي ڪري مسڪين ماڻهن جي نيڻن ۾ لڙڪ آهن. اهو سرمائيداريءَ جو سسٽم آهي، جنهن ۾ سمورن انسانن کي هڪجهڙيون سهولتون، سک ۽ سرهايون ملي نه ٿيون سگهن. اهو سسٽم هڪ اهڙو هاٿي آهي، جنهن جي پيرن هيٺان انسان جا جذبا چيڀاٽجي وڃن ٿا. ان سسٽم سبب ماڻهو نه صرف سورن ۾ هجن ٿا پر اهي سورن ۽ پورن کان تنگ اچي پاڻ کي موت جي آغوش ۾ اڇلائين ٿا. ڇا اسان کي ان لاءِ به ڪنهن تحقيق جي ضرورت درپيش آهي ته ڪولهين جون حساس ڪامڻيون آتم هتيا ڇو ٿيون ڪن؟
هي معاملو صرف عيد تائين محدود ناهي. اهو مسئلو صرف مسلمان معاشري جو ناهي. پر جڏهن به هولي ايندي آهي. تڏهن امير ماڻهو رنگن سان راند ڪندا آهن ۽ غريب انهن جي تماشن کي ڏسي ڪڏهن خوش ته ڪڏهن ناخوش ٿيندا آهن. جڏهن به ڏياري ايندي آهي، تڏهن ڪجهه گهرن ۾ ڪنچن جا ديپ جلندا آهن ۽ اڪثر گهر غربت جي گهگهه اونداهيءَ ۾ ٿاٻا کائيندا رهندا آهن.
اهو صرف هندو سماج جو الميو ناهي پر جڏهن عيسائي معاشرن ۾ ايسٽر ايندو آهي يا جڏهن ڪرسمس جو اعلان ٿيندو آهي، تڏهن ڪنهن جي گهر جي وڻن ۾ ته تحفن جا گل ٽڙيل هوندا آهن ۽ مهانگي محبتن جا ميوا لڙڪندا آهن پر ٽين دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ غريب ڪرستان ان رات اکيون ٻوٽي جڏهن يسوع جي آڏو دل سان دعا گهرندا آهن، تڏهن انهن جي پيلن ڳلن تان لڙڪن جون لارون وهي انهن جي پراڻن ڪڙتن ۾ جذب ٿي وينديون آهن. هو ان پيڙا ۾ ان يسوع کي پڪاريندا آهن، جنهن چيو آهي ته غريب خدا جي سلطنت ۾ سڀ کان اڳ ۾ داخل ٿيندا. ڇا غريب جي لاءِ دنيا ۾ خوش ٿيڻ جو ڪوئي به امڪان ڪونهي؟ ڇا سرمائيداريءَ انسانن کان مسرتن جو حق قانون مطابق ڦري ورتو آهي؟ جيڪڏهن اهو ڪجهه ٿيو آهي ته ڇا اهو قانون فطري آهي؟ انسان فطرت جي قانون کي ته ڦيرائي نه ٿو سگهي پر ڇا دنيا جي دستور ۾ تبديلي آڻي نه ٿي سگهجي؟
اڄ عيد جو ڏينهن آهي. اڄ درد جي ديد جو ڏينهن آهي. اهو درد جيڪو ٽي وي شوز ۽ اميرن جي شوباز ڪلچر ۾ نظر نه ايندو؟ دولت مند ته روح جي زخمن تي مهانگن ۽ ريشمي ڪپڙن جو پٽيون ايندا آهن. ان طرح سان انهن جي اذيتن مٿان ڪو نه ڪو پردو پيل هوندو آهي پر غريبن لاءِ عيد جو ڏينهن پنهنجن اندر جي زخمن جي نمائش جو ڏينهن هوندو آهي. جڏهن هوند وارا خوشين ۾ مهڪندا آهن. جڏهن اڻهوند وارا پنهنجو پاڻ کي لوڪ کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هوندا وارا ڪير آهن؟ ڇا هوندا وارا وڌيڪ ايمان وارا آهن؟ ڇا اهي پالڻهار کي وڌيڪ پيارا آهن؟ ڇا اهي وڌيڪ عبادتون ڪن ٿا؟ ڇا انهن جي دروازن تي دولت جا انبار ملائڪ ان مهل ڇڏي ويندا آهن، جڏهن پورو سنسار ستل هوندو آهي؟ اسان ته عام جام اهو ئي ڏٺو آهي ته الله سائين جي عبادت غريب وڌيڪ ڪن ٿا. انهن ۾ خدا جو خوف وڌيڪ هجي ٿو. پر پوءِ به هو خوشين تائين پهچي نه ٿا سگهن. ڇو ته هو هوند وارا نه هجن. هوند وارا ٿيڻ لاءِ هوشياري بنيادي شرط هجي ٿي. جيڪي هوشيار آهن. جيڪي چالاڪ آهن. جيڪي عيار آهن. جيڪي مڪار آهن. اهي ٿوري محنت ڪري گهڻو پسئو ڪمائن ٿا. پر جيڪي سادا آهن. جيڪي اٻوجهه آهن. جيڪي ايماندار آهن. جيڪي احساس وارا ۽ انسان دوست آهن. اهي گهڻي محنت جي باوجود به تمام ٿورو ڪمائن ٿا. ايترو ٿورو جو انهن جي گهرن جون بنيادي ضرورتون به پوريون نه ٿيون ٿي سگهن. جڏهن ته خوشين جي وادي بنيادي ضرورتن واري سرحد کان پوءِ ايندي آهي. جڏهن ڪوئي ڪٽنب پنهنجيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري وٺندو آهي، تڏهن هن جو اڳيون قدم خوشين جي طرف هوندو آهي. خوشين جا گلاب غريب جي ڪنڊن ۾ نه ٽڙندا آهن. خوشيون غربت جي سرحد ڪراس ڪري نه سگهنديون آهن. صرف انسان ئي اها اذيت نه ٿو ڀوڳي پر مسرتون به اهو درد محسوس ڪن ٿيون ته اهي غريب گهرن ۾ داخل ٿي نه ٿيون سگهن.
حيرت آهي، انهن حڪمرانن تي، جن جا ٻار ۽ جن جي ٻارن جا ٻار سونن رانديڪن سان کيڏن ٿا ۽ اهي عيد جي موقعي تي ان قوم کي مبارڪون ڏين ٿا، جنهن قوم جي اڪثريت تمام گهڻي تڪليف ۾ هوندي آهي. جنهن قوم جي گهڻن ۽ تمام گهڻن گهرن ۾ عيد جي ڏينهن به اهڙو ٻوڙ نه پچندو آهي، جنهن کي کائڻ کان پوءِ پوري سال جي بک ختم ٿيندي محسوس ٿيندي آهي.
انسان هن معاشري ۾ مسرت سان ملي هم آغوش ڪيئن ٿي سگهي ٿو. انسانن ۽ خوشين جي وچ ۾ اهي صاف شفاف شيشا آهن، جن ۾ قيمتي ڪپڙا قيد آهن ۽ اهي انهن بتن کي پهريل آهن، جن جي سينن ۾ ڪا به دل ناهي. جن جي اکين ۾ ڪا جوت ڪونهي. جن ۾ احساس هجي ها ته هو ڪاوا ٽوڙي پنهنجا لباس غريبن ۾ ورڇن ۽ ورهائين ها. عيد جي شاپنگ ته جيئري شمشان مان گذرڻ جو تجربو آهي. جڏهن پرڪشش شيون قيدي هجن ۽ غريب انسان صرف حسرت ڀريل اکين سان انهن کي تڪيندو وڃي. ڇا انسانيت جي ان کان وڌيڪ توهين ممڪن آهي ته معصوم ٻار معصوم خواهش پوري ٿيڻ لاءِ رڙندو هجي يا هي معاشرو ٻوڙو بڻجي ويندو هجي ۽ ان جي هڪ صدا نه سڻي، جنهن جي کيسي ۾ نوٽ ناهن.
عيد ته هڪ وچن ۽ هڪ واعدو آهي. عيد ته ان مسرت خوشيءَ جو پيغام آهي، جنهن تي ڪنهن به امير ڪلاس جو قبضو نه هجڻ گهرجي. پر ”هجڻ ۽ گهرجڻ“ ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي. هر خواب جي مقدر ۾ آزادي نه هوندي آهي. اڪثر خواب ننڊ وارن نيڻن مان نڪري به نه سگهندا آهن. خواب اکين جي اذيت گاهن ۾ تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. انسان پنهنجي حصي جون خوشيون به ماڻي نه ٿو سگهي. انسان جي دل ۾ صرف تمنائن جو تهه خانو آهي. پر جڏهن عيد جهڙا وڏا وڏا ڏينهن اچن ٿا، تڏهن تمنائن جا ٻار روئيندا رڙندا ٻاهر اچي وڃن ٿا ۽ ڪنهن جي به هڪ نه ٿا ٻڌن. هو مسلسل ضد ڪندا رهن ٿا. هو اهو پڇا ڪندا رهن ٿا ته انهن جي حصي جون خوشيون ڪٿي آهن.
هو جيڪي تمام مشڪل سوال پڇا ڪن ٿا. هو چون ٿا ته عيد اچي وئي آهي پر اسان جون اهي خوشيون ڪٿي آهن؟ جيڪي اسان کي انگ ڍڪڻ ۽ پيٽ ڀرڻ جي حوالي سان ملڻيون هيون؟ ان سوال جو جواب هن ملڪ جي ته ڇا پر هن وقت سڄي دنيا جي سياست به نه ٿي ڏئي سگهي. ڇوته وڏن ڏينهن جي مٿان سرمائيدار نظام جو قاتل قبضو آهي ۽ قانون غريب جو نه پر اميرن جو طرفدار آهي. اهڙي صورت ۾ ڪوئي لڙڪ لاڙڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ جڏهن هن جي ڪنهن به آدرشي سوال جو هن کي ڪو به جواب حاصل ٿي نه سگهي ته پوءِ ڇا هن کي اهو حق به حاصل نه هجڻ گهرجي ته هو هڪ عام سوال پڇا ڪري؟
اهو سوال ته اها عيد ڪڏهن ايندي؟ جنهن عيد تي خوشيون ماڻڻ جو حق هر ماڻهوءَ کي هوندو. ان عيد اچڻ جو واعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ جڏهن هر انسان پنهنجي پنهنجي انداز سان خوشين سان هم آغوش هوندو.
هيءَ عيد ته رسمي آهي. هيءَ عيد ته دولت جي قيدي آهي. هن عيد جي ڪاراين ۾ سون جون هٿڪڙيون پيل آهن.
اسان پڇون ٿا ته ”آزاد عيد ڪڏهن ايندي؟“